19) حسين بخش رڏ
هن انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي آهي،پاڻ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام سهڻي ڌرتيءَ جي ڪمپيئرنگ به ڪندو رهندو آهي، تر ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جو مور به هوندو آهي. هُو پهرين فيبروري 1960ع تي ناري ريگستان ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. هو پهنجي باري ۾ لکي ٿو ته:
”آءٌ جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هيس تڏهن بابو سائين مون کي ڏور بيت، سينگار بيت، ڳجهارتون لکي ڏيندو هيو ۽ آءٌ اُهي بيت ياد ڪندو هيس، اسان جي سونهاري ڳوٺ ۾ درگاهه بچل شاهه بخاريءَ تي روزانو منجهند جو ڪم ڪار کان واندا ٿي ڳوٺاڻا سگهڙ اچي گڏ ٿيندا هئا. ڏور ڳجهارتون ڏيندا ۽ ٻڌندا هئا يا وري ميوو خان کورکاڻي جيڪو پڻ سگهڙ هيو. اوطاق تي ڪڏهن ڪڏهن گڏ ٿي بابا سائينءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪچهريون ڪندا هُئا، مرحوم نور محمد شنباڻي سنڌ جي سگهڙن ۾ شمار ٿيندو هو اُهو ۽ طُريل خان شنباڻي بالاچ خان شنباڻي، رئيس شهباز ڏنو کورکاڻي، سگهڙ غلام حيدر ڀنڀرو، محرم خان ڀنڀرو ۽ مراد خان ڀنڀرو ڪچهرين جا مچ مچائيندا هئا.
مون کي لوڪ ادب جي ڪچهرين جي محبت ننڍپڻ کان ئي هئي ڇو ته پنهنجو استاد ۽ هميشھ مون لاءِ دُعا ڇپر ڇانوَ بابو سائين فقير، هدايت علي هيو، جنهن پڙهائڻ سان گڏ ڪچهرين جو واقف ڪيو، بابو سائين مالي حالت ۾ هڪ مسڪين ماڻهو هو. غربت جي ڪري گهڻو انگريزي پڙهائي نه سگهيو باقي هميشه هدايت ڪندو هيو ۽ وس آهر گهرو تعليم ۽ سُٺن استادن جي خدمت ۾ اچڻ جو حڪم ڪندو هيو ۽ اهي سڀئي ڪم، روزگار، هارپو، ڪم، پڙهڻ، لوڪ ادب، سان واسطو ۽ زماني جا ڪم، برادري واسطا، اهي ڄڻ ته خود سيکاريا هئائين.“
ڪچهرين مان جيڪو اعزاز حاصل ٿيو ان بابت ڪي ڳالهيون
مون کي ياد آهي ته جڏهن آءٌ ٽيون درجو پڙهندو هيس ته امتحان وقت صاحب امتحان وٺي پيو ته اسان جو استاد مرحوم علي نواز کورکاڻي جنهن صاحب کي چيو ته هيءُ ڇوڪرو سگهڙ آهي. سينگار جا بيت به کيس ياد آهن. صاحب چيو ته ڀلا بيت ٻڌاءِ. مون بابي مرحوم جو هڪ سينگار بيت ٻڌايو، سپروائيزر صاحب چيو ته اهو بيت سليٽ تي لکي ڏيکار! مون اهو اڌ بيت سليٽ تي لکيو ڇو ته سليٽ ننڍي هئي ۽ بيت وڏو هو. صاحب اکر ڏسي استاد کي چوڻ لڳو ته ڇوڪرو هيءُ پاس آهي. هن ڇوڪري کي چوٿون درجو ڏنو ويو. بس ڏاڍو خوش ٿيس ۽ اچي سينگار بيتن تي زور ڏنم، ٻيو ته جڏهن اسڪول ۾ گسائيندو هيس ته استاد سزا لاءِ اُٿاري بيهاريندو هيو. آءٌ وري خوف کان ڪجهه چپن ۾ هوريان ڳالهائيندو هيس. استاد پڇندو هو ته ڇورا چپن ۾ ڇاٿو چوين؟ آءٌ چوندو هيس ته استاد بيت ٿو ياد ڪيان اهو ٻڌي استاد سزا ڪونه ڏيندو هو ۽ مار کان بچي ويندو هيس.
