هن بگهڙن واري بستيءَ ۾، ڪو باغي بابو ڀاءَ اچي،
تان سنڌ امڙ جي سيني تي، نه اهڙو گھرو گھاءَ اچي.
سِر وَڍَڻ ۽ سِر ڏِيڻ جا، سودا جيڪو سوڍو ڄاڻي،
سو ٻهڪاري ڀل ٻيجل جيئن، يا ڏياچ جھڙو راءَ اچي.
انڌرا، بندرا، ٻاگهل ٻائي، ليليٰ ڪلثوم جھڙي ڌيءَ،
ڀل اچي هن ڀونءَ منهنجيءَ ۾، ڀيڻ سياڻي ماءَ اچي.
هن قوم جي قهري قاتل لا، ها، ڪات اڏي ۽ مقتل لا،
ڍاٺ انهيءَ کي ڊاهڻ خاطر، ڍاٽي ڍٽ جي لاءِ اچي.
ڪو دودو ٿئي، ڪو دولهه ٿئي، ڪو جوان اسان مان جوڌو ٿئي،
يلغار ٿئي، للڪار ٿئي، تان پاپيءَ پُٽَ پڇتاءَ اچي.
جو چڻگ چوڌاري ٻارڻ ڄاڻي، ۽ غافل قوم اٿارڻ ڄاڻي،
”نفيس“ نادان مارڻ ڄاڻي، دوست اهڙو داناءَ اچي.
*