9) گل بيگ رند
گل بيگ خان نوٿاڻي سيوهڻ تعلقي جي مشهور ڳوٺ”باجارا“ جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ چينگاڻيءَ ۾ اڄ (2013ع) کان 74 سال کن اڳ ڄائو، اتي ئي نپنو، جوان ٿيو .
باجارا ڳوٺ سيوهڻ تعلقي جي اولهه طرف آهي. اڪثر ماڻهو هن ڳوٺ ۽ هڪ ٻئي ڳوٺ جو نالو ملائي هڪ ئي ڳوٺ ”باجارا جهانگارا“ ڪري چوندا آهن، جو نالو بنهه غلط آهي. هي ٻئي ڳوٺ الڳ الڳ آهن. سيوهڻ کان اولهه طرف ڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”باجارا“ ڳوٺ آهي ۽ باجارا کان ٻن ميلن تي اولهه طرف وري ”جهانگارا“ ڳوٺ آهي.
ڳوٺ باجارا کان ٻه ميل پري ڏکڻ طرف آهي. سئو کن ماڻهن تي ٻڌل هيءُ ڳوٺ ٻروچ قبيلي جو آهي. هن ڳوٺ ۾ ”نوٿاڻي“ رند بلوچن جي برادري سان واسطو رکندڙ ماڻهن کان سواءِ ٻيو هت ڪوبه ڪونه رهي ٿو. ٻارن جي تعليم لاءِ هت ڪوبه اسڪول ڪونهي.
هن ڳوٺ جي ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو هارپو ۽ مزدوري آهي، هتان جون زمينون باراني آهن، ان ڪري مينهن نه پوڻ ڪري هنن جو گهڻو گذر سفر ڪاٺيون ڪري جهانگارا، باجارا ڳوٺن ۾ وڃي وڪرو ڪرڻ تي آهي. هن ڳوٺ جي معاشي حالت”آڻيون چاڙهيون ڏٿ ڏيهاڙي سومرا“ واري آهي.
لوڪ شاعريءَ جو شوق:
لوڪ شاعريءَ جو شوق کيس پندرهن سالن جي عمر ۾ ٿيو، پنهنجي والد سان گڏ هو ڳوٺ يا ٻاهر جي ڪچهرين ۾ پيو ويندو هو. اهڙين لوڪ ڪچهرين جي ٻڌڻ مان هن اتساهه پرايو ۽ ائين هيءُ مختلف شاعرن جا ٻڌل بيت، ڏور، ڳجهارتون، هنر وغيره ياد ڪرڻ لڳو، ائين هن کي ٻن هزارن کان مٿي لوڪ ادب جون مختلف صنفون ياد ٿي ويون.
پاڻ ڏور بيتن، ڳجهارتن ۽ هنر جي صنف تي شاعري ڪئي اٿس. سندس ذاتي ٺهيل ڏورن جا ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا.
پنجتني ڏور
سهڻيون سڀيئي هيون، پر سهڻي منجهن هڪ،
قابو سا ڪامڻ بڻي سهڻ جي سڪ،
رهبر تنهن تي راضي ٿيو، والي ڪيس ورڪ،
امت کي آريءَ ڄام جي، ملندي مبارڪ،
راضي ٿيو”رند“، چئي، پورهيت کي آهي پڪ.
ڀڃڻي: هڪ دفعي امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جن کي راند ڪندي ڪندي وڻ هيٺان آرام اچي ويو، ايستائين جو سج لڙڻ سان امامن تي ڇانو ختم ٿيڻ واري هئي. الله تعاليٰ ٽارين کي حڪم ڪيو ته ٻيون سڀ ٽاريون ڀلي ڇانوَ ختم ڪن پر منهنجي حڪم سان اها ٽاري اُتي پنهنجي ڇانوَ بيهاري ڇڏي، جتي امام سُتا پيا آهن.