ڪڏهن ڪڏهن اڻ وڻندڙ ڪمن جي ڪري بابو ڪاوڙبو هيو ته پين پنو کڻي هاسيڪار بابي جي سامهون لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هيس يا بيت چوندو هيس ته جهٽ پٽ بابو راضي ٿي پوندو هو. اهڙيءَ طرح من ويو وڌندو.
هر ڪاهيندي به ياد اٿم ته ڪيئي بيت ٺاهيندو هيس يا وري ڪو دل پيارو دوست ملندو هيو ته به بيت چوندو هيس. اهڙيءَ طرح بيتن جي چوڻ ۽ لکڻ جو ننڍپڻ کان ئي شوق هيو. 1975ع ڌاران ”ٽالپور وڏا تعلقي ڪوٽ ڏجيءَ“ ۾ هڪ وڏي ڪچهري ٿي ان ۾ لاڙ جا سگهڙ به آيل هيا. مون هڪ ڏور بيت ڏنو جيڪو سگهڙ ٻيڙي فقير پسند ڪيو ۽ سينگار بيت جي ڪچهريءَ بابت به داد ڏنائين. مون کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي گهرائڻ جو به اعزاز ٻيڙي فقير ڪنڀار ڏنو. الله پاڪ جي مهربانيءَ سان ريڊيو پاڪستان تي اڄ تائين حاضري ڀريندو آهيان. حيدرآباد ۾ پهچڻ کان پوءِ سيد صالح محمد شاهه ”فتح خان“ پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچيءَ تي مون کي متعارف ڪرايو ۽ اڄ تائين اها مهرباني جاري آهي.
مالي حالتون:
پرائمري تعليم پوري ڪري گهرو ڪم ۽ هارپي جو ڪم بابي ساڻ گڏجي ڪيم. آگسٽ 1975ع ۾ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نارا ڪئنال تي سرڪاري چئنل مشينن تي نوڪري ڪيم پهريان آئل مين ۽ ٽن سالن کان پوءِ آپريٽر مقرر ٿيس. آگسٽ 1981ع ۾ آپريٽريءَ جي نوڪريءَ تان استعفى ڏئي وري ڳوٺ ۾ اچي حڪمت جو ڪم ڪيم جيڪو به پڻ بابي سائينءَ سان گڏ ڪيم. ڇو ته بابو طب يوناني ڪم جو به وڏو ڄاڻو هو، حڪمت جو ڪم ننڍپڻ کان ئي بابي سائينءَ سان گڏ ڪندا هئاسين. حڪمت جي ڪم مان ايڏي آمدني ڪانه ٿيندي هئي جنهن تي اهل وَ عيال يا گهڻا ڀاتي ۽ انهن جو پورو روزگار ٿي سگهي، ان ڪري 1983ع ۾ ”هاءِ اسڪول عنايت حسين شاهه نارا گيٽ“ تي چوڪيداريءَ جي نوڪري ملي.
نوڪري، روزگار سان گڏ استادن وٽ باقاعدي پڙهندو به هيس. نتيجو اهو نڪتو ته 1985ع ۾استادن جي مهربانيءَ سان هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه سينٽر تي آرٽ ۾ فارم ڀرائي امتحان ڏنو ۽ الله پاڪ جي مهربانيءَ ساڻ پاس ٿيس ۽ 1987ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيس، جيڪو هن مهل تائين فرض انجام ڏيندو رهان ٿو.
