لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪچهريءَ جا مور

هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book ڪچهريءَ جا مور

9. لوچون ڏس لقمان جون (محمد لقمان کوکر جو ڪتاب)

سُگهڙ محمد لقمان کوکر هن دؤر جو هڪ مڃيل سگهڙ آهي، بلڪه جيڪڏهن ائين لکجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته هِن دؤر جي ناليوارن سگهڙن منجهان هڪ آهي. ريڊيي، ٽي ويءَ تي ٻُڌڻ ڏسڻ سان گڏ مون ساڻس ڪچهريون به ڪيون آهن ته وري سندس ڪتاب 1. لاتيون سُڻ لقمان جون، 2.لعل ڪڻا لقمان جا به پڙهيا آهن. سندس هيءُ ڪتاب به نظر مان ڪڍيو اٿم. سندس ٽنهن ڪتابن ۾ لوڪ ادب جون مڙيئي صنفون سمايل آهن. سگهڙائپ جي فن جي روايت ۽ قانون مطابق هر هڪ ڪتاب جي ابتدا حمد ۽ نعت کان ڪئي وئي آهي. هيءُ همراهه عملي زندگيءَ ۾ به هر ڪم جي شروعات الله ٻاجهاري جي نالي سان ڪندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته سدائين سندس ٻيڙا پار هوندا آهن.
سندس هن ڪتاب ۾ ڪجهه نوان موضوع به شامل ٿيل آهن. جيئن ٻوڏ، سنڌو درياهه جي 2010ع واريءَ ٻوڏ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪا تباهي مچائي، ان جو مثال نه ٿو ملي، فقير لقمان چئي ٿو ته:
لکين لڙهيا انسان، ڪير ڀريندو؟
هيڏو هيءُ نقصان، ڪير ڀريندو؟
ٽوڙهي بند کي بم هنيائون
سنڌ ڪيائون سنسان، ڪير ڀريندو؟
گڊوءَ سکر تي زور وڏو آ
الله ڏيندس امانَ، ڪير ڀريندو؟
جيڪب آباد، جعفرآباد ٻوڙي هليو
پاڻي بلوچستان، ڪير ڀريندو؟
”ڪير ڀريندو؟“ جي موضوع تي سندس اهو شعر (19) بندن تي ٻڌل آهي، جنهن کي اسان واقعاتي بيتن/شاعريءَ ۾ شمار ڪري سگهون ٿا، ٻوڏ واري واقعي جو لقمان اکين ڏٺو شاهد ٿي واقعا بيان ڪندو وڃي ٿو. ان ريت سگهڙ پنهنجيءَ سنڌ جي تاريخ محفوظ ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت طوفاني برسات، بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ ۽ موبائيل فون کي به موضوع بڻايو اٿائين، تعليم جي تباهيءَ تي رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿو؛
تعليم ٿي مَرندي وڃي
هيءَ قوم ٿي ڪِرندي وڃي
اي سنڌ جا سياستگرو
اي مانوارا منسٽرو
اعلى علم جا ماهرو
اي محققو دانشورو
پر سوچو ڪجهه تعليم تي
عين، لام ۽ ميم تي
دل منهنجي جُهرندي وڃي
تعليم ٿي مرندي وڃي
قوم ٿي ڪِرندي وڃي
