ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5869
  • 745
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• آذربائيجان جو سفر III

اڳئين ڪالم ۾ اسان اڃان دبئي ۾ ئي هئاسين. رات جو ڪجهه گهمياسون ڦرياسون. ڪڏهن ڪنهن ڪيفي ۾ ويهي چانهه پيتيسون. ايئرپورٽ ۾ ايئرڪنڊيشن جي ٿڌ ڪجهه سرسُ هئي. مون کي ته فل سوٽ پهريل هو جو ڪجهه بچاءُ ٿيو. باقي منهنجي گهر وارن کي سيءَ اچي ورايو، اصل ڏڪيا ٿي. وٽن گرم ڪپڙا به نه هئا. ڇو ته ڪراچي جي گرمي جا تپايل هئاسين ۽ باڪو جي به پڇا ڪئيسين ته خبر پئي ته اتي به موسم خوشگوار آهي، تنهنڪري سفر لاءِ گرم ڪپڙا ڪونه کنيا هئاسين، پر اهو ڪونه سوچيو هئوسين ته رات دبئي ايئرپورٽ تي گذارڻي آهي. جتي ايئرڪنڊيشن جي ٿڌ ستائيندي. خير هڪ ريسٽ ايريا ۾ سمهي آرام ڪيوسين.
هڪ ڳالهه ٻڌائڻ وسري ويئي. اسان جڏهن دبئي ايئرپورٽ تي لٿا هئاسون ته اندر ڊيوٽي فري شاپ علائقي تائين پهچڻ کان اڳ ٽرانسفر ڊيسڪ تي اسان کان پڇا ڪئي ويئي ته ڪيڏانهن ويندا؟ ٻڌايوسين ته باڪو وينداسين. پوءِ اسان جا باڪو جا ويزا چيڪ ڪيا ويا. تنهن کان پوءِ دبئي کان تهران تائين جون ڪنفرم ٽڪيٽون چيڪ ڪيون ويون. پوءِ اسان کي هڪ سلپ جاري ڪئي ويئي، جنهن تي لکيل هو ته صبوح جو ساڍي ڇهين وڳي ساڳي ڪائونٽر تي رپورٽ ڪريون. اهڙيءَ طرح رات جو آرام ڪري صبوح جو ساڍي ڇهين وڳي ساڳي ڪائونٽر تي رپورٽ ڪيم. حالانڪه اسان وٽ ايران ايئر جون ٽڪيٽون هيون، پر ڪائونٽر تي ايران ايئر جو عملو ڪونه هو. اتي ڊناٽا دبئي ايرپورٽ جي هڪ هينڊلنگ ايجنسي آهي، جيڪا مسافرن جي هينڊلنگ ڪندي آهي. ڪائونٽر واري اسٽاف تهران جا بورڊنگ ڪارڊ ڪڍي ڏنا. پڇا ڪيم ته منهنجو سامان ٽرانسفر ٿيو آهي. چيڪ ڪري ٻڌايو ويو ته ها سامان ٽرانسفر ٿي چڪو آهي. سفر ڪندڙن جي معلومات لاءِ ٻڌائي ڇڏيان ته سفر ۾ جيڪڏهن ٻه ٽي جهاز مٽائڻا آهن ۽ سامان آخري منزل تي حاصل ڪرڻو آهي ته جهاز مٽائڻ کان اڳ ۾ ايئرلائن جي عملي کان پڇي اها پڪ ضرور ڪجي ته توهان جو سامان هڪ جهاز کان ٻئي جهاز ڏانهن منتقل ٿيو آهي يا نه؟ اهو نه سمجھجي ته ڪو سامان پاڻهي پيو منتقل ٿيندو رهندو. توڙي جو آهي ائين ئي ته سامان خود به خود منتقل ٿيندو رهندو آهي پر سفر جو اهو گُر توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته پاڻ لازمي پڇي پڪ ڪرڻ کپي ته توهان جو سامان هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تائين منتقل ٿيو يا نه؟ ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن سامان رهجي به ويندو آهي ۽ پوءِ وري ڪنهن ٻي فلائٽ ۾ موڪلي ڏيندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ سفر جو مزو ئي ختم ٿي ويندو آهي ۽ اهو ڊپ لڳو پيو هوندو آهي ته سامان ملندو الائي نه؟
