• سنڌ سلامت پارانسنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي III
ڪجهه ڄاڻو دوستن ٻڌايو ته سنڌي ٻولي کي اي ميل ۽ انٽرنيٽ تي آڻڻ جي سلسلي ۾ مائيڪرو سافٽ وارن پاڻ مرادو قدم کنيا آهن. جنهن ۾ سنڌي ٻولي اختياري جو عمل دخل ناهي. مون ڪڏهن به ڪٿي به اهو نه چيو هو ته اهو سمورو ڪم سنڌي ٻولي اختياري وارن جو آهي. مون ته فقط ايترو عرض ڪيو هو ته ڀرڳڙي صاحب اياز شاهه ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽي سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر وسيلي اي ميل ۽ انٽرنيٽ تي آڻڻ لاءِ “مائيڪرو سافٽ” ڪمپني سان لهه وچڙ ۾ آهن.
ڪجهه دوستن فون ڪري چيو ته ٽماهي سنڌي ٻولي جي جولاءِ – ڊسمبر 2001ع واري شماري ۾ اٿارٽي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي جو هڪ سو کان به وڌيڪ جاين تي نالو آيو آهي. مون ڳڻپ ته نه ڪئي پر فون اچڻ کان پوءِ پرچي جو جائزو ورتم ته مون کي ائين لڳو ته برابر هڪ شخص جو نالو ضرورت کان وڌيڪ ورجايل آهي. تنهن لاءِ ٻگهئي صاحب کي گذارش ڪبي ته ٽماهي “سنڌي ٻولي جي شمارن کي پاڪستان ٽيليويزن جو خبرنامو” ٿيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جنهن ۾ صدر يا وزير اعظم کان ڳالهه شروع ٿي ان تي ئي ختم ٿي ويندي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن کي پاڪستاني خبرنامي تي ويساهه نه ايندو آهي ۽ پوءِ اهي غير ملڪي چينل جهڙوڪ CNN يا BBC ڏسندا آهن. جيڪڏهن اٿارٽي جي خبرنامي کي شخصيت اجاگر ڪرڻ جو ذريعو بڻايو ويو ته پوءِ مون جهڙا عام ماڻهو ٻين ذريعن کان خبرچار وٺندا رهندا ۽ افواهه ائين ئي جنم وٺندا. انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي ته:
Please do not write your names on the walls. If you are good enough, we will remember you.
(مهرباني ڪري پنهنجا نالا ديوارن تي نه لکو جيڪڏهن توهان چڱا هوندؤ ته اسان توهان کي پاڻهي ياد رکنداسين.)
اٿارٽي قائم ڪرڻ جا باقي جيڪي مقصد آهن. انهن تي ڪم ٿي رهيو آهي. مثال طور ريڊيو ۽ ٽي وي ڏانهن ٻه خط اماڻيا ويا آهن ته هڪ ته سنڌي پروگرامن جو وقت وڌايو وڃي ۽ ٻيو ته سنڌي ٻولي جو استعمال معياري ڪيو وڃي.
سنڌي ٻولي جو معياري استعمال واقعي هڪ اهم مسئلو آهي. سنڌي ٻولي کي بگاڙڻ ۾ سنڌي اخبارن جو به وڏو ڪردار آهي. ٿورڙي پگهار تي ڪم ڪندڙ نوجوانن کي سنڌي معياري ٻولي لکڻ نه ٿي اچي ۽ “مڙئي ڪم هلايو” جي اصول تي سنڌي اخبارون معياري سنڌي ٻولي تي ڌيان نه ٿيون ڏين. حد ته اها آهي جو هڪ سنڌي اخبار ۾ هڪ هنڌ مون پڙهيو “شهزادي ڊائنا شاهي خاندان جي معيار تي پورو “اترندي” اردو لفظ “اتريگي” جو سنڌي ترجمو “اترندي” ڪري هلايو ويو. اردو لفظن کي جيئن جو تيئن سنڌي ۾ لکي سنڌي ٻولي کي خراب ڪيو پيو وڃي لفظ ڳڻائبا ته گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي. هڪ ٻيو لفظ جيڪو سنڌي اخبارون عام هلائن ٿيون سي هي “مبينا” هاڻي اهو مبينا الائي ڇا آهي، مون کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
اسم خاص کي پنهنجي صوتياتي سهولت آڌار استعمال ڪرڻ جي خوبي فقط سنڌي ٻولي ۾ ئي آهي ۽ اها خاص “لچڪ” جيڪا فقط سنڌي ٻولي ۾ آهي، تنهن کي پڻ خراب ڪيو ۽ بگاڙيو پيو وڃي. مثال طور شهر آهي “مورو” دنيا جي هر ٻولي ۾ ان کي مورو ئي لکبو. مثال انگريزي ۾ چئبو I am going to “Moro” اردو ۾ چئبو “مين مورو جارها هون” پر سنڌي ۾ چئبو “مان موري ٿو وڃان” توهان ڏٺو ته اسم خاص “مورو” “موري” ۾ بدلجي ويو اها واحد خصوصيت سنڌي ٻولي ۾ آهي پر اسان جون اخبارون ان کي به بگاڙي اردو واري انداز ۾ لکي رهيون آهن.
