مُهاڳ
فلاسافيءَ جي دُنيا ۾ ”مري به جيئڻ“ هڪڙو ڏاڍو دلفريب موضوع آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ کان ڪي ٽي صديون اڳي اسان جي بابا ڀٽائي ”مُيائي جياس“ جي هٺيلي سِري سان قومي تناظر ۾ ان فلسفي جي محبوباڻي تشريح ڪئي هُئي. ڳالهه جو ڳَر اهو ٿو بيهي ته حياتي سچ به حَسين حقيقت آهي، پر جسماني طرح غيرموجود رهي به موجود هُجڻ، ان کان به وڌيڪ حُسناڪ حقيقت آهي، اهو نقطو مون هتي شعوري طور ان حوالي سان جاڳايو آهي جو مون کي ان سيبتي شاعر جي ان لڪل شاعريءَ تي ڪُجھه اظهار اورڻ جو موقعو مليو آهي جيڪا پهرين مجموعي جي صورت ۾ پڌري ٿيڻ جي منتظر آهي، پر جنهن جو سرجڻهار هاڻ هن ائٽمي دُنيا کان گھڻو پري مٽيءَ جي آسمان هيٺان گھاٽي نند ۾ سُمهي رهيو آهي. هو پن ڇڻ جا ڇاڻيل پيلا پن ۽ بهارن جا ٽيڙيل جواڻ نيرا، ڳاڙها گُل ٻين اکين جي ڏسڻ لاءِ ڇڏي هليو ويو آهي، پر اُن سان گڏ اسان لاءِ ڇڏي ويو آهي سامونڊيءَ ڇولين جھڙي اهڙي بيقرار شاعري جيڪا پهرين پيار وانگي دل ۽ ذهن جي توجهه ڇڪائيندڙ الهڙ سچ آهي، اها شاعري 1980ع واري ڏهاڪي کان سُرجڻ شروع ٿي ۽ 2015ع ۾ آخري غزل جي صورت ۾ پُڄاڻي جو سڏ ٿي وئي. ”زندگي ڄڻ ڪو ٿوهر.......!“ اها سِٽ اُن آخري غزل ۾ دل وانگي دڙڪندي رهجي وئي! تخليقڪار جو تصور ڪابه قبر کائي نٿي سگھي، اِها گواهي نوالدين ”نفيس“ بنا شڪ جي چٽيءَ ريت نروار ڪئي آهي. سمنڊ سان هيئين جو حال ونڊيندڙ نفيس 80ع واري جنهن ڏهاڪي ۾ شعر لکڻ لاءِ سفر تي نڪتو، اهو دؤر جديد سنڌي شاعري جو گھڻو اهم دور ليکجي ٿو. اُن جو ڪارڻ اهو آهي جو اسان جي هماليه جبل جيڏي عظيم شاعر شيخ اياز جي اثر ۽ عروج کان هٽيءَ ڪري اسان جي ڪن جديد شاعرن پنهنجي نئين واٽ اختيار ڪرڻ جو سفر شروع ڪيو هو. ان ئي دؤر ۾ آڪاش انصاري لکيو هو:
”جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، مان ڪيئن رهان جلاوطن؟“
۽ حليم باغي چيو هو:
”جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ مُنهنجي توکان دوريءَ آ!“
۽ مظهر لغاري جي نظم به مهڪي ايئن اوريو هو ته :
” گھَٽيا جي گندگي اِهي شهيد ٿيل گُلاب ڏس !“
مطلب اهو ته اها نئين صورت گيريءَ مزاحمت جو نوڪدار عنصر بڻجي اُڀري هُئي. اُن زماني ۾ لاڙ جي هن نئين تخليقي شاعر نورالدين نفيس شاعريءَ پئي ڪئي. هُن جي خوبصورت شاعريءَ تي ويچار ونڊڻ کان پهرين اهو چوڻ چاهيندس ته هِي مجموعو شاعر سان مُحبت ڪندڙ ساٿين سهيڙيو آهي، اُن محبت کي به سلام آهي. نورالدين نفيس جيڪڏهن حياتي هُجي ها ته ضرور پنهنجي طريقي سان هِي مجموعو مُرتب ڪري ها، ۽ علم عروض جا لاها چاڙها به پاڻ چَڪاسي ها. ان ڪري هنن دوستن کان ڪا ڪمي پيشي رهجي به وئي آهي ته آئون اُن کي سواليا بنائڻ جو حامي ناهيان. جس آهي انهن دوستن کي جن پنهنجي هن ڏات ڌڻي کي وساريو ناهي، جنهن ڪڏهن ڪنهن ڳهريل شام ۾ ايئن لکيو هو ته:
مزارن ۾ ڏيئڙا ته هر ڪو ٿو ٻاري،
مُخالف هوا ۾ سي ٻاريو ته مڃجي.