اهڙيءَ طرح شاعر هن ڏور ۾ ڳالهه ڪر ي ٿو ته ٽاريون سهڻيون ته سڀئي هيون پر هڪ ٽاري ڏاڍي سهڻي هئي، جو بخت واري بني ۽ الله جي حڪم سان پنهنجي ڇانوَ حسنين جن تي ننڊ مان اُٿڻ تائين قائم رکي. رب سائينءَ جي انهيءَ راضي ٿيڻ تي سڀني ٽارين ان کي مبارڪ ڏني. آخري سٽ ۾ شاعر پنهنجي ذات وِڌي آهي ته هن پورهيت ٽاريءَ کي پڪ هئي ته مون تي الله راضي ٿيندو.
ڏور (سوا لک منجهان)
پوک ڀيلائي پنهنجي ڪڙميءَ ڪيو اقرار،
ڪڙميءَ جي پوک جي پئي پورب منجهه پچار،
ٻني اها ئي ٻار، جنهن ٻيهر ان ٻيڻو ڪيو .
ڀڃڻي: حضرت ايوب عليه السلام جن جڏهن سخت بيمار ٿيا، کين ايترا زخم ٿيا جو انهن ۾ ڪيڙا پئجي ويا هئا، انهيءَ موذي مرض ڪري سندس گهرواريون ۽ ٻار ٻچا ڪڪ ٿي کيس اڪيلو ڇڏي ويا. ايستائين جو شهر مان کيس ڪڍيو ويو. سندس هڪ گهرواريءَ کيس نه ڇڏيو. هن سان آخر تائين گڏ هئي. آخر ڪار سندس صبر ڏسي، ڌڻيءَ پاڪ کيس نئين صحت ڏني، پاڻ وري هڪ خوبصورت صحتمند نوجوان ٿي ويو.
شاعر فرمائي ٿو ته حضرت ايوب جي صحت جڏهن ڪري پئي، ته به پاڻ شڪر صبر ۾ گذاريائين، سڄيءَ دنيا ساڻس نفرت ڪئي پر پاڻ ڪڏهن به صبر شڪر نه ڇڏيائين، آخر ڪار ڌڻيءَ پاڪ سندس صبر شڪر ڏسي نئين صحت ڏني ۽ اڳي کان به وڌيڪ خوبصورت، سهڻو ۽ تندرست نوجوان ٿي پيو. شاعر آخري سٽ ۾ چيو آهي ته ”ٻني اها ئي ٻار، جنهن ٻيهر ان ٻيڻو ڪيو.“
ڳجهارتون
(1)
گهوڙي جو شهر ۾، نرنانءَ کڻي نالو ڪيو
ڀڃڻي: گهوڙي جو= ميدان، شهر= ڪربلا، نرنانءُ= حسين عليه السلام، نالو= منظور
ميدان ڪربلا ۾ حضرت امام حسينؑ شهادت قبول ڪئي.
(2)
اي نرنانءُ نالي کي ٻه نالا ڪر مان عضوي پنهل ڏسان
ڀڃڻي: نرنانءَ= مولا، نالي= ڏونگر، عضوو= تري
اي مولا ڏونگر کي درياهه ڪر، مان تري پنهل ڏسان.
ڳجهارت بابت:
ڳجهارت حقيقت ۾ پروليءَ جو هڪ ڳوڙهو قسم آهي. معنوي لحاظ کان اهي ٻئي هڪ نظر اچن ٿيون پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. پرولي عام طور ٻارن لاءِ هوندي آهي ۽ ڳجهارت سگهڙن ۽ وينجهارن لاءِ هوندي آهي. ڳجهارت جي معنى ڳجهو ارٿ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي لڪل مطلب.
هنر
(1)
مرلي هئس ماروئڙن جي، ڌوڪڙي اباڻن،
سارنگيون ساريم سومرا، پڪو ازون، پنهوارن،
توتاريون تن مان نه ملان، ”رند“ چوي.
ڀڃڻي:
مان رلي هئس مارن جي، هڪڙي ڌيءَ اباڻن
ساهه ساري ميان سومرا، پڪ پنهوارن،
اهي ٽاريون وڃي مان ڏيان، شل ملان مارن سان.
