ٻه اکر ؛ آدرشي دور جي پُڪار
شاعري بنيادي طور سان سنگيت جو حصو آهي، جنهن ۾ رقص ۽ ترنم موجود هوندو آهي، جڏهن به ڪو شاعر شاعري ڪندو آهي ته ان جو بنيادي ڪارج پنهنجي اندر جو رقص عيان ڪرڻ آهي، جڏهن شاعري ٻولن ۾ جنم ورتو ته فڪر جو سنگم به شاعري جو بنياد بڻيو. جيڪي عالمي نوعيت جا شاعر هوندا آهن انهن جا تصور ، محاڪات به اعليٰ ۽ نرالا هوندا آهن، جن جو فن ۽ فڪر جو سنگم گهرو هوندو آهي. ڪارلائل جي دليلن مطابق ته ڪير به شاعر ٿي سگهي ٿو، وليم ورڊس ورث جي وصف مطابق ته ڪير به شاعر ٿي سگهي ٿو ، پر شاعري صرف جذبن جي اڇل ناهي، شاعري ترنمي ڌن جو اظهار ناهي، شاعري خود ترنم آهي جنهن جي اڇل وجود مان ڇلڪي ٿي، جذبا ته هر ماڻهو جا اٿل کائين ٿا پر هر ماڻهو شاعر ٿي نٿو سگهي، نورالدين ”نفيس“ جي شاعري وجود ۽ واردات جو مسئلو آهي، جيڪو وجود خاڪي جسم جو پابند ناهي، انهيءَ ڪري شاعر بي اختيار چئي ڏي ٿو.
اسان جيئن جيون، گذاريو ته مڃجي،
قدم پنهنجا ثابت ، ڏيکاريو ته مڃجي.
ها منصف جي اڳيان ۽ محتسب جي سامهون،
پُڪاري ڪو ظالم، بيهاريو ته مڃجي.
هي شعلن جا درياءَ، هي ٽانڊن جا رستا،
هتان ڪا ته ڪشتي اُڪاريو ته مڃجي.
هي هڪ چئلينج آهي، انهيءَ ڪري ته پنهنجي وجود جو ماحولياتي اظهار به آهي، هر شاعر کي هڪ دور جي ساخت هوندي آهي، شاعر جو موضوع ساخت کان اڳتي نڪري جمالياتي بنجي ٿو، اڃا اڳتي شاعر نڪري نوان تصور۽ نوان گهاڙيٽا ڏيئي، شاعريءَ کي لازوال بنايئندو آهي، مثال شيخ اياز پنهنجي دور جي ساخت تي جيڪا شاعري ڪئي
جنهن ۾ انقلاب انقلاب. اڄ وري هو فاشي ڪتا، هي سنگرام، سنڌڙي تان سر ڪير نه ڏيندو، مان ڏوهي آ مان ڏوهي آ وغيره ان وقت جي ساخت جو چٽو اهڃاڻ آهن، جن کي وقت تاريخ جو حصو بنائي ڇڏيندو، پر جڏهن شيخ اياز جي جماليات ۽ شيخ اياز جا محاڪات شيخ اياز کي شاعريءَ جي دنيا ۾ امر ڪري ڇڏيندا.
نورالدين ”نفيس“ به موضوعن جي شروعات ساخت کان ڪري ٿو، جڏهن هو پنهنجي هڪ گيت ۾ چوي ٿو:
پِٽيا پرائي پٽ جا، حصا پتيون گھرن پيا
چيٽ تن چکي ڏٺا، وري ڪتيون گھرن پيا
ھو روشنين جي شھر ۾، اڃا بتيون گھرن پيا،
ھي گھر ڏيئا ڄڻ ويا، اوھين جي ننڊ ۾ پيا،
ڌارين جا ڪٽڪ ته سنڌ ۾ ايندا رهيا انهن لٽيو ڦريو کاڌو، پر ايتري ڌڪار ڪا ورلي شاعريءَ ۾ ملندي، جيتري نفيس جي شاعري ۾ موجود آهي، ايترو درد محسوس ڪرڻ ڪنهن مظلوم جي دانهن ٿي سگهي ٿي. تاريخ شاهد آهي ته هميشه مظلوم ئي ظالم جي خلاف شاعريءَ ۾ دانهن ڪندو آهي. جيئن شاهه لطيف چيو هو ته:
دريا توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.