سنڌي ٻولي اختياري اهو ڪم به ضرور ڪندي ته روزانو شايع ٿيندڙ سنڌي اخبارن جو تنقيدي مطالعو ڪيو وڃي ۽ اخبارن ۾ استعمال ٿيندڙ غلط لفظن ۽ محاورن ۽ معياري سنڌي ٻولي استعمال ڪرڻ لاءِ مستقل بنيادن تي سنڌي اخبارن جي رهنمائي ڪئي وڃي. ان لاءِ ضروري ڪونهي ته “سنڌي ٻولي اٿارٽي جو عملو ئي اهو ڪم ڪري. ان ۾ علمي ادبي ادارن جهڙوڪ لطيف چيئر، سچل چيئر سان اعزازي بنيادن تي اتحاد ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. يونيورسٽين جي سنڌي شعبن سان رابطي ۾ رهجي ۽ انفرادي طور تي سنڌي ٻولي جي ڄاڻن ۽ ماهرن کان به اعزازي طور تي مدد وٺي سگهجي ٿي.
موٽي ٿا اچون سنڌي ٻولي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي مقصدن تي. انهن مقصدن ۾ هڪ مقصد هي به لکيل آهي. “بنيادي پٿرن، نقشن، نالي وارين تختين، رستن جي پٿرن جاين ۽ ماڳن جا نالا سنڌي ۾ لکڻ”.
يعني هڪ روڊ جو نالو آهي “شهيد ضياءالحق روڊ” ته اسان ان کي سنڌي ۾ لکنداسين. ٻي روڊ جو نالو آهي “مسرور حسن روڊ” اهو اسان سنڌي ۾ لکنداسين؟!
ان سلسلي ۾ برک شاعر ليکڪ اديب ۽ ڪالم نگار جناب “قمر شهباز” جو ڪالهه عوامي آواز ۾ لکيل ڪلام “ڄڃ پرائي” پڙهڻ کپي ۽ پوءِ سمجهڻ کپي ته نه فقط روڊن رستن جا نالا ۽ تختيون سنڌيءَ ۾ لکائڻيون آهن پر سنڌي ٻولي اختياري کي اها جدوجهد به ڪرڻي پوندي ته روڊن رستن ۽ ماڳن مڪانن جا نالا سنڌي امر اديبن ۽ شاعرن توڙي جنگي جو ڌن پويان رکيا وڃن ان ڪالم ۾ قمر شهباز جذباتي انداز ۾ پر صحيح ڳالهيون ڪيون آهن. مثال طور هن ٻڌايو آهي ته ڪلفٽن پل جو نالو “شيخ اياز” جي پٺيان رکڻ جي هن رٿ ڏني آهي. ڇو ته ان پل جي پاسي سان سنڌ جي برک ۽ ڀٽائي کان بعد سنڌ جي سڀ کان وڏي شاعر جي رهائش آهي. قمر شهباز جي جائز طور تي شڪايت آهي ته سندس ان مطالبي جي پوئواري ۾ سنڌ جي ڪنهن به شاعر اديب ڪجهه نه ڳالهايو. ان کان سواءِ ڪراچي جي روڊن جي سنڌي نالن جهڙوڪ لالو کيت کي لياقت آباد وغيره ۾ مٽايو وڃي ٿو يا “سوپاري والا”، “پان والا”، “ڪٿي والا گهٽڪي والا” رکيا ٿا وڃن قمر شهباز اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته صدر جي “پريڊي اسٽريٽ” جو نالو مٽايو پيو وڃي. ظاهر آهي ته اهو سمورو ڪم سنڌي ٻولي اٿارٽي نه ڪري سگهندي پر سنڌي علمي ادبي ادارن، سنڌي جي نالي ۾ ٺهيل باڊين جهڙوڪ سنڌي ادبي سنگت ورلڊ سنڌي ڪانگريس ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ انفرادي توڙي اجتماعي طور تي سنڌي اديبن سان رابطا ڪري انهن کي تحرڪ ۾ آڻڻو پوندو ۽ نه فقط روڊن رستن جا نالا سنڌي ۾ لکڻا آهن پر انهن روڊن توڙي ماڳن مڪانن کي سنڌي ناليوارن مردن/ عورتن پٺيان رکڻ لاءِ جدوجهد پڻ ڪرڻي پوندي.
تازو مون اخبارن ۾ پڙهيو هو ته قائداعظم محمد علي جناح جي “جهرڪن” ۾ ڄمڻ جا ثبوت اسڪول جو رجسٽر وغيره سنڌ جي بدنام “ويري” اڳوڻي حيدرآباد جي ڪمشنر ۽ چوٿين مارچ وارن خوني واقعن جي ذميوار خبيث مسرور حسن کڻائي غائب ڪري ڇڏيا آهن. ان تي تازو جهرڪن ۾ ڪو سيمينار به ٿيو هو. قائداعظم محمد علي جناح ڪو جهڙو تهڙو ماڻهو ڪو نه هو. هو سنڌي هو ۽ وڏي پايي جو وڪيل هو جنهن هڪ ڏينهن به جيل ۾ وڃڻ کان سواءِ “پاڪستان” قائم ڪيو هي معاملو بحث طلب آهي ته سڄي عمر جيل ۾ رهي ڪري ڪنهن سنڌ کي ڇا ڏنو.؟ يا هڪ ڏينهن به جيل ۾ رهڻ کان سواءِ ڪوئي ايڏو وڏو ڪارنامو ڪري سگهي ٿو. مقصد آهي ته اسان سنڌين کي اهو جهيڙو توڙ تائين نڀائڻو پوندو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جو ڄم جو هنڌ “جهرڪ” ئي لکائڻو پوندو. انهن ڳالهين تي “ڳت” ڏيڻي پوندي نه ته بقول قمر شهباز اسان جا شهر، ماڳ مڪان، روڊ رستا اسان جي هٿن مان واريءَ جيان ترڪي ويندا.
عوامي آواز- 11 فيبروري 2002ع