شاعري

نگر نگر ۾ اوهانجي خُوشبوءِ

جبري حالتن خلاف قلم جي تقويت جو اندازو سائين نورالدين ”نفيس“ جي هن ڪتاب ”نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبوءِ“ مان چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ بي معنيٰ زندگيءَ کي معنويت سان روشناس ڪرائڻ جا رستا ۽ ڪنهن به جابر جي اکين ۾ پنهنجي اندروني متل باهه جا اُلا پسائڻ جون مڙئي رمزون سيني ۾ لهندي محسوس ٿينديون، موجوده دور ۾ جتي مزاحمتي ادب جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي، اتي يقينن نورالدين ”نفيس“ ٿهيم جي هيءَ تصنيف سنڌ ٻوليءَ جي مزاحمتي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندي.

Title Cover of book Nagar Nagar Mein Awhanji Khushboo

سھيڙيندڙ پاران ؛ ڌرتيءَ سان عشق جي خوشبوء

اھي محرم جا ڏينھن ھئا، ماحول سوڳ جي ڪاري چادر ۾ ويڙھيل ھيو، ھر اھلِ دل جي من ۾ ماتمي موسم ڇانيل ھئي.
انھن ڏينھن ۾ منھنجون دلي ڪيفيتون وڌيڪ ڏکاريون ھيون، ھڪ ته محرم جي ڏيھاڙن جي اُداسي پاڻ ۾ اھڙو اثر رکي ٿي، جو ھر حساس ماڻھو ڪربلا جو واقعو پنھنجي سيني تان گذرندو محسوس ڪري ٿو.
سو ھڪ پاسي منھنجي من جي اسڪرين تي اھا حسيني مظلوميت جي تصوير ڊسپلي ٿي رھي ھئي، ۽ دل ڏک ۾ ٻڏي ٿي ويئي، ته وري ٻي پاسي گھر ۾ ھن جي حالت مونکان ڏٺي ڪونه پئي ٿي.
ھڪ ته ھو ھيو ئي نفيس مزاج جو سنھڙو سيپڪڙو....
ٻيو وري ھن ۾ ڪنھن بيماريءَ اچي پناھ ورتو ھو، جنھن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي ھئي.
خوفناڪ ڳالهه اھا ھئي ته ھن جي جسم مان رت سُڪي ويو ھيو، ھُن ذاتي مونجھارن سبب انھيءَ سڀ کي ليکيو نه ھو.
ٻي ڳالھه ته ھو اسپتالن جي جھنجھٽ ۾ پوڻ ڪونه چاھيندو ھيو ،اھو ئي سبب ھو ته ھاڻي پاڻي مٿي کان چڙھي ويو ھيو.
20 آڪٽومبر 2015 اڱاري جو ڏينھن ۽ ستين محرم جي رات ھئي، ھو سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ھيو ۽ اھو ھنجو اسپتال ۾ پھريون ڏينھن ھو.
تقريبن رات جو ٻارھين وڳي ھن پنھنجي ڀر ۾ ويٺل جاتي جي سينئر استاد سائين شمس الدين ميمڻ کي ڪجھه چوڻ چاھيو ٿي، پر گلي ۾ تڪليف سبب لفظ صحيح ادا ڪري نه سگھيو ھو، تڏھن سائين شمس کيس ڪاغذ جو ٽڪرو ۽ پين ڏني ته توھان جيڪو چوڻ چاھيو ٿا ھن تي لکو ۽ ھن ٽُٽل ڦُٽل اکرن ۾ ھڪ جملو لکيو
”ننڊ ٿي اچي“.....!
سائينءَ شمس سمجھيو شايد ڏينھن واري سفر ۽ اسپتال جي رولڙي سبب ٿڪي پيو آھي، تنھن چيس ”توھان ڀلي آرام ڪيو...“
۽ ڪجھه ئي گھڙين ۾ ھن کي ساھ ٿي پيو ۽ ڏسندي ڏسندي ھو واقعي سمھي پيو.
ھڪ اھڙي ننڊ ۾ ھليو ويو، جنھن ۾ جاڳ جو تصور به ديواني جي خواب جيان آھي.
ھن جي ائين اوچتو بيمار ٿيڻ، ۽ تڪڙو تڪڙو ھتان رخصت ٿيڻ کي من مڃي ڪونه پيو، پر من جي مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڀلا ڪھڙو فرق پوي ٿو، موت ته اٽل حقيقت آھي.