خير سائين چڙهي ويٺاسين ايران ايئرلائن تي. ٻن اڍائي ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ خير سان ايران جي مهر آباد هوائي اڏي تي اچي لٿاسين. هن ايئرپورٽ تي مون سان جيڪا جُٺ ٿي سو به وڏو احوال آهي. دنيا جي هر ايئرپورٽ تي هڪ ٽرانسفر ڊيسڪ هوندي آهي، جن مسافرن کي پنهنجو سفر جاري رکڻو هوندو آهي ۽ هڪ جهاز کان ٻئي جهاز ۾ سوار ٿيڻو هوندو آهي ۽ انهن جو سامان به هڪ جهاز کان ٻئي جهاز ۾ منتقل ٿيڻو هوندو آهي اهو سڄو ڪم ٽرانسفر ڊيسڪ تي ٿيندو آهي. مهرآباد ايئرپورٽ تي ٽرانسفر ڊيسڪ لاءِ ڏاڍو واجهايم پر ڪٿي به تختي يا ڪو بورڊ نظر ئي نه اچي. ايئرپورٽ تي ڪا چهل پهل يا رونڪ نظر نه هجي. سنسان لڳو پيو هجي. اچي ڦاٿس. عملي جي جنهن ماڻهوءَ سان ڳالهايان، اهو يا ته منهنجي ڳالهه ئي نه ٻڌي يا ٻڌي ته سمجهي ڪونه. مهرآباد ايئرپورٽ تي عملي جون ڇوڪريون به گهڻيئي پيون گهميون، منهن کليل باقي جسم تي ڪاري برقعي نما ڪپڙا تن تي اوڍيل هئا. ٻن ڇوڪرين کي بيهاري ڇڏيم. کين ٻڌايم ته ٽن ڪلاڪن کان پوءِ مون کي ايران ايئر تي باڪو وڃڻو آهي، تنهن مون لاءِ کي تهران کان باڪو جا بورڊنگ ڪارڊ کپن، سامان به منتقل ٿيڻو آهي، ڪاڏي وڃان. ڪنهن کان پڇان هت ته ڪوبه ٽرانسفر ڪائونٽر يا ڊيسڪ ڪانهي. ڇوڪريون به اچي منجهيون ۽ ڦاٿيون. مان انهن جو اڳ جهلي بيهي رهيس ۽ سندن جان نه پئي ڇڏيم. ايتري ۾ يونيفارم ۾ هڪ ڇوڪرو لنگهيو. ٻنهي ڇوڪرين رڙ ڪري ان کي روڪيو. تنهن کي احوال ٻڌايم. هن چيو ته ٽڪٽون ۽ پاسپورٽ منهنجي حوالي ڪري ڇڏ. اهڙيءَ طرح هو منهنجون ٽڪٽون ۽ پاسپورٽ کڻي هليو ويو. هاڻي اسان ماٺ ڪري ويٺا آهيون. اڌ ڪلاڪ گذريو. ڪلاڪ گذريو. ڏيڍ ڪلاڪ گذريو. اسان حيران ۽ پريشان. اسان جي ڀرسان ٻه چينا ويٺا هئا، انهن مون کان پڇيو ته پريشان ڇو ٿو نظر اچين؟ مون چيو يار هڪ همراهه پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون کڻي غائب ٿي ويو آهي تنهن کي ٻه ڪلاڪ ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي چينا کلي پيا. هُنن ٻُڌايو ته اسان جا پاسپورٽ ۽ ٽڪٽون به کڻي ويا آهن. اهي چينا سنگاپور کان آيل هئا، جتي چانگي انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهي. سنگاپور ۾ مان چار سال کن پوسٽنگ ڪري آيو آهيان مون کي خبر آهي ته ان ايئرپورٽ کي هر سال پهريون انعام ملندو هو. انعام فقط سهڻي بلڊنگ کي نه ملندو آهي. انعام ملڻ لاءِ جيڪي شيون ڏٺيون وينديون آهن، سي آهن ته مسافرن کي ڪهڙيون سهولتون ملن ٿيون. سامان ڪيترو تڪڙو ملي ٿو. اميگريشن جون ڪاروايون ڪيترو جلد ٿين ٿيون. مطلب ته سڄو زور هوندو آهي مسافرن جي سهولت ۽ آرام تي. سينگاپور جي سڄي ڪمائي سير ۽ سياحت تي ٻڌل آهي. ان ملڪ وٽ پاڻي ۽ سبزيون، ڀاڄيون ۽ گوشت به ٻاهران اچي ٿو. پر هن وقت ان ملڪ جو هڪ وقار آهي. جنهن وٽ سنگاپور جو پاسپورٽ آهي، تنهن کي تقريبن سڄي دنيا ۾ ويزي جي ضرورت نه هوندي آهي. سو ڳالهه پئي ڪيم ته چينين به چيو ته يار اسان جا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون به ڪو کڻي ويو آهي، اڃان ڪونه موٽيو آهي. ايئرپورٽ تي ڪابه ٽرانسفر ڊيسڪ ڪانهي. توهان جي مسلمانن جا اهي حال آهن ته پوءِ ڪير ايندو هتي. ايئر پورٽ تي هڪ ڊيوٽي فري شاپ به هيو. چئو جو ڪو هڪ ماڻهو به ڊيوٽي فري شاپ تان خريداري ڪندو هجي. سنسان لڳو پيو هيو. ڪو هڪ به خريدار نظر نه پئي آيو. مون کي فيض احمد فيض جو هڪ شعر ذهن تي تري آيو:
اپني ويران ڪواڙون ڪو مقفل ڪردو،
اب يهان ڪوئي نهين، ڪوئي نهين آئي گا.!!