هن ڪتاب ۾ سُگهڙ محمد لقمان جي شعور جو جوڀن نظر اچي ٿو، منجهس قوم جي ترقيءَ جو وڏو اونو نظر اچي ٿو. سندس شاعري پڙهي استاد بخاريءَ جون سڪون لهن ٿيون. يقيناً مٿس استاد بخاريءَ جو اثر هوندو. اهو ئي سبب آهي ته سگهڙ محمد لقمان جي شعور ۽ Diction ۾ اُستاد بخاريءَ جي شخصيت ۽ ڪلام جو هڳاءُ اچي ٿو. هِن همراهه پنهنجي ڪتاب ۾ غزل جي صنف تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. غزل جو اصل موضوع عورت سان ڳالهيون ڪرڻ،سندس سونهن بيان ڪرڻ، زلفن جا پيچ ۽ سينگار جون ڳالهيون ڪرڻ وغيره آهي پر هِن همراهه غزل ۾ به ڌرتيءَ جون دانهون ۽ آهون ڀريون آهن.
رهيل هڪ اَن ٻوري هئي، سا به برسات لوڙهي وئي،
تَرڻ لاءِ ڀينڊي توري هئي، سا به برسات لوڙهي وئي.
ساڳيءَ ريت ڪافيءَ ۾ به هن مختلف موضوع آندا آهن. معاشرتي غزل به لکيا اٿائين؛ مثال:
غريب جي چلهه ٻري نه ٿي،
امير جي چلهه ٺري نه ٿي،
هو امداد زڪوات ويٺو کائي،
هن لاءِ حڪومت ڪري نه ٿي،
مان ”لقمان“ لکڻ تي مجبور آهيان،
سچ سوا منهنجي سَري نه ٿي.
محمد لقمان اڄ جي سياستدان کي به آئينو ڏيکاريو آهي. ان کانسواءِ لاڙڪاڻي ۽ قمبر ضلعن جي تاريخ جاگرافي به بيان ڪئي اٿائين، لاڙڪاڻا ميڏا لعل ۽ ”قمبر عنبر آ“ ۾ ٻنهن ضلعن جو مڪمل تعارف ڪرايو اٿائين، اتان جا بزرگ،شاعر، اديب، ذاتيون، ڳوٺ، شهر، شخصيتون، کاڌا پيتا وغيره ڏاڍي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيا اٿائين.
ڏهس ڏکي صنف ته آهي پر وڏي پائي جا سُگهڙ ان تي طبع آزمائي کي لازمي سمجهندا آهن ڇاڪاڻ ته سگهڙ جي ڏات جي پرک جو هڪ ماپو ڏهس به آهي. محمد لقمان کوکر ڏهس کان به اڳتي نڪري ٽيهس چاليهس تي پهتو آهي. ڪتاب مان سرائڪي ٽيهس پڙهي سندس ڪاريگريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو .
ڪتاب ۾ هنر، ڏور بيت، رسالو ڳجهارت، قلندر سائين، سچل سرمست ۽ تقي شاهه باڊاهيءَ بابت شعر، سينگار، ڪي ٽي اين، ايڪتا جو ڏينهن، پهاڪا، مورو، جمالو، همرچو، لولي ۽ نصيحت جا بيت ڏنل آهن.
محمد لقمان جي هن ڪتاب پڙهڻ سان ماڻهون سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ٿي پئي ٿو. مون کي پڪ آهي ته هيءَ سوچ ۽ لوچ ضرور ڪو ٻوٽو ٻاريندي.
بجليءَ جو بُحران
واهه جو بِجلي، تنهنجو ٻَرڻ آ،
انهيءَ ٻرڻ کان، سُٺو مرڻ آ.
(1)
چوويهه ئي ڪلاڪ، چَٽ هِن تنهنجا،
وڏا هي اندر ۾ ڦٽَ هِن تنهنجا،
منٽ ۾ تنهنجو اچڻ وڃڻ آ.
(2)
مانيءَ مَهل ڀي، تنهنجي آ تعدي،
ماني ته جهڙي کاڌي نه کاڌي،
نصيب اوندهه ۾ بسيون چَٽِڻ آ.
(3)
ڏهن ڪلاڪن ۾ بلب ڀي نه ٻارين،
مَريضن کي ٿي، گهر ۾ مارين،
گرميءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو ٿيو جيئڻ آ.
(4)
لوڊشيڊنگ آ، تنهنجي جاري،
ٽائيم نه ٽيبل، توبهه زاري،
ماڻي تاڻي، تنهنجو هلڻ آ.
(5)
درزي ويٺا دُعائون گُهرائن،
ڪيئن ڪاريگر مِشن هَلائن،
جَن جي روزي، ڪپڙا سِبَڻ آ.

