لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪچهريءَ جا مور

هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book ڪچهريءَ جا مور

16. حرف هيرن جهڙا (حسين بخش رڏ جو ڪتاب)

لوڪ ادب شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب سگهڙ حسين بخش رڏ جي تخليقن تي ٻڌل آهي، جيڪو هُن پاڻ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي، 2003ع ۾شايع ٿيل هيءُ ڪتاب حسين بخش پنهنجي