آڙين جون اکيون پڙهندڙ سمنڊ جي علائقي جو رهواسي شاعر نورالدين ”نفيس“ پنهنجيءَ شاعريءَ جي آئيني ۾ ذرو به لڪل ناهي. هڪ سُٺي شاعراڻي وجد، مزاحمتي شعور ۽ قوم دوستيءَ سان رڱيل فڪر سان هُو پڌرو آهي. هُن جون گھڻيون جذباتي ڪيفيتون حُب الوطني کي ولين جيان ويڙهيل آهن. هُن پنهنجي اظهار کي ڪوبه نقاب ناهي پارايو. اظهار جي سادگيءَ هُن جي شاعريءَ جي خاصيت آهي. روايت ۽ جدت کي گڏيل طور هُن جي شاعري عيان ڪري ٿي. هُن جي شاعريءَ جو ڪينواس ڪو گھڻو وسيع به ڪونهي، ۽ روايتي گس گھيڙن تي به هُن جي شاعري پنڌ ڪري ٿي، پر اهم ڳالھه اها آهي جو هي شاعري جدت جي آرزو مند لڳي ٿو، ۽ اڳتي وڌڻ جي تڙپ سان سرشار آهي. نواڻ جي ڳولا کي نفيس ترڪ ناهي ڪيو. اها به پڌري حقيقت آهي ته هُن جي شاعريءَ جو جُداگانه اسلوب ڪٿي ڪٿي ڏاڍو منفرد ۽ موهيندڙ آهي. روايتي خيالن کي به هُن ڪي ٻوليءَ جيڪا اڇت صورت ڏني آهي اها گھڻي سُندر آهي. جيئن هي شعر آهن:
گُلابن جون ڪليون ڏسي جنهن کي جھُومن،
بهارن اوهان ۾ ڏٺي ڳالھه ٻي آ.
هوا سُڻايا، قصا اوهان جا،
گُلاب بڻيا، حصا اوهان جا.
اُها شام بُوءَ آ، اوهان جي ڪري،
سڄي جُستجو آ، اوهان جي ڪري.
تُنهنجي ثنا ۾ سائين، لفظن جو موت ٿي ويو،
سُرمي سان تِر لڳايئي، نقطن جو موت ٿي ويو.
غزل جي شاعريءَ ۾ جدت ڀرڻ جي هِي ڪوشش وڻندڙ حقيقت آهي. هي تلقيد کان پاسو ڪرڻ جي علامت آهي. هتي هڪ ڳالھه اها ضرور چوندس ته شاعريءَ فڪر ۽ خيال ٻنهيءَ جي سگھ جي توازن کان پوءِ نشانبر بڻجي ٿي. فڪر جي آرٽسٽڪ اظهار جي انتها کي ڇُهڻ هر شاعر جي وس جي ڳالھه ناهي هوندي. اهو آرٽ هزارن مان ڪنهن هڪ وٽ نظر ايندو آهي. فڪريءَ آرٽسٽڪ حُسناڪيءَ هڪ گھربل شعور چاهي ٿي. ”نفيس“ اُن رمز کي ڇُهڻ لاءِ اڃا سفر ۾ هو. جو اهو سفر اوچتو بيهي ويو.