باڪو جي فلائيٽ رواني ٿيڻ ۾ باقي اڌ ڪلاڪ بچيو ته هڪ ورديءَ وارو اسان جي ويجهو آيو ۽ پڇيائين ته توهان هت ڇو ويٺا آهيو. اسان پنهنجي ماجرا ٻڌائي. هن چيو ته منهنجي ڪڍ اچو. چار اسان ۽ ٻه چينا هن جي ڪڍ لڳاسين. ٽرمينل هڪ تي وٺي ويو ۽ چيائين ته هتي ويهو، مان توهان جا پاسپورٽ، ٽڪيٽون ۽ بورڊنگ ڪارڊ کڻي ٿو اچان. نيٺ خدا خدا ڪري اسان جا پاسپورٽ، ٽڪيٽون ۽ بورڊنگ ڪارڊ کڻي آيو.کانئس پنهنجي سامان جي منتقلي بابت پڇيم. هن چيو ته سامان منتقل ٿي چڪو آهي. بهرحال چينين جا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون اڃان کڻي نه آيو هو. جهاز جي بورڊنگ شروع ٿي چڪي هئي. خير سان اسان جي ساهه ۾ ساهه آيو. اندازو ڪريو ته اهي ٽي ڪلاڪ ايڏي ته پريشاني ۽ غيريقيني صورتحال ۾ گذريا جنهن جي ڳالهه نه پڇو. اسان دبئي ايئرپورٽ تان به گذريا هئاسون، اتي هر ڪم آساني سان ٿيو. ايران جو به وڏو زور اسلام تي هوندو آهي ڇا اسلام اهو سيکاريو آهي ته مسافرن سان ايئرپورٽ تي اهڙيون جٺيون ڪجن جو انهن جو ساهه ئي پيٽ ۾ نه هجي. اسان غيرمسلم يا ڪافر سان ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني چٽاڀيٽي ڪنداسيون. ڇا اسلام فقط نمازون پڙهڻ ۽ ڊگهيون ڏاڙهيون ڇڏڻ جو نالو آهي؟ هي جو چون ٿا ته اسلام مڪمل ضابطه حيات آهي ته ڇا ايئرپورٽن تي مسافرن جي سهولتن جو خيال نه رکڻ ان اسلامي ضابطه حيات جي زمري ۾ شامل ناهي؟ مسلمان قوم اڄ جنهن ذلت ۽ رسوائي جي دؤر مان گذري رهي آهي ان ۾ اسان جي ڪوتاهه نظر ملن جو وڏو هٿ آهي. جيڪي مذهبن جي نظرين کي سمجهن ئي ڪونه ٿا ۽ جيڪي دنوي معاملات جي پيچيدگين کي نه ٿا سمجهن. جيڪي معاشيات جي معاملن کي نٿا سمجهن. جيڪي هن دنيا کي ڪمتر سمجهن ٿا ۽ سندن سڄو زور حورن جي طرف آهي. حورون ته جڏهن ملن. الائي ملن به الائي ڪونه. انهن حورن جي آسري تي اسان پنهنجي سامهون هلندڙ ڦرندڙ حورن کي نظرانداز ڪري ويٺا آهيون. جيڪا قوم هن دنيا کي ڪمتر ۽ احقر سمجهي ٿي ۽ جنهن قوم جو سڄو زور اڳوتر سنوارڻ ۽ حورن کي حاصل ڪرڻ ۾ هجي. اهي قومون جيڪڏهن اڄ اسرائيل ۽ آمريڪا هٿان ذليل ۽ خوار آهن ته ڀائرو ان ۾ نه اسرائيل جو ڏوهه آهي نه وري آمريڪا جو ڏوهه آهي. ان ۾ اسان جو پنهنجو ڏوهه آهي.آهي يا ناهي؟ اسان هڪ دعا گهرندا آهيون : رَبنَا آتنا في الدنيا حسنت و في الآخرت حسنت وَ قِنا عذاب النار. (اي منهنجا رب اسان کي دنيا ۾ به سهڻو رک ۽ آخرت ۾ به سهڻو رک ۽ دوزخ جي باهه کان بچائجانءَ.)
ته هاڻ سنئون سڌو دعا ۾ آهي ته هن دنيا ۾ سهڻو رکجانءِ ته آخرت ۾ به سهڻو رکجانءِ. پر ملن مولوين دنيا ۾ پنهنجي ڪهڙي حالت ڪئي آهي. رڳو وار باقي خير.
سو الله الله ڪري ٻن اڍائي ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اچي باڪو جي هوائي اڏي تي پهتاسين. جتي هڪ وي آئي پي ڪوچ اسان جي انتظار ۾ بيٺل هو. اسان کي وي آئي پي لائونچ ۾ پهچايو ويو جتي فيض، حسنه، انيتا ۽ طارق اسان جي آجيان لاءِ موجود هئا. پوءِ وڏا ڀاڪر ۽ وڏا آجياڻا ٿيا. خاص طور تي منهنجي ٻارن ۽ فيض جي ٻارن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي.

روزانه عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 24 جون 2003ع