ڪالم / مضمون

يادگيرين جا البم

هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5869
  • 745
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book يادگيرين جا البم

• هو جي رنگ رنگين، سي کنڀ کڻي ويا، اتاهون آڻين، ماڻهو ميرا ڪپڙا !

هي برابر آهي جيئن چيو وڃي ٿو ته ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي ته چڱن پٺيان چٽو الائجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو اهڙائي افعال بڇڙا هيس. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته زماني جي لاهين چاڙهين کان گذريو ضرور آهي، پر نه سڌريو آهي نه ڪو سبق سکيو اٿائين. ڪم سدائين ڪاٺ پوڻ جهڙا ۽ ڀٽڪا. مون کي نه سجهي ته زندگي سڦلي ڪرڻ لاءِ ڪا صحيح سيڙپ ڪيائين. ننڍپڻ گذريس حرڪت بازي، شرارت ۽ شيطان گيرين ۾ . جواني گنوايائين عشق، جوئا ۽ مجرن ۾. جڏهن جک ماري ٿڪجي ساڻو ٿي عمر جي آخري موڙ تي آيو ته امالڪ موٽ کاڌائين. سڀ شونق شغل ڇڏي ڏنائين. چوي ته رب راضي آهي جو کيس دکي دل ملي آهي. اڙي مورک! ماڻهن وٽ تنهنجيون جنم پتريون سانڍيل آهي. ڊڄ انهيءَ ڏينهن کان جڏهن تنهنجا پرڪار پڌرا ٿيندا ته تون ڪهڙو چڱو مڙس هئين ۽ آهين. آسمان ڀلي توکي نوازي ۽ بخشي به ڇڏي، پر ڌرتيءَ وارا ڪنهن کي ٽڪو به حساب بخشيندا آهين ڇا؟ تون ڀلي ڪتاب لکي پيو ماڻهن کي متاثر ڪر، ڄڻ ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته ٻين جا خيال ۽ فڪر چورائي ويٺو ڪاغذ ڪارا ڪرين!
وري ڪتاب جو نالو رکيو اٿائين، “ڄام ڄاموٽ ڄامڙا” ڄاموٽ ۽ ڄامڙا ته ڪتاب ۾ ظاهر ٿاڏسجن پر ڄامڙا ته ڪٿي به نظر ڪونه ٿا اچن؟ ڇا ائين ته نه آهي ته اصل ڄامڙو ڪتاب جو ليکڪ پاڻ هجي. (سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي علي احمد بروهي 4 اپريل 1984ع)
دوستو توهان سمجهو ٿا ته مون جهڙو ۽ غير اهم شاعر يا ليکڪ پنهنجي محسن مربي محسن لاءِ هي اکر چئي سگهي ٿو؟ جيڪو مون هينئر اوهان آڏو پڙهي ٻڌايا آهن. يا ڪنهن ٻئي کي اهڙي جرئت ٿي سگهي ٿي. دوستو اهي لفظ خود بروهي صاحب جا پنهنجو پاڻ لاءِ لکيل آهن. سندس ڪتاب “ڄام ڄاموٽ ڄامڙا” جي مهاڳ طور. “ آئون ۽ علي احمد” ۾ پنهنجو پاڻ لاءِ اهو لکو اٿس. مهاڳ تي ڇهه اپريل 1986 لکيل آهي. اڃا انهن کان به وڌيڪ گٿا ۽ پاڻ کي برو بڇڙو ۽ خوار ڪرڻ لاءِ اهڙا لفظ پاڻ لاءِ لکيو اٿائين جو سندس غيرموجودگيءَ ۾ مون کان هن لاءِ چيا ۽ پڙهيا نٿا وڃن. پر اڄ مان اهي لفظ توهان کي آخر پڙهي ڇو ٿو ٻڌايان. دوستو چوندا آهن ته “ توهر درويش- برجان درويش” مست ملنگ کي جڏهن غصو ايندو آهي ته پنهنجو ئي مٿو پاڻ ڦاڙيندو آهي. آهي ڪنهن ۾ همت ته پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪتاب ۾ ايترو برو چوي. ۽ هيٺ ڪيرائي. خسيس ۽ ڇسا اديب به ڀٽائيءَ ۽ اياز ۾ غلطيون ڪڍيون بيٺا آهن. جن جا پنهنجا شعر به وزن ۽ بحر ۾ پورا ناهن ۽ جيڪڏهن ڪو کين ٻڌائي ته سائين توهان جي فلاڻي تخليق ۾ فلاڻو جهول آهي ته پاڻيءَ کان نڪتا پيا ويندا. بروهي صاحب جو اهو تڪڙو پڙهي ٻڌائڻ جو مقصد هو ته جيڪو پاڻ کي گهٽ انسان سمجهندو آهي ۽ پاڻ کي ڪيرائيندو آهي اهو عظيم انسان هوندو آهي ۽ جيڪو پاڻ کي پڏائيندو آهي ۽ پاڻ کي طورزن خان سمجهندو آهي اهو خالي ۽ کوکلو هوندو آهي.