پر موت عام ماڻھن کي مات ڏيندو آھي، نفيس ته غير معمولي ماڻھو ھو.
ھونئن به جنھن ماڻھو ڌرتيءَ تي پنھنجي حال آھر ڪم ڪيو ھجي، انھن جا نالا موت ته ڇا پر وقت جا وڏا طوفان به مِٽائي نه سگھندا آھن.
نورالدين نفيس به دراوڙن جي ديس جو اھو سجاڳ ڪردار ھيو، جنھن عام جي اُجار ۽ جاڳ لاءِ غزل، گيت، نظم لکيا، ھن اسٽيج ناٽڪن ذريعي ماڻھن کي انھيءَ دور ۾ پرک ڏني، جنھن دور ۾ آواز ڌٻايا ويندا ھئا.
ميڊيا آزاد ڪو نه ھئي، غريبن جا پٽڪا دوڙ ٿيندا ھئا، پر ڀوتارن ۽ جاگيردارن تي آڱر کڻڻ گناھِ ڪبيره سمجھيو ويندو ھيو.
نورالدين نفيس انھيءَ دور ۾ جاتيءَ جھڙي پٺ تي پيل علم و ادب کان محروم علائقي ۾ غدار ۽ روپلو ڪولھي جھڙا مزاحمتي ڊراما پيش ڪري بند زبانن تان ڄڻ تالا کولڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، نه فقط ايترو پر ھن آرٽ کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جاتيءَ ۾ شاھين آرٽ سرڪل جاتيءَ جو بنياد وڌو، جنھن جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي نوجوانن پنھنجي صلاحيتن جو کلي اظھار ڪيو.
نورالدين نفيس آرٽ، ادب، علم ۽ انسانيت جو سچو خدمتگار ھو، پر ھن پنھنجي حياتي ۾ ڪڏھن به پنھنجي سيني تي ھٿ رکي نه چيو ته مون گھڻو ڪجھ ڪيو آھي.
نورالدين نفيس پنھنجي تخلص جيان مزاجن نفيس ھيو، طبعيت ۾ ماٺيڻو ۽ سھپ وارو ماڻھو ھو.
نفيس جي پاڙي جا ماڻھو سندس ڪردار جي خوشبوءِ جي کوٽ محسوس ڪندي چوندا آھن ته؛
”نورالدين نفيس سڄي پاڙي ۾ گل جيان ھو.“
اھا حقيقت آھي، ته ھڪ اھڙو شخص جنھن پنھنجي زندگي ۾ ڪڏھن به ڏاڍيان نه ڳالھايو، ڪڏھن به ڪنھن سان نه اٽڪيو. عام ماڻھن جيان ھِتي ھُتي ڪونه ويندو ھو، وڌ ۾ وڌ گھر ۽ جي بور ٿيو ته جاتي مان وھندڙ گونگڙي شاخ جي ميران واري تڙ وٽ اچي ويھندو ھو، ڇاڪاڻ ھو فطرت پسند ماڻھو ھو.
اسان جڏھن ننڍا ھئاسين، تڏھن گھر ۽ گھر جي ڀرسان اوطاق ۾ طرحين طرحين جا گل ڏسندا ھئاسين، جن جي سنڀال ھو پاڻ ڪندو ھو، رات ٿيندي ھئي ته موتئي، چنبيلي ۽ رات جي راڻي جي خوشبوءِ سان سڄو گھر مھڪي اٿندو ھو.
اھڙو ئي مزاج ھو منھنجي مامي نورالدين نفيس جو...
ھو گھڻ رخو شخص ھو، وري جي سندس شاعري جي ڳالھه ڪريون، ته ھو ڪمال جو شاعر ھو، سندس تخيل جي اُڏام اوچي ھئي، ھن جي ڪلام جو محور ڌرتي ۽ سرتي ھيو، ھن جي جيڪڏھن مزاحمتي شاعري پڙھجي ٿي ته پتو پوي ٿو ھو ڌرتيءَ تي ساھ ڇڏيندڙ ڪوي ھو.
تڏھن ته ڌرتيءَ جي ويرين کي ھيئن چوندو نظر اچي ٿو؛

پاپي تنھنجي پاپ جا پاڙا پٽجي پٽجي پٽجي ويندا
ڏاڍ جا ڏونگر ڏاھن اڳيان ڏٽجي ڏٽجي ڏٽجي ويندا
وقت زنجيرون پاتيون ڇا ٿيو؟ ضمير رھندو ساڳيو ساڳيو
قھري تنھنجا قيد ڪڙولا،ڪسجي ڪسجي ڪٽجي ويندا