(6)
نڪي ڇڙهايون، نڪي پيسايون،
اٽي بِنا ڪيئن ماني پچايون،
بک تو ماريو ڪهڙو بچڻ آ.
(7)
منٽ ٻه ٽي ٿا مَس هَلايون،
بِل ڇَڏن ٿا دِل دهلايون،
بيهوش ٿي پو ڪِرِي پَوڻ آ.
(8)
’لقمان‘ لٽيو آ، بجليءَ هاڻي،
اڃان ته اڳتي الله ڄاڻي،
پاڻ ساڻ ٿيڻو ڪِهڙو پَسڻ آ.

تعليم جي تباهي
اي سنڌ جا سياستگرو
تعليم ٿي مَرندي وَڃي،
هيءَ قومَ ٿي ڪِرندي وَڃي.
(1)
تعليم ٿي مَرندي وڃي
هيءَ قوم ٿي ڪِرندي وڃي
اي سنڌ جا سياستگرو
اي مانوارا منسٽرو
اعلى علم جا ماهرو
اي محققو دانشورو
پر سوچو ڪجهه تعليم تي
عين، لام ۽ ميم تي
دل منهنجي جهرندي وڃي تعليم ٿي مرندي وڃي
قوم ٿي ڪِرندي وڃي
(2)
هي درسگاهون دوستو،
ٿيون چرسگاهون دوستو،
بي ترسگاهون دوستو،
ڄڻ مرض گاهون دوستو،
اسڪول واڙا مال جا،
اسڪول چارا مال جا،
غيرت صفا ٻُڏندي وڃي،
تعليم ٿي مَرَندي وڃي.
(3)
اُستاد ٿو اسڪول ۾،
طاقت ڏيکاري رُول ۾،
رڳو پانُ آهي ڊُول ۾،
سگريٽ سُلفي معمُول ۾،
سينکاريندو ڇا؟ ٻار کي،
مُستقبل جي معمار کي،
تربيت ٿي ترندي وڃي،
تعليم ٿي مَرَندي وڃي.
(4)
هر ڪو نقل تي شير آ،
ڊگرين جو سَڀ کي ڍير آ،
نه ڪڇڻ وارو ڪير آ،
انڌير هت انڌير آ،
پئسين ملن پيون مارڪون ،
سفارشون ۽ پارتون،
رشوت وَڏي وَڌندي وڃي،
تعليم ٿي مَرندي وڃي.
(5)
اسڪول کان بنا ٻارڙا،
اُس تي پڙهن ويچارڙا،
ڪي ڀورڙا ڪي ڪارڙا،
کائي صُبح جو کارڙا،
پيادل هلن اسڪول ڏي،
سڀ پيا سڙن اسڪول ڏي،
ڌرتي مٿان تپندي وڃي،
تعليم ٿي مَرندي وڃي.
(6)
سي فَنڊَ سَڀ روڙي ويا،
اَفسر مٿان لوڙهي ويا،
ٻيڙو سَڄو ٻوڙي ويا،
رڪارڊ ئي ٽوڙي ويا،
نه ڏنائون رپيو اسڪول ۾،
ڪرسي نه هِڪ شيڊول ۾،
بُک ٿي صفا چرندي وڃي،
تعليم ٿي مَرندي وڃي.
(7)
پنهنجو جي زنده نام ڪيو،
تعليم تي ڪجهه ڪام ڪيو،
تعليم نه نيلام ڪيو،
تعليم کي پَر عام ڪيو،
مسڪين ڀي پڙهندو رهي،
مسڪين ڀي چڙهندو رهي،
دل ٿي ايئن چوندي وڃي،
تعليم ٿي مَرندي وڃي.

(8)
’لقمان‘ پڙهي هي لعل ٿين،
پو قوم جي ڪا ڍال ٿين،
هن سِنڌ جا رکوال ٿين،
محبت سان مالا مال ٿين،
شيطان نه ته شملو ڪندو،
هيڻو ڏِسي حملو ڪندو،
اڄ باهه ٿي ٻرندي وڃي،
تعليم ٿي مَرندي وڃي،
تعليم ٿي مَرندي وڃي.