مرلي= مان رلي، ڌوڪڙي= ڌيءَ هڪڙي، سارنگيون: ساهه ساري= پڪوازن= پڪ= توتاريون= ٽارين.
(2)
عاجزن کي ٿا منجهائين عمر هنڌ واڻا،
ڪڙا لڳن قلوب ۾ عمر هنڌ واڻا،
موڪل ڏي ته ملير وڃان، عمر هنڌ واڻا.
ڀڃڻي:
عاجز کي ٿا منجهائين عمر هندو واڻيا،
ڪڙا لڳن قلوب ۾ تنهنجا هنڌ وهاڻا،
موڪل ڏي ته ملير وڃان عمر هوند وڻان.
هنڌواڻا= هندو واڻيا هنڌواڻا= هنڌ وهاڻا، هنڌواڻا= هوند وڻان
نثري ڀڃڻي: غريبن مسڪينن کي هندو واڻيا دٻائين پيا. تنهنجا هنڌ وهاڻا منهنجي جسم کي راحت ڏيڻ بدران ڪان ڪڙا ٿا لڳن. اي عمر مونکي موڪل ڏي ته مان پنهنجي ملڪ وڃان، من مان پنهنجي ماروئڙن کي وڻان.
(3)
واڱڻ آئين واڙيءَ ۾، پنهنجا هئا هنڌاڻا حال،
ڪدو ڏٺو هيئه ڪڇ ۾، پٽي ڪڍين هان ترار،
مرلي تي ميار ري، ڀڙ رکين هان ڪانه ڪا.
واڱڻ= اڱڻ= هنڌاڻا= هندو ، ڪدو= ڪير به، مرلي = ميار، ڀڙ= ڀاڙيو
ڀڃڻي:
اڱڻ آئين جڏهن، صفا هندو نڪتين،
ڪير به ستل هو، ماري وجهين هان،
مونتي رکين ڇو ميار، ڀاڙيو ٿي پئين تون.
هنر: ڳجهارت جو هڪ قسم آهن، هن ۾ قسمين قسمين عجيب طرح جا ڏوهيڙا چيل هوندا آهن، جن جي ظاهري معنى آسان پئي لڳندي، مگر سگهڙ جنهن وقت انهن جي ويهي معنى تفصيلوار ڪڍندا آهن، ان وقت ڳجهيءَ معنى جو پتو پوندو آهي.
هنر ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا. مثال: سرائتا هنر ، چيروان هنر، بي سرا هنر، عام رواجي هنر.
(1)
چئن ۾ ناهي
ڀڃڻي: پاڻيءَ ۾ پليتي ناهي، زبان ۾ هڏو ناهي، آسمان ۾ قبر ناهي. قرآن ۾ ڪوڙ ناهي.
(2)
ڳهچار مُٺيون
ڀڃڻي: ليليٰ هار مُٺي، سورٺ مڱڻهار مُٺي، سهڻي ميهار مُٺي، ۽ سسئي مهار مٺي.
مٿيان سڀئي لوڪ ادب جا شعر هن ٻهراڙيءَ جي شاعر گل بيگ خان جا آهن.
ائين هن جهڙا ڪيئي لوڪ ادب جا شاعر سڄيءَ سنڌ جي واهڻن، ڳوٺن، ٿرن ۽ برن ۾ پنهنجي پنهنجي تر ۾ لوڪ ادب جا ذخيرا سانڍيو گذاري رهيا آهن، ان ڪري اسان ادب جي شاگردن، محققن، ۽ علم ادب جي شوقينن کي گهرجي ته هو واهڻ واهڻ وڃي اهڙي لوڪ ادب جي سون جهڙن ذرن کي ڳولي ڦولي، انهن کان حال احوال وٺي پنهنجي بي بها لکڻين ۾ انهن کي سموئي ڇڏيون، جيئن هو هميشه لاءِ ادبي تاريخن ۾ يادگار ٿي وڃن.
(ڪلاچي تحقيقي جرنل (مارچ 1999ع) تان ورتل)