1. موتي مور ملوڪ جا (استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو ڪتاب)
محمد ملوڪ عباسي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ٻئي لوڪ ادب جا وڏا نالا آهن. ٻنهي لوڪ ادب کي نه رڳو سهيڙڻ، تخليق ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پر سگهڙن کي منظم ڪرڻ لاءِ به جاکوڙيو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي الله سائين حياتي ڏئي، پنهنجي جاکوڙ جاري رکيون پيو اچي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، شيخ محمد اسماعيل، محمد ملوڪ عباسيءَ ۽ ٻين لوڪ ادب لاءِ مثالي ڪم ڪيو آهي.
سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي ڪلام جو وڏو ذخيرو آهي. سندس پنج ڪتاب شايع ٿيل آهن.
(1)موتي مور ملوڪ جا، (2) موتين مُٺ ملوڪ جي، (3) ماڻڪ موتي ملوڪ جا، (4) مُنهن مٿانهان جن جا، (5) گلشن ڏور.
انهن ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ حاجي منور علي عباسيءَ سندس سهائتا ڪئي.
انهن ڪتابن کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب ”موتين مالها ملوڪ جي“ ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي. تنهن کان سواءِ سندس ٽڙيل پکڙيل ڪلام به ٻن ٽن ڪتابن جيترو ٿيندو.
هُن سگهڙائپ کي باقاعدي تحريڪ جي صورت ۾ رائج ڪيو. سگهڙن کي گڏ ڪيائين، کين تربيت ڏنائين. هُن پنهنجن ٽنهي پٽن فقير ممتاز علي، شبير ۽ محمد علي عباسيءَ کي به هن ميدان ۾ لاٿو، سندس پوٽا به سُگهڙائپ جي فن ۾ پاڻ مڃائن پيا، جن ۾ احمد علي ولد ممتاز علي ۽ صابر حسين ولد ممتاز علي نرالا آهن.
انهن جي ڪلام کي به شايع ڪرائڻ جي ضرورت آهي. محمد ملوڪ عباسيءَ جا پونير سندس ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
استاد جي هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ محمد ملوڪ عباسيءَ جي زندگيءَ جو احوال، ڪلام جون خوبيون وغيره تفصيل سان بيان ڪيون آهن. ڪتاب جي پهرئين ڇاپي جي پوئين ٽائيٽل تي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو تعارف ڏنو ويو هو، جيڪو محترم نقش ناياب منگيءَ جو لکيل هو. اهو تعارف ٻٽيهه سال پراڻو هو، تنهن ڪر ي ڊاڪٽر صاحب جو تازو تعارف ”نئين ڇاپي بابت ٻه اکر“ ۾ ڏنو ويو آهي.
سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي جن صنفن/ موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، تن ۾ مذهبي ڪلام، ناصحاڻو ڪلام، طنز ۽ مزاح، عشقيه ڪلام، ڪانگل جا بيت، ست سريون، گوريءَ جو سينگار، سنڌ سگهڙ جي منظوم تاريخ ۽ گڏيل بيت شامل آهن.
سنڌ سگهڙ تاريخ ۾ سنڌ جي مختلف سگهڙن جا نالا، سگهڙن کي همٿائيندڙن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وغيره، ريڊيي ٽي ويءَ جي پروڊيوسرن جا رويا نالن سميت شامل ڪيا ويا آهن.
ڪتاب جي ٽائيٽل تي محمد ملوڪ عباسيءَ جي رنگين تصوير ۽ اندر عباسي صاحب جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سان نڪتل يادگار تصوير به ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ ڇپائيندڙ محترم سعيد احمد اعواڻ، سيڪريٽري ثقافت، سنڌ حڪومت جا ويچار به شامل آهن، جن ۾ هُن لوڪ ادب جي اهميت، ثقافت کاتي جي لوڪ ادب رٿا ۽ ڪتاب جي نئين ڇاپي جو تعارف ڏنو آهي. هُن ڪتاب جي مرتب ۽ ايڊيٽر جا ٿورا مڃيندي ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منظور قناصري کي شاباس پڻ ڏني آهي. ڪتاب جي پهرئين ايڊيشن جي مهورت بابت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته:
”هن ڪتاب جو مهورت مون 1981ع ۾ شڪارپور ۾ ڪرايو. شڪارپور جي دوستن جهڙوڪ: ڊاڪٽر بدر الدين اڄڻ، غلام رسول ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ ۽ خليل مورياڻيءَ جي تعاون سان انهيءَ موقعي تي اتر سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو وڏي پئماني واري ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ به سڏايم، جيڪا جُماڻي هال ۾ ٿي هئي. هن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، اتر سنڌ جا ناميارا قلم ڌڻي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سُگهڙ شامل ٿيا هئا. مون انهيءَ ڪانفرنس جي صدارت به ڪئي ۽ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض به انجام ڏنا“.
ٻئي ڇاپي جي مهورت 17- مئي 2013ع سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي پاران سڏايل لوڪ ادب سيمينار جي موقعي تي ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جو سيڪريٽري سعيد احمد اعواڻ هو، ٻين مهمانن ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ ٻيا شامل هئا.
ڪتاب مان نموني طور ثنا جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:
مالڪ مختيار، قرب ڪلتار، ڪيو ستار، جلد جبار،
مڪو منٺار سبحان الله
راضي رهبر، ٿيو پرور، خوشيون گهر گهر، جشن جهنگ جهر،
گل و گلزار سبحان الله.
ٻُڌو حضرات ٻارهين جي رات، سومر پرڀات، پکن ڪئي لات،
پهتو پڳدار سبحان الله.
ڀلي ڪيو ڀال، سهڻو ٿيو سال، آيو لڄ پال، امڙ جو لعل،
سچو سردار سبحان الله.
وڏو ول ول، ربيع الاول، پرندا پل پل، چون هل هل،
ٿيو هٻڪار سبحان الله.
ملڪ مستان ، ٿيا حيران، حوران غلمان، چوان ڇا شان،
ٿيو سنسار سبحان الله.
نبيءَ جي ذات، وڏي درجات، حورن وائي وات، سڀئي صلوات،
پڙهن صد بار سبحان الله.
هيڻن همراهه، مڪائين ماهه، محمد شاهه، ڏيهن پئي ڏاهه،
ته عرب ۾ ٻارَ سبحان الله.
الاهي شان، امڙ جو مان، کنيو جنهن خان، سڀن سلطان،
دائيءَ دلدار سبحان الله.
تکيرو تاب، مک مهتاب، لب گلاب، ڏسي جناب،
ترت ٿي تيار سبحان الله.