نورالدين ”نفيس“ اڄ جي دور کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو هن شعر مان پرکي سگهجي ٿو.
ڪير سڻي سنسار جون ڳالهيون،
پاڻ کي گھرجن پيار جون ڳالهيون.
دل جي بدلي دل ڏينداسون،
اهي آهن اقرار جون ڳالهيون.
بادل بوندون، برسي پونديون،
ساوڻ رُت، ملهار جون ڳالهيون.
پيار ڪرڻ آ ڪم اسان جو،
اصل اهي ڪم ڪار جون ڳالهيون.
ڪَلي دل جي جڏهن به ٽڙندي،
پوءِ ڪَبيون گُلزار جون ڳالهيون.
دلبر دلاسو ڪيئن نه ڏيندو،
”نفيس“ ڪَجَ اظهار جون ڳالهيون.
توهان ٿورو غور ڪريو هتي شاعر روح جو وڪيل آهي سندس وجود ۾ حصول جي بجاءِ ”هئڻ“ جو احساس آهي، سنسار مايا روپي آهي، دنيا دولت جي پٺيان جيڪي بيماريون پيدا ڪيون آهن، انهن ۾ ساڙ، حسد ، ڪينو ، منفيت، مَ سهپ، قتل وغارت، رشتن ۾ ڏار، بي ايماني، چاپلوسي، مايوسي، اڪيلائي ، ڇتي چٽاڀيٽي الائي ڇا ڇاٰ!!!! اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو جيڪو پنهنجي وجود جي هئڻ کي معنيٰ ڏيڻ چاهي ته هوبهو اهو ئي اظهار ڪندو جيڪو نورالدين”نفيس“ ڪيو آهي. ”نگر نگر۾ اوهان جي خوشبو“ جو هي مجموعو پنهنجي نالي مان ظاهر آهي ته هي آدرش واد جي دور جي نشاندهي ڪري ٿو. هر امير طبقو آدرش کان عاري آهي، ڇو ته آدرش مرڪزيت کان سواءِ ناهي، پر امير جي اميري ڇڙواڳي کان سواءِ نه هلندي، تنهن ڪري غريب لاءِ آدرش اجتماعي قومي ضمير مثل آهن. جنهن جو اڄ جي دور سودو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن لاءِ نفيس چوي ٿو.
ناٽڪ نئين جو ڏيک ڏهون آ، اوهين ڀلي ڏيکاريو تماشو،
جنهن دم پڙدو کڄندو تُهنجا کيل سمورا مٽجي ويندا.
هر دور جو پنهنجو مزاج آهي، اڄ جو دور مارڪيٽ جو دور آهي، انسان سان لاڳاپيل سمورا احساس، جن ۾ فن، ادب، مصوري، پيار، شاعري وغيره سڀني جو آواز بليڪ هول ۾ گم ٿيو وڃي. سماج ۾ رڳو شور آهي، انهيءَ ڪري جو ماڻهو منجهه مرون اڳين کان اڳرو ٿيو آهي. نفيس جي شاعري انهيء آخري آدرشي دور جي پڪار آهي، جنهن ۾ اڃا دور بدلائڻ جو ساهس ساڳيو هو، پر اڄ جي دور جو لقاءَ بدلجي ويو آهي، اڄ شاعر جي حساس دل جو قدردان نه رهيو آهي، نفيس جي چواڻي ”سڄو حال في الحال بي حال ٿي ويو آهي.
2018ــ04ــ17 پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
چيئرمن
سنڌ ٻوليءَ جو با اختيار ادارو