اولاد:
قادر ڪريم جي قرب ساڻ ست پٽ ۽ هڪ نياڻي اٿم. 1992ع سال منهنجو هجري سال آهي ڇو ته انهيءَ سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ سندم نوجوان پٽ رجب علي وصال ڪري ويو ۽ ڊسمبر مهيني جي 12 تاريخ بابي مرحوم جي جدائي نصيب ٿي. الله پاڪ کين جنت نصيب ڪري آمين.
لوڪ ادب سان واسطو:
مٿي ڄاڻايل احوال موجب ننڍپڻ کان ئي لوڪ ادب سان واسطو رهيو آهي. انهن سڀني حالتن ۾ گذرندي ڪچهرين جي حوالي ساڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ وڃي مشاهدا ڪري ڪچهرين ۾ شامل ٿيندو رهان ٿو ، پوءِ اهي ڪچهريون سرڪاري هجن يا غير سرڪاري. لکڻ لاءِ به جيڪو هيءُ مواد ڪتاب ”حرف هيرن جهڙا“ اهو به ننڍپڻ کان ئي لکيل قلمي مواد آهي. ان کان علاوه بابي سائينءَ جو ڪلام اهو به ڄڻ ڪلهن تي وڏو بار هو، جيڪو ڪتاب ”سونهاري جي سونهن“ نالي ساڻ ڇپجي چڪو آهي. ان کان علاوه ناري ريگستان جا سگهڙ ۽ ناري ريگستان جي جاگرافي ڪجهه دوستن ساڻ گڏجي ڪتاب ”ريگستاني رهاڻيون“ به شايع ٿي چڪو آهي.
حقيقت ۾ سنڌ جي وڏن سگهڙن ساڻ جيڪو منهنجو ملڻ ٿيو يا جيڪي انهن ساڻ ڪچهريون ٿيون اِهو سڀ ڪجهه بابي سائينءَ جي دُعا جو اثر هو. جڏهن به ٻاهر ڪنهن ڪچهريءَ تي ويندو هيس ته بابو مون کي هڪ رُپيو يا ٻه رُپيا هٿ ۾ ڏيندو هو. آءٌ کيس چوندو هيس ته بابا مون وٽ ڀاڙو خرچ گهڻو آهي ته چوندو هو، پٽ هي دُعا جا اٿئي ۽ اميد ته ڪنهن به ڪچهريءَ ۾ تنهنجو هٿ نه مُنجهندو، خير، اهي ته پيار جون ڳالهيون هيون جيڪي اڃان به ياد ٿو ڪيان. اصل ۾ هيءَ هڪ ڳالهه ٿو لکان جيڪا اسان جَن سگهڙن سڳورن کي ڪانه وڻندي پر ڪا اهڙي خراب ڳالهه ڪانهي.
بابو مرحوم هدايت ڪندو هو ته ڪڏهن به ڪوشش ڪري پنهنجي پاڻ کي استاد نه چَوَرائجي، استاد اهو آهي، جنهن کي عام ماڻهو ازخود پيار مان استاد تسليم ڪري. اهو ئي سبب هو جو سکندڙ شاگردن کي چوندو هو ته بابا سڀ پاڻ اڃان لوڪ ادب کي سِکون ٿا، هونئن ته ڪافي کيس شاگرد هئا.
سنڌ جي وڏن سگهڙن ساڻ ڪچهريون:
مون قادر بخش راڄپر ساڻ هڪ ڪچهري ننڍپڻ ۾ ڳوٺ سيد گمبل شاهه تعلقي ناري ۾ ڪئي. ان کان علاوه بخشيو شر، قاضي الهواريو، ٻيڙو فقير ڪنڀار، حاجي مهيسر، محمد ملوڪ عباسي، ڪريم بخس وسطڙو، محمد موسى مهيسر، علي شير فقير جاگيراڻي، شاهنواز ڪٽوهر، مهوال فقير ڪٽوهر، محمد مٺل ٻرڙو، حبيب الله لاشاري ۽ ٻيا کوڙ سارا سگهڙ جيڪي گهڻائي ۾ هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن تن سان روح رهاڻيون ٿيون.