نفيس جي شاعريءَ محبت ۽ مزاحمت جي موضوعن تي مُشتمل آهي. اهي ٻئي اهم شاعراڻا موضوع آهن. هڪ تخليقي سگھاري شاعر جي پروڙ به انهن ميدانن ۾ ئي پوي ٿي. دُنيا جو هر شاعر محبت ۽ حُسن تي لکي ٿو. اهڙي ريت تضادن سان ڀريل دُنيا جي ڪري مزاحمتي عنصر به شاعريءَ جو روح بڻجي ٿو. شاعرن جو ڪمال اهو رهي ٿو ته هُو پنهنجي موضوعن ۾ جدت ۽ وسعت پيدا ڪن ٿا، تڏهن ئي مُتاثر ڪن ٿا.
شاعريءَ پاڻ کي هر دؤر ۾ وهندڙ درياھ ثابت ڪيو آهي، اهو ڪمال آهي. نفيس جي رومانوي نفاست کي جواڻ جلوو حاصل آهي، جيڪو نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.
شبابن شرابن، بگاڙيو نه مُنهنجو،
اسان هار کاڌي، نگاهن رُلايو.
گُلن ڦُلن ۽ چمن جون ڳالهيون، جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو،
تنهنجي ته ڳاڙهي ڳلن جون ڳالهيون، جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو.
ياد ايندا اٿم، ڏينهن ڏنگيندا اٿم،
خيال تُنهنجا پرين بس وڍيندا اٿم.
اهڙو سادگيءَ سان سرشار رومانوي اظهار نفيس پيار سان پيش ڪيو آهي، پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته نفيس جي شاعريءَ جو سگھارو پاسو مزاحمتي فڪر ئي آهي. اصل ۾ هُن مزاحمت کي ويهي شاعريءَ ۾ گھَڙيو ناهي، پر مزاحمت خود هُن جي اندر مان ٻاهر آئي آهي. اها وطن سان محبت ۽ قومي شعور جي دلبر وارتا آهي. هتي اهو به چوڻ چاهيندس ته هُن جي اظهار ۾ کُهري جذباتيت کي آئون عيب نٿو سمجھان.
ٿورو سوچيو: جڏهن اوهان جي تاريخ مان اوهان جو ئي رَت ٽِمندو هُجي! اوهان جو سمنڊ، اوهان جو مُهاڻو غُلاميءَ جي ڪنارن وچ ۾ قابو هُجي! اوهان گل بجاءِ رڙ ٿيندا رهو! اوهان جي ڇاتيءَ تي وزنيءَ بوٽ هر وقت سوار رهن! اهڙيءَ انڌڪار ۾ ڪو مُحب وطن شاعر ڪيئن ٿو چُپ جي مصلحت کي ڀاڪر ڀري ننڊ ڪري سگھي؟ اوسارن جي موسمن ۾ تخليقيت ڪارين اکين جي ڪجل ۾ پاڻ کي دفن ڪري ڇڏي، اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي؟ نفيس سچو شاعر بڻجي پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. توڙي جو هُن ڪي گھڻا ڇرڪائيندڙ نظم تخليق ناهن ڪيا پر ڪن نظمن ۾ هُن جي مزاحمت جي فجر جي جوڳيءَ لُڌي تاري جھڙي جوت خوب لڳي ٿي.
پِٽيا پرائي پٽ جا، حصا پتيون گھُرن پيا،
هُو چيٽ تن چکي ڏٺا، وري ڪتيون گھرن پيا،
هو روشنين جي شهر ۾، اڃا بتيون گھرن پيا،
هِي گھر ڏيئا به ڄڻ ويا، اوهين جي ننڊ ۾ پيا،
چُرڻ ڦِرڻ تي پابندي، حقن گھرڻ تي پابندي،
عيدون ميلا ملاکڙا، ملڻ جُهلڻ تي پابندي ،
اڳيان وڌڻ تي پابندي، جھڙو جيئڻ تي پابندي!
نورالدين ”نفيس“ جو جاڳندڙ شعور قوم سان گڏ بيٺل آهي. هو جاڳندو رهڻ، ”ننڊ نه ڪجي ناکُئا“ جو قائل پيارو تخليقي شاعر آهي. آئون ڪنهن تخليقي منفرد شاعر لاءِ مري وڃڻ کانپوءِ لفظ ”هو“ ”شاعر هو“ استعمال ڪرڻ مُناسب نه سمجھندو آهيان، ڇو جو جيڪو شاعري جي صورت ۾ موجود آهي. اِهو موجود رهڻو آهي.