نفيس ڌرتي جو شاعر ھو، نفيس تبديلي پسند شاعر ھو، نفيس سنڌ پرست شاعر ھو، نفيس ڌرتي جي مسڪين ۽ ڏتڙيل ماڻھن جي ڏکن جو ترجمان شاعر ھو.
شايد ھنجو اڪثر اڪيلو رھڻ جو سبب به اھو ھو ته ھن تي الھامي ڪيفيت طاري ٿيندي ھئي، ھن سنڌ سان عشق جي موضوع تي جيڪي به نظم لکيا آھن، تن ۾ عشق ۽ مزاحمت گڏ گڏ ھلن ٿا.
نفيس جي جمالياتي شاعري به خوبصورت آھي، ھن حسن جي ڳلين ۾ به جھاتيون پاتيون آھن، سندس عشقيه شاعري فڪر سان ٽمٽار آھي،
ھن نيون نيون تشبيھيون استعارا، محارا پنھنجي شاعري ۾ ڪتب آندا آھن، سندس غزل ۾ تخيل جي اُڏام ۽ فڪري حسناڪي ته ڏسو.

وري بد نظر جي نظر ٿي وياسين،
زماني جي اک ۾ ڪٽر ٿي وياسين

ٽشو پيپر جيان،اگھي بس ڦٽو ڪيائين
چھري سندس جو پگھر ٿي وياسين

اشارو جتي ٿيو،اُتي ئي رھياسين
لڳل دنگ جو ڄڻ پٿر ٿي وياسين

نفيس جيترا سٺا نظم لکيا آھن، اوترا ئي ھن فڪر سان ٽمٽار غزل لکيا آھن، جتي سندس نظمن ۾ للڪار ۽ بيباڪي آھي، اتي قوم جي ستل فردن کي جاڳائيندي سڏڙا ڪندي پڪاريندي به نظر اچي ٿو

پٽيا پرائي پٽ جا، حصا پتيون گھرن پيا
چيٽ تن چکي ڏٺا، وري ڪتيون گھرن پيا
ھو روشنين جي شھر ۾ اڃا بتيون گھرن پيا
ھي گھر ڏيئا به ڄڻ ويا،اوھين جي ننڊ ۾ پيا.....
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جبل جيڏو جگر رکي، اوھين اچو ۽ ڪجھ ڪريو
ھا پيٽ سان پٿر رکي، اوھين اچو ۽ ڪجھ ڪريو
ڪومعرڪو مگر رکي، اوھين اچو ۽ ڪجھ ڪريو
ھن مياڻيءَ منجھ ملاکڙا،ڏسو ويري وڙھڻ لڳا
اوھين جي ننڊ ۾ پيا.....

نفيس پنھنجي ڏات جو اجايو وڃاڻ نه ڪيو، ھن ڪڏھن به مقصديت جي بنا پنا ڪارا ڪونه ڪيا، ھن جيڪو ڪجھ به لکيو ڪمال لکيو، ھن جي ھڪ عادت ھئي، ھر جڳھ تي پاڻ کي نروار ڪونه ڪندو ھو، ھو خاموش رھي پنھنجو ڪردار ادا ڪندو ھو.
جڏھن به ڪا ڌر ڌرتي تي وار ڪرڻ جي ڳالھ ڪندي ھئي ته ھي تپي پوندو ھيو، ميري اک وارا ھن جي اکين جو ڪٽر ھوندا ھئا.
جڏھن سنڌ دشمنن پاران سنڌ جي ورھاڱي جو رينگٽ ٻڌڻ ۾ ايندو آھي ته
مون کي انھيء وقتَ نفيس جو ھي نظم ياد ايندو آھي

اسان اوھانجي سڏن تي ڊوڙون ھزار پاتيون ھزار ڀيرا
اسان اوھانکي،اکين جي اڳيان،ھٿن سان ٺاھي ڏنا آکيرا
وفا جي بدلي اوھان ڏنو ڇا؟ جلائي ڇڏيا جگر ۽ جيرا
اوھانکي ھاڻي ڪڏھن نه ڇڏبو،اوھان سان وڙھبو..