ادبي ڪمن ۽ ڪچهرين ۾ مون سان ساٿ ڏيندڙ دوست:
هڪ وڏو ماڻهو ٿي ڪري هميشھ صلاح ۾ سَلهاڙيل، مير اختر حسين ٽالپور ٻيو هميشھ ڪچهرين ۾ حاضر ٿيڻ وارو فقير گل محمد ڪنڀار حيدرآباد وارو، مَلڪُ شفيق احمد نارا ڪئنال آر، ڊي نمبر 202 وارو، رئيس علي شير شنباڻي، شير خان مهراڻي، رئيس محمد جمن خان لغاري، سگهڙ غلام حيدر ڀنڀرو، راوت خان خاصخيلي، رهاڻ فقير مهر، استاد لطف علي رڏ، استاد بشير احمد رڏ، استاد هوت علي رڏ، استاد اوم پرڪاش، ڊاڪٽر ليلا رام چونڊڪو، استاد غلام شبير خاصخيلي اسان جي ناري ريگستان ۾ جيڪي به ڪچهريون ٿين ٿيون انهن ۾ ڪچهريءَ جو قربدار ماڻهو، فقير قائم خان ڀنڀرو جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.“
سندس چونڊ ڪلام هتي ڏجي ٿو؛
[b]ڀٽائيءَ جي حضور ۾[/b]
ڀلاري ڀٽائيءَ تي سوين ٿين سلامي
عقيدي مان ايندي ڏين ٿا غلامي
مفڪر مُبصر ۽ شاعر عوامي
رسالي جي بيتن مان ٿين ٿا ڪلامي
وڏي پيار ۽ اُلفت مان هتڙي اچن ٿا
شهنشاهه جي ننگريءَ جي چائٺ چُمن ٿا
لَڌو مانُ مِٽيءَ اوجاڳن جي عيوض
ڀلاري ڀٽائيءَ جي ڀاڳن جي عيوض
مليو فيض فَڪر کي ماڳن جي عيوض
ٻٽيهه سُر سُونهَن ٿا راڳن جي عيوض
سڀئي بيت سيد جا آيتون ئي آهن
پريان جي پار ڏي نيو من ٿا لائِن
مارئي مُومل سُهڻي ۽ سورٺ جون صدائون
نوري ڄام تماچي ۽ ڪينجهر جون هوائون
سسئيءَ جي سچائي اُلفت جون اَدائون
۽ سامونڊين جا سفر ۽ جوڳين جون جفائون
پر وڏو سُر ڪيڏارو چيو ڀٽائيءَ ڀلاري
ڇڏيائين عشق وارن کي جلدي روئاري
لکيا مختلف نموني راقمن رسالا
پنهنجي ڄاڻ آهر ڏنا ويا حوالا
هر سال هتڙي پڙهجن ٿا مقالا
سگهڙ شاعر ۽ اديب اچن ٿا اعلى
مگر رسالي جي بيتن کي ڀٽائي ٿو پاڻ ڄاڻي
باقي حسين بخش هر ڪوئي مطلب ٿو ماڻي
پهاڪا
اندر آکيرو اُلوءَ جو، ٻاهر طوطي جي تنوار
اندر ديرو دغا جو، ٻاهر وفا جو واپار
اندر قاتل ڪَڙائي، ٻاهر مِٺي ماکيءَ لار
اندر شِر شيطاني، ٻاهر آيتون اظهار
اندر ڪَڻاههُ ڪُلفت جو، ٻاهر الفت جي آڌار
اندر کرو کوٽ جو ٻاهر نفعو ڪري نروار
حسين بخش هن حال تي، وڏو ڪيم ويچار