اڄ جڏهن مان سوچيان ٿو ته مون ۾ ۽ بروهي ۾ جو ايڏو گهرو تعلق هو. ايڏو قرب ۽ پيار هو ته اسان ۾ مشترڪ قدر ڪهڙا هئا. اسان جي قربت جا سبب ڪهڙا هئا. منهنجي دل ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير لاءِ سدائين نرم گوشو رهيو آهي. جڏهن ته بروهي صاحب وٽ ڀٽن لاءِ ڪڏهن نرم گوشو نه رهيو آهي. شايد ان جو هڪ سبب اهو به هجي ته ڀٽي حڪومت ۾ بروهي صاحب کي تڪليفون مليون. پر ان جي باوجود به بقول سندس قابل ناٺي محمد علي شيخ جي ته مون کي بينظير تي ڪتاب لکڻ لاءِ سائين علي احمد بروهي اتساهه ڏنو ۽ چيو هئائين ته بينظير تي ڪتاب لک ڇو ته ڪهڙي سنڌياڻي عورت آهي جا ڪنهن ملڪ جي هڪ نه ٻه ڀيرا وزيراعظم رهي هجي. اهو به سندس عظمت جو هڪ ثبوت آهي. ٻيو ته منهنجي عمر گهڻو تڻو ڪميونسٽن يا سوشلسٽن سان ويجهڙائي ۾ رهي آهي ۽ بروهي صاحب کي شايد ان طبقي سان به لڳاءُ نه هو. آخري ڏينهن ۾ جيڪا سندس سياسي وابستگي رهي، ڇا سنڌي دانشور، ليکڪ، شاعر يا صحافي ان کي آسانيءَ سان قبول ڪري سگهي ٿو. يا سنڌ جو عام ماڻهو ان کي قبول ڪري سگهي ٿو. اهڙو ڪم مان ۽ مون جهڙو ڪو ٻيو اديب ڪري ته شايد ان جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو وڃي پر آخر بروهي صاحب ۾ اهڙي ڪهڙي مَڻ رکيل هئي جو لوڪ لهنوارو وڃي ۽ هي اوڀارو وڃي. تڏهن ماڻهن ۾، اديبن ۾ ،ليکڪن ۾، دانشورن ۾، سندس لاءِ قرب، پيار،توڙي عزت ۽ احترام ۾ ڪو لهر لوڏو نه آيو. ڪا به ڪمي نه آئي. وڌ ۾ وڌ جذباتي طبقو هوندو آهي اديبن ۽ صحافين جو. پر انهن سڀني طبقن سان بروهي صاحب جي بيحد ويجهڙائي رهي. قرب رهيو. اهو ڇو؟ سو کوڙو مون کي اڃان تائين سمجهه ۾ نه آيو آهي. ڪجهه ڏاهن، سڄاڻن ۽ سمجھو ماڻهن جو چوڻ آهي ته بروهي صاحب اردو دان طبقي ۽ سنڌين وچ ۾ پل جو ڪم ٿي ڪيو. ۽ انهن ٻنهي طبقن کي ويجھو آڻڻ ٿي گهريو. ڇو ته سندس راءِ موجب سنڌ جو ڇوٽڪارو ان ۾ آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ۽ اردو دان هڪ ٿين. ٻي صورت ۾ استحصالي طبقا ان گهرو لڙائيءَ مان فائدو وٺندا. سنڌ اسيمبليءَ مان جيڪو ٺهراءُ منظور ٿيو آهي، جنهن مطابق سنڌ ۾ ڪراچيءَ سميت سڀني سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پڙهائي ويندي. ٻڌون پيا ته ان جو ٻج به سائين بروهي صاحب جو پوکيل آهي جو هن اردو دان طبقي کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو هو ته سنڌي لکن پڙهن ۽ ڳالهائين.
سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ کيس جڏهن سڏبو هو ته ضرور اچي موجود ٿيندو هو. ايستائين جو سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي موجوده سيڪريٽري، ستار ڀٽيءَ جي گهر پاڪستان ڪواٽرن ۾ ٿيندڙ سنگت جي گڏجاڻين ۾ نه فقط آيو پر انتهائي خوشي ۽ راحت جو اظهار ڪيو. ڪنهن ننڍي کان ننڍي اديب ۽ شاعر جي ڪنهن ادبي ڪاڄ يا ڪتاب جي مهورت ۾ بروهي صاحب نه فقط حاضر هوندو هو پر پنهنجي وڏي ڄمار ۽ ڪرندڙ صحت جي باوجود ڪڏهن ڪنهن پروگرام جي هلندي وچ ۾ نه اٿيو. پر پروگرام جي پڄاڻيءَ تائين ويٺو رهندو هو. ويجهرائيءَ ۾ اسان جي دوستن عبدالغفار تبسم ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتابن جا مهورت ٿيا ته ٻنهي موقعن تي بروهي صاحب نه فقط موجود هو پر ڀرپور تقريون به ڪيون ۽ ماڻهن کي پنهنجي مزاحيه فقرن ۽ جملن سان کلائيندو رهيو. جيئن بروهي صاحب هميشهه ڪندو رهيو آهي. جنهن کان پوءِ غلام نبي مغل جي ناول “مون کي ساهه کڻڻ ڏيو” جي مهورت جي موقعي تي تقرير ڪندي ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيائين. ان ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ڪارو ڪاري جي ڪڌين ريتن رسمن ۽ رواجن تي ڳالهائيندي جڏهن بروهي صاحب چيو ته مان ته شروع کان ئي ڪارو آهيان، پوءِ مون کي الائي ڇو ڪارو ڪري نه ٿا مارين، تڏهن هال ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. اها بروهي صاحب جي ئي خوبي هئي ته هو ڪڙي سچ کي به کل جي انداز ۾ پيش ڪندو هو. چئجي ته سنڌي ادب ۾ علي احمد بروهي طنز ۽ مزاح جو باني هو ته وڌاءُ نه ٿيندو. نه فقط اهو ته هو سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح جو باني هو، پر هن وقت مون کي بروهي صاحب جي برابر ته ڇا پر ان کان ڪجهه گهٽ به به ٿو سجهي. يعني سنڌي ادب طنز ۽ مزاح کان خالي ٿي ويئي آهي.
ها حليم بروهي ضرور سجھي ٿو پر حليم بروهي جو مزاح عام فهم ناهي. ٻيو ته هو اسٽيج جو ماڻهو ناهي. تنهنڪري علي احمد بروهي ۽ حليم بروهي ۾ فقط لفظ بروهي مشترڪ آهن. علي احمد بروهي ڪير سڏائي چوڻ جو مقصد هو ته علي احمد بروهي صاحب سڀني تضادن جي باوجود هڪ هر دلعزيز شخصيت ان ڪري به هو جو هر ادبي پروگرام ۾ پوءِ ڀلي اهو ڪيڏو غير اهم هجي پاڻ نه فقط موجود هوندو هو، پر ڀرپور طريقي سان موقعي مطابق ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجن چرچن سان ماڻهن کي کلائيندو هو. ڪنهن به تقريب ۾ سنجيده ۽ خشڪ تقريرون ٻڌي ٻڌي جڏهن ماڻهو اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪندا هئا ۽ ننڊاکڙا ٿيندا هئا تڏهن بروهي صاحب جي تقرير کين جاڳائڻ ۽ ٻيهر تازي تواني ٿيڻ جو اثر ڏيکاريندي هئي ۽ خبر پوندي هئي ته ٿوري دير اڳ جيڪي ماڻهو اوٻاسيون ڏئي رهيا هئا ۽ ننڊاکڙا هئا سي کلي کلي کيرا ٿي پيا آهن. اها هئي چاشني سندس تقرير ۾. هونئن ته گهڻا ماڻهو بروهي صاحب جي قريب هئا جن ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جن به شامل آهن. پر اسان جو هڪ ٻيو حجائتو حلقو به هو جن ۾ مان، انعام شيخ، عبدالغفار تبسم ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سندس تمام قريبي لڏي ۾ هئاسون. پاڻ ۾ جڏهن ملڻ ٿيندو هو ته بس ڳالهه اها سجهندي هئي ته هلو ته بروهي صاحب سان ڪچهري به ڪري اچون ۽ منجهند جي ماني به وٽس ٿا کائون. پوءِ مان يا انعام شيخ ڪندا هئاسون کيس فون سائين اسان اچون ٿا توهان سان ڪچهري ڪرڻ ۽ ماني به توهان سان کائبي. جواب ايندو هو “ها من سدا اچو. بسم الله، مانيون کوڙ” پوءِ وڃبو هو چڪن تڪا، سيخ ڪباب مانيون ٻوڙ جام اچي ويندا هئا ۽ ساڻس ڀرپور ڪچهري به ٿيندي هئي ۽ مانيون به کائيندا هئاسون مان محسوس ڪندو هوس ته اسان جي ڪچهري ۾ بروهي صاحب ڏاڍو گد گد ٿيندو هو ۽ ٻهه ٻهه ٻوليندو هو.