نفيس جو اظهار ڪٿي به مُنجھيل نٿو لڳي. ڇو جو اهو اظهار وطن جي وارثيءَ چاهي ٿو. اهو وطن جيڪو اونداهي ۾ دفن ٿي رهيو آهي، لُٽجي رهيو آهي. ڏيئن کي اُجھائڻ وارا هٿ ڪو روڪڻ وارو ناهي، ان ڪري صلاح آهي ته ننڊ نه ڪريو. نفيس جُرئت جي ڳالهه ڪرڻ وارو انسان ۽ شاعر آهي. بيباڪي هن وٽ روح جيان آهي.
اسين خُدا کي ڪٿي به ڳوليون، اوهان کي نيبھ هُجن مسيتون،
اوهان جون رسمون اوهين ٿا ڄاڻو، اسان کي پياريون اسان جون ريتون،
اسين سچائي ڄاڻون صداقت، اسان کي ملنديون هميشه جيتون،
اوهان کي سوئر سَٽي پيو سَٽبو، اوهان سان وڙهبو.
هِي منطقي مزاحمت جو خوبصورت اظهار نظر انداز ڪرڻ جھڙو ئي ناهي. غزل جي شاعريءَ ۾ به اهوئي مزاحمتي روپ نفيس خوب پسائي من کي موهي ٿو.
هُن گھٽيءَ ۾ گھُٽيو، گھوٽ تُنهنجو وَني،
اي وَني، او وَني، سيڄ واري نه روءَ.
هيءَ بازار آ، ڀاءُ ڇا ٿو ڏسين،
ٿيو ضمير اڄ شيءَ آ بازاري، نه روءَ.
هي ته ڳالهيون سڀ پُراڻيون، انقلابي ڳالھ ڪر،
ڇڏ عذابي ۽ ثوابي، ڪا نرالي ڳالھ ڪر.
روشن خيال، ترقي پسند فڪر جي حمايت ۽ وطن جي درد ۾ ڳڙيل ڳوڙها هِن شانائتي فڪر ۾ پنهنجيءَ دل سان موجود آهن. هِي لاجواب شعور جو داستان آهي. اهو شعور انقلاب ڏسڻ جو آرزومند آهي، بيقرار آهي. رجعت پرستيءَ هِن ڪاھ کي ۽ ان جي سگهه کي ڪڏهن به سمجھي نٿي سگھي. سچ ته هيءُ سون جھڙو اظهار آهي، جيڪو اهو نقطو ٿو نروار ڪري ته سنڌ جو هر شاعر سنڌ کي هڪ وطن جي اک سان ڏسي ٿو. اهو وطن ڪڏهن به ننڍڙو ۽ ڪنهن جو به ڳڙھ ٿي نٿو سگھي.
گُونگي سنڌڙي مُنهن کي کول !
سَڏ تون پئي ڪرين، سَڏ آئون نه ڏيان !
پوءِ اڌ ٿي مران.
اِهو ”نفيس“ جي وائي جو ورلاپ آهي، ڳالهه دل جي سنڌ جي آهي. ڳالهه خاموشيءَ کي ختم ڪرڻ جي آهي. ماٺ جي مرونءَ جا سڱ ڪيسين تائين آخر برداشت ڪبو؟ سڏ کي سڏ نه ڏبو ته اڌ ٿي مري وڃبو. اها وقت کي پنهنجيءَ مُٺ ۾ قيد ڪرڻ ۽ آڻڻ جي حسرت آهي، مثال اها حسرت واهوندو بڻجي وڃي.
هڪ شاعر، شاعر صرف ناهي هوندو، اُهوته اصل ۾ عشق هوندو آهي، ان عشق کي سمجھڻ جي ضرورت هوندي آهي. عشق حيرت جو آسمان آهي.
باوجود فني ڪِن اوڻاين جي، نه موجود هوندي به نورالدين نفيس شاعريءَ جي صورت ۾ اسان جو حصو آهي. جيڪو محبت جي لائق آهي.
اُميد ته هِن شعري مجموعي ”نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبو“ جي آجيان ٿيندي.
2018ــ04ــ17 ايوب کوسو
جهڏو، ميرپورخاص
03063066162.