اھڙا فرد ئي ڌرتي جا حقيقي عاشق شاعر ھوندا آھن، جن جو ڪلام ھر دور ۾ ويرين تي وڄ جيان وراڪا ڪري ڪرندو آھي، نورالدين نفيس جي ڪلام ۾ به اھڙي مزاحمت نظر اچي ٿي. نورالدين نفيس شاعر سان گڏ ڀلوڙ ڊراما نگار، ھدايتڪار، ڪھاڻيڪ­ار، مضمون نگار ۽ استاد ھيو، اھا حقيقت آھي ته ھن گھٽ لکيو، پر اھو به سچ آھي ته ھن ڀرپور لکيو.
سندس پيش ڪيل اصلاحي ڊراما ويري رشتا، روشني، بي زبان، روپلو ڪولھي، جمعو­ن جمن جمڙو، غدار، ڇڪ پنڌ کي ۽ بخت جي بازي اڄ به ماڻھن کي ياد آھن.
انھن ڊرامن جو ڪھاڻيون به ھن لکيون ھيون. نفيس 1 فيبروري 1961 ۾ جاتي شھر ۾ جنم ورتو ۽ 21 آڪٽومبر 2015 تي ڪجھ ڏينھن جي علالت کانپوءِ ھميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو ،پيشي جي لحاظ کان ھو پرائمري استاد ھيو، زندگي جي آخري ڏينھن ۾ سندس اھا خواھش ھئي ته مين پرائمري اسڪول جاتي جو سئو سالہ جشن ملھائجي، جنھن ۾ درسگاھ جي ناميارن استادن ۽ شاگردن جا ڪردار پيش ڪجن، جن شاگردن ۾ موتي پرڪاش به شامل آھي. نفيس آخر تائين انھيءَ تاريخي درسگاھ جو ھيڊماستر رھيو.
ادبي لحاظ کان ھن جاتيءَ ۾ ساس جي شاخ جو ذاڪر کٽيءَ سان گڏجي بنياد وڌو، تنھن کان سواءِ ھو بزم روح ادب جاتيءَ جو ٻه دفعا بنا مقابلي صدر ٿيو، سندس صدارتي دور ۾ بزم پاران وڏن ادبي ميڙاڪن ٿيڻ سان گڏ باقائدگي سان ٻاراڻو رسالو روشن تارا به جاري ٿيندو ھيو. ھن کي ادبي ۽ فني دنيا ۾ اڃا گھڻو ڪجھ ڪرڻو ھيو، پر کيس موت وڌيڪ مھلت نه ڏني.
بحرحال ھن جو اڌ وھيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار انھن ماڻھن جي ڊگھي ڄمار کان اتم آُھي، جيڪي ڌرتيءَ لاءِ ڪجهه ڪري نه سگھندا آھن.
نگر نگر ۾ اوھانجي خوشبوءِ اصل ۾ نورالدين نفيس جي ڌرتيءَ سان عشق جي خوشبوءِ آھي، جنھن جو ھڳاءِ ھر محبِ سنڌ پٽ محسوس ڪري سگھي ٿو.
ھن مجموعي جي حوالي سان ھڪڙي وضاحت ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ته نورالدين نفيس جي تخليق مون وٽ امانت ھئي، تنھن کي مون جيئن جو تيئن سندس پڙھندڙن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ٻي ڳالھ ته ڪتاب جو نالو ۽ ارپنا مرحوم جي پنھنجي ئي ڪيل ھئي.
تنھن ھوندي به ان ڏس ۾ جيڪڏھن مونکان ڪا ڪمي رھجي وئي ھجي تہ معذرت چاھيندس..
باقي منھنجي خوشي جي ڪا انتھا ناھي، ڇاڪاڻ آئون پنھنجي مامي جي ادبي پورھيي کي محفوظ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي، اھا ئي منھنجي وڏي خوشبختي آھي.
۽ انھيء ڏس ۾ مونسان سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ادا اقبال شاھين جو وڌ کان وڌ سھڪار رھيو آھي، جنھن کي جس ھجي جو ھن ڳالھين ڪرڻ بدران منھنجو عملي ساٿ ڏنو.
ساڳي جڳھ تي سمبارا پبليڪيشن ۾ روح روان دلبر دوست ساجد سنڌي، محترم ڊاڪٽر غفور ميمڻ، محترم ايوب کوسو، سانئڻ مريم مجيدي، محترم زاھد اسحاق سومرو ۽ محترم رضوان گل جا به لک لائق جن به ھن ڪتاب جي سلسلي ۾ پيار ونڊيو.
ساڻ گڏ ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ سيٽگ لاءِ پياري عزيز عبدالرئوف ٿھيم ۽ جي ايم کٽي جن جو به مشڪور رھندس.

عبدالسلام ٿھيم
جاتي ٽائون، ضلعو سجاول