مان بروهي صاحب سان ملندو هوس ته ٻئي هٿ سندس پيرن تي رکي ملندو هوس هو احتجاج ڪندو هو پر پيار به اوتي ڇڏيندو هو.
دوستو ڇا توهين يقين ڪندا جيڪڏهن مان توهان کي اهو ٻڌايان ته مون کي بروهي صاحب وٽان جيڪو پيار ۽ پنهنجائپ ملي اها اڳ فقط امڙ وٽان ملي هئي. امڙ کان پوءِ وڌ ۾ وڌ پيار بروهي صاحب ڏنو.
اسان ساڻس هڪ جيڏن وانگر ڀوڳ چرچا ڪندا هئاسون ۽ هو کلي کيرو ٿي پوندو هو ۽ پاڻ به اسان سان ڏاڍا چرچا ڪندو هو.
مون کي ياد آهي ته جڏهن مان ڊسمبر 1994ع ۾ پنهنجي ڊيوٽي سان سينگاپور ۾ پوسٽنگ تي وڃي رهيو هوس ته ادبي لڏي ۾ منهنجيون ڪافي الوداعي دعوتون ٿيون هيون. پهرين دعوت ميڊم مهتاب راشدي ڏني. پوءِ سنڌيڪا جي نور احمد، پوءِ سنڌي ادبي سنگت، اهڙي ئي ڪنهن تقريب ۾ ادا عنايت بلوچ، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، قمر شهباز ۽ ٻيا کوڙ سنڌي ادبي سنگت جا دوست موجود هئا. اتي مون بابت ڳالهائيندي بروهي صاحب چيو هو ته هدايت بلوچ شاعر ۽ ليکڪ ته سٺو آهي پر مون کي خاص طرح سندس هتان هليو وڃڻ ڏاڍو محسوس ٿيندو ڇو ته اهو هدايت بلوچ ئي آهي جيڪو مون کي هر طرف وٺي ويندو هو. ڪو اديب ڪو شاعر بيمار ٿي ڪنهن اسپتال پهتو ناهي ته ٺڪ هدايت بلوچ جو فون ايندو هو ته سائين فلاڻو اديب بيمار آهي. اسپتال داخل آهي هلو ته طبيعت پڇي اچونس. اڳتي هلي چيائين ته اهو ڪيڙو هدايت بلوچ کي هوندو هو جو مون کي بيمار اديبن تائين وٺي ويندو هو هاڻي مون کي ڪير به وٺي نه ويندو ۽ مان اڪيلو ٿي ويندس.
بروهي صاحب جي سڀ کان وڏائي اها هئي ته هن ۾ غرور غين جي نقطي جيترو به نه هو. ايڏو سينيئر اديب، جيڏو عظيم هو جيڏو قداوار هو اوتري وٽس هيٺاهين نهٺائي هئي، هن ۾ عجز هئي ڏاڍي انڪساري هئي.
هر تقرير ۾ پنهنجي سادي شڪل ۽ سانوري رنگ جو ضرور ذڪر ڪندو هو. اهو سندس وڙ هو اهو سندس عجز هو. اها سندس انڪساري هئي ورنه ساڳي رنگ ۽ شڪل وارا ٻيا ڪهڙا اديب آهن جيڪي وچ محفل ۾ بيهي پاڻ کي لوئين.؟!

روزانه عوامي آواز ڪراچي