لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪچهريءَ جا مور

هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book ڪچهريءَ جا مور

8) استاد محمد امين سنياسي

استاد فقير محمد امين سنياسيءَ جي احوال بابت عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو مضمون جيئن جو تيئن ڏجي ٿو. ”هن ڀاڳن واريءَ ڀونءِ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، ولين، درويشن، فقيهن، محققن، دانشورن ۽ اديبن سميت ڪيترين ئي عظيم هستين جنم ورتو. انهن بي مثال ماڻهن منجهان سنڌ جو سدا حيات سيلاني سگهڙ استاد فقير محمد امين سنياسي پڻ هڪ هئو. هن مهان سگهڙ جي پيدائش سنڌ جي عظيم مولوي شاعر حاجي غلام نبي مهيسر جي پيدائش سان گڏ سال 1938ع ۾ ٿي. سندس پيدائش جو هنڌ اڳوڻي ضلع لاڙڪاڻي ۽ موجوده قمبر شهداد ڪوٽ جي تعلقي وارهه جي ڀرسان ڳوٺ گل سانگهرو آهي. سندس تعلق ديندار گهراڻي سان هئو ۽ والد فقير جمعو خان هڪ نيڪ نمازي ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس پڻ هئو. استاد محمد امين جو والد فقير جمعو خان ۽ ڏاڏو مرزا بيگ به پنهنجي وقت جا مشهور سگهڙ شاعر ٿي گذريا آهن ۽ سندن روحاني راڳ يڪتاري تي ڳائڻ پڻ انهن جي وندر ۽ ورونهه جو حصو هو. فقير طور سندن صوفي ازم سان گهڻو لڳاءُ هيو. فقير محمد امين سنياسيءَ جي والده قرآن شريف جي حافظياڻي هئي ۽ ان کي الله تعالى اڪبري حج جي سعادت نصيب فرمائي جيڪو هُن ڪشالا ڪاٽي پيادل پنڌ ڪري ادا ڪيو هو.
ياد رهي ته هن گهراڻي جو فقيري ۽ درويشي صفت سان گهرو تعلق هيو. فقير محمد امين سنياسي ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ هيو. هو ڏهن سالن جي عمر ۾ استاد حافظ الهڏني ڊومڪي ۽ حافط محمد ملوڪ ڀٽي جي علمي لياقتن هيٺ قرآن شريف جو حافظ بڻيو ۽ سندس ڳوٺ گل سانگهرو جي جامع مسجد جو ڪيترو ئي عرصو پيش امام پڻ رهيو. هن سان گڏ فقير سائينءَ کي چوپائي مال، جنهن ۾ ڏاندن، ٻڪرين جو شوق هيو. سدائين سٺا ڏاند ۽ ڪاموريون ٻڪريون پاليائين. پاڻ ست درجا (فائنل) پاس ڪيائين.
مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته فقير سائينءَ جو والد ۽ ڏاڏو سائين وقت جا سريلا سگهڙ ٿي گذريا آهن، جنهن سبب ان زماني کان ئي سندن اوطاقن ۾ سگهڙ ڪچهرين جا ميڙ متل هوندا هئا ۽ انهن ڪچهرين کان ئي متاثر ٿي ڪري فقير محمد امين سنياسيءَ پڻ سگهڙ پائيءَ ۾ پير رکيو. جڏهن ته لوڪ ادب جي نج صنفن جي باقاعدي سکيا وٺڻ لاءِ استاد محمد عرس جويي ۽ غلام سرور ڀٽيءَ کان معلومات ورتي. هن سگهڙائپ جي فن طور ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادبي پروگرامن ۾ حصو ورتو. پاڻ طب جي علم جو جراح، سنياسي ۽ مشهور حڪيم به هيو. علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان طب جي علم جي ڊگري حاصل ڪيائين.
فقير سائين لطيف سرڪار جي سر ۾ سمايل کاهوڙين جيان جوڳين وارا گيڙو ويس وڳا پائي جهر جهنگ ۽ جبل پهاڙ / برٿر جهاڳي حقيقي عشق جي منزل کي ماڻڻ لاءِ پيادل پنڌ ڪري نه رڳو هن سنڌ ۽ پاڪستان اندر پر ايران، تهران ۽ بغداد شريف جو سفر پڻ ڪيو. جنهن سفر دوران صوفي ازم جي پوئلڳ ساٿين مان جيئرام جوڳي، مصري جوڳي، کٻڙ جوڳي ۽ گرو نانڪ جوڳي پڻ ساڻس گڏ هئا. واپسيءَ ۾ فقير سائين ڪوئٽا ۾ به ڪجهه وقت رهيو.
ان سفر کان واپس اچي ضلع دادو جي راڌڻ اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ ٻڍل لاکير ۾ پنهنجي جگري دوست حاجي محمد عرس سولنگيءَ وٽ ڪافي عرصو رهيو، جتي روحاني رمزن جا ورد وظيفا، چلا ۽ ڏها ڪڍيائين. دنيا جي تعلق کان وقتي منهن موڙي سلوڪ جا سبق ويهي پڪا ڪيائين. ان عرصي ۾ سنڌ جي مشهور بزرگ حضرت سعيد موسوي عرف درگاهه سعيدي موساڻيءَ تي به ولايت جا ورق پڙهڻ ويندو هيو. اهي سڀئي منزلون ۽ سفر طئه ڪرڻ کانپوءِ ٻچن جو پيٽ گذرڻ ڪرڻ لاءِ معاشي مرحلن کي منهن ڏيڻ خاطر سال 1987ع ڌاري لاڙ جي پاسي جهرڪ شهر جي ڀر ۾ ڳوٺ حاجي ساکاڻيءَ ۾ يوناني علاج لاءِ دواخانو کوليائين ۽ مختلف مرضن جو علاج ڪرڻ جي شروعات ڪيائين. اتي رهڻ دوران فقير سائينءَ جيڪو محبت جو ٻج ڇٽيو، ان جو اثر اڃا تائين دائم قائم آهي. ٿوري وقت کانپوءِ فقير سائينءَ پنهنجو دواخانو جيڪا يوناني اسپتال هئي اتان تبديل ڪري هاڻوڪي ضلع مٽياريءَ کان اتر طرف هالا کان مٿي پراڻيءَ سعيد آباد ۾ آيو، جتي سنگت جي اسرار تي نيو سعيد آباد شهر ۾ آستانو اڏيائين جتي منهنجي ساڻن سال 2004ع ۾ملاقات ٿي ۽ مون پهرين ڪچهري ڪئي. پاڻ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، محبوب سگهڙ، سدائين مهڪندڙ، هر دلعزيز، حسن اخلاق جي دولت سان مالا مال، وڏڙن سان پيار ۽ ننڍن تي شفقت ڪرڻ وارو، لوڪ ادب جو رکوالو، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عڪاس، لفظن جو ڀنڊار ۽ شانائتو انسان هئو. سندس سُگهڙائپ جو فن پيش ڪرڻ جو نرالو انداز هو.
فقير سائينءَ جي آخري عمر مهمان نوازي ۽ قرب ڀرين ڪچهرين ۾ گذري. پاڻ پنهنجي حڪمت ۽ سُهگڙائپ جو فن پنهنجي فرزند ممتاز علي کي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ئي سيکاريائين. هن راقم الحروف (عاجز لاشاري) پنهنجي پياري دوست حاجي رحيم بخس قريشي ۽ غلام حسين باجاري جڏهن سلات جو پهريون ڀيرو بنياد رکيو هئو، تڏهن حاجي رحيم بخش قريشي ۽ غلام حسين باجاري ساڻس ڳوٺ هلي ويا هئا ته سنڌ جي سگهڙن جي صدارت جو عهدو کيس ڏين پر پاڻ طبيعت جي ناچاڪيءَ جي ڪري معذرت ڪيائين، جنهن بعد هڪ عجيب اتفاق ٿيو جنهن سبب سگهڙ محمد مٺل جهتيال صدر طور منتخب ڪيو ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ جڏهن اڪثر سگهڙن محمد مٺل جهتيال خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي ته فقير محمد امين سنياسيءَ جو فرزند ممتاز سندس ئي موجودگيءَ ۾ 23 مارچ سال 2006ع ۾ سلات جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو، جيڪا خوشي سندس زندگيءَ جي آخري خوشي هئي. فقير سائين ساڳي ئي سال 13 ذوالحج 1426هه ڇنڇر ڏهاڙي ڏينهن جو يارهين وڳي دل جي دوري پوڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. انالله وانااليھ راجعون.
هن وقت سندس فن ۽ فڪر کي وڏو فرزند ممتاز امين سنياسي سنڀالي رهيو آهي. سگهڙ سماچار سان ويچار ونڊيندي ممتاز امين چيو ته منهنجي بابا سائينءَ نه رڳو هڪ والد واري پرورش ڪئي پر هو منهنجي پيءُ سان گڏ بهترين دوست به هيو. هن چيو ته بابا مون لاءِ پارس هيو، جنهن مون کي سون کان وڌيڪ اڻ ملهه لوڪ ادب جو خزانو ڏنو، دنيا ۾ اٿڻ ويهڻ سيکاريو، لاهور مان طب جي علم جي ڊگري ڏياري. هن ٻڌايو ته اڄ مان جو ڪجهه به آهيان ان جي دعائن جي ڪري آهيان. سندس فرزند ممتاز امين ٻڌايو ته مون کي بابي سائينءَ آخري ڪچهريءَ دوران وصيت ڪئي ته پٽ جيسين پاڻ ۾ سگهه سمجهين تيسين لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ سميت سنڌ ڌرتيءَ جو فرض قرض سمجهي نڀائجانءِ. ڪڏهن به ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت کان نه ڪيٻائجانءِ، تنهنجا ساٿي تمام ڀلا ۽ محنت ڪش آهن. الله ڪندو اوهان کي منزل آسانيءَ سان ملندي. مگر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ ته توهان جي اڳيان ڪجهه ماڻهو رڪاوٽون وجهندا پر انهن جي خلاف ڪڏهن به ڪو لفظ نه ڳالهائجو، هو پنهنجي ساڙ ۾ پاڻ ئي سڙي ختم ٿي ويندا. توهان سچائي ۽ مخلصيءَ جو دامن ڪڏهن به نه ڇڏجو. الله اوهان سان گڏ آهي. سندس فرزند ممتاز عليءَ ٻڌايو ته بابي سائينءَ جي شاعريءَ جو ذخيرو 5 هزار بيتن کان به وڌيڪ اڻ ڇپيل مواد جي صورت ۾ موجود آهي.
(”سگهڙ سماچار“ تان ورتل)

جن کي عشق الله ۽ عجب جو آهي
سي سج لٿي کان صبح تائين، لنئون ويهن لائي
ننڊ ڦٽائي نيڻن جي، ويٺا مونا ملائي
تصور رکيئون تن ۾، هنئين سان هنڍائي
صورت صاف سڄڻ، تن کي پرور پسائي
انهن کي عشق عليل ڪيو، صفا نانگو نچائي
ويٺا لنئون پرينءَ سان لائي، اهڙي انگ ”امين“ چئي