ته توڙي پڙهجن حج هزار، ته بِه درجا آهن دِليُن تي
بک نه پڇي ڳُنڌڻ، ننڊ نه پڇي هنڌ
عشق نه پڇي ذات، پيار نه پڇي پنڌ
باهه نه پڇي ڪاٺ، واءُ نه پڇي رند
گنجو نه پڇي ڦڻي، ڀَتُ نه پڇي ڏند
موت نه پڇي مهل، ڪات نه پڇي ڪنڌ
بيت ۾ اهڙا بند، ڪنهن حريف چيا حسين بخش چئي
آدم کان اڄ تائين گُذر ٿي ويا ڪيئي زمانا
ٿيا ڌرتيءَ تي ڌاڄا ۽ کُٽي ويا ڪيئي خزانا
ڏسو هابيل ۽ ڪابيل جو ڪيئن جهڳڙو لڳو
ننڍي کي وڏو ڪُهي ڀاءُ پيو سڳو
الائي زر زمين جي لالچ، الائي حسد هو رُڳو
الائي دنيا دولت، الائي ته ڪو پَٽ جو وڳو
پر ادي مان عدو ٿيو، جنهن ڀاءُ جو ڳاٽو ڀڳو
ڄڻ شيطان جي حرڪت ۾ ڦاٿو کڳو
مگر آدم جي الفت جنهن حاصل ڪئي
ڪئي کڻي نازل، الله ان تي رحمت
هڪ ڪڻي مان ڪثر ٿيا ۽ ڪثر مان ڪڻا
اچي آدم جي اولاد جا ٿيا رِشتا گهڻا
۽ ڏاڏيءَ هوا جا ڄڻيا ڄڻ ٻه ڄڻا
هڪ کي تسبي مالها ٻئي کي جڻيا
ٻنهي ٿي چاهيو وڌيڪ آءٌ ٿو وڻان
ڀلا هندو ۽ مسلم جا کڻي نالا کڻان
هڪ باهه جي آڙاهه ۾ جليو جنهن جو تن
۽ ٻيو ڌرتيءَ ۾ ٿيو ڪفن سان دفن
آريا ۽ اڻ آريا ڀي انسان ئي هئا
هيو ڌرتيءَ تي پاڻي، هُو ڄڻ حيوان ئي هئا
ڪي مونث ڪي مذڪر، ڪي ڇوڪر ۽ جوان ئي هئا
مگر ڪي سياڻا سٻاجها، ڪي نادان ئي هئا
پر ملڪ الموت جي چنبي، ماري مات ڪيا
خاڪ ۾ ٿي خاڪ ويا، بيوس کڻي حالتن ڪيا
چون ٿا ته پهريان هو پاهڻ جو زمانو
پٿر مان هر چيز هر شئي ٺاهڻ جو زمانو
پوک کيتي زمين ۾ هو هر ڪاهڻ جو زمانو
محل ماڙيون جاءِ جايون ٺاهڻ جو زمانو
حاڪم ۽ محڪوم کائڻ ۽ کارائڻ جو زمانو
ڏسو موهن جو دڙو آثار آهن قديمي
سا ته سنڌ جي ثقافت ۽ پار آهن قديمي
اصل ۾ عرب ۽ سنڌ ۾ يا ڪي ٻيون جاتيون هُيون
ماڻهن جون ماڻهن سان رڳو لڙايون هيون
ڪٿي قتل غارت ڪٿ ڦاسيون ۽ ڦاهيون هيون
ڪٿي ته قومون ڏاهپ ساڻ ڏاهيون هيون
ڪٿي ته جنگيون ۽ ننگيون ۽ رت جون باهيون هيون
ڪٿي راڻا ۽ راڻيون ڪٿي ٻانهيون ۽ دايون هيون
۽ روءِ زمين جا شهنشاهه به لاڏاڻو ڪري ويا
سڪندر ۽ سليمان جهڙا به حسين بخش هالاڻو ڪري ويا
[b]هاري ديس جو[/b]
هاري هردم هر هلائن ٻنيءَ ۾ ٿا ٻڄ گڏائن،
پاڻيءَ سان ٿا پوک پچائن، فصل پچن جلد لڻائن،
محنت هاريءَ ڪارڻ مانُ، قوم تي ڪيو قرب ڪِسان
راضي تنهن تي رب رحمٰن
ملڪ ۽ قوم جي زينت هاري، راتيان ڏيهان محنت جاري
ڪڙمي ڪاهِن پوک پياري، ڪڻڪ ڪمند ۽ جوئر ساري
وونئڻ ڪپهه جي وارو واري، ڪپڙا ٺهن سوٽي ٿان
قوم تي ڪيو قرب ڪسان، راضي تنهن تي رب رحمٰن
ڪمند پيڙي ڳڙ بنائن کنڊ مٺايون کوڙ پيا کائن،
مجيريءَ سان ونڊي ورهائن، پنهنجو قومي فرض نڀائن
ديس سندي کي ڀلو ڀائن، گرمي سرديءَ ۾ حيران
قوم تي ڪيو قرب ڪسان، راضي تنهن تي رب رحمٰن
هاري حسين بخش حريف، فصل ڪاهن ربيع خريف
سادا ماڻهون شان شريف، وقت غريبي حال ظريف
تن جي رکندو لڄ لطيف، پوک ۾ زيادهه پاڪستان
قوم تي ڪيو قرب ڪِسان، راضي تنهن تي رب رحمٰن
[b]جوئر جي پوک - جهار جي مند [/b]
پڪي جوئر پيها پيا، پکين لاتو شور،
هور ڙي ٻِلا هور
مٽي پَٽيو ڳوڙها ٺاهي، کانڀاڻيءَ تي زور،
هور ڙي ٻلا هور
ڪٻر ڪانگو ڳيرا ڳيريون، جهرڪن جي ته جهڪور،
هور ڙي ٻلا هور.
وَهِنيو ويٺو سنگ اکوڙي، چَتون بڻيو چور،
هور ڙي ٻلا هو،
اڇي جوئر، اڇا داڻا، آڀُن جي ته اَتور،
هور ڙي ٻلا هور
لابارن ۾ لايُون موکن کاريون ڀري مور،
هور ڙي ٻلا هور
هاري حسين بخش هزارين، ڪن سانوڻيءَ جا دور
هور ڙي ٻلا هور.
لفظن جي معنى: ڪسان= هاري، سوٽي ٿان =ڪپڙي جو ويڙهيل ڍڳ، ربيع= سرءُ سانوڻي، هور ڙي هور = ڪڙمي هڪل ڪرڻ مهل هڪلون ڪندو چوندو آهي.
[b]بهار جي مند [/b]
هن حياتيءَ ۾ ڏسن ٿا اُنهارا سوين سيارا
پر بهار ۾بهاريون، نوان رنگ ناز نظارا.
وڻن ۾ واڌايون، وَڌن ٿا ڦُٽن ٿا ڦَرن ٿا
لُڏن ٿيون لاڏ مان لامون، لُڏِي ڏين لُوهه لامارا
چڱو ٿيو چيٽ چؤکو ٿيو، ڦوڳن جهلي ڦوڳي آ
ڪَڪوريا ڪِرڙ ڪوماڻل، سڙيل ساوا ٿيا سارا.
باغن ۾ بهاريون ٿيون، گلابي گل ٿيا گهرا
چتون چيها بلي بلبل، ڪري ڪوئل ڪُوڪارا
جَهڪوريو، جُهڙ مٿي اُڀ ۾، ڪَڪوريا ڪڪر ڪارا،
وڻيو سانوڻ سنگهارن کي، لٿا مَنَ مونجهه مُونجهارا.
چَوَن ٿا اِئين عالم ته مَڪي ۾ آيو محمدﷺ هو
ته بهار جي موسم هئي، خوش ٿيا حسين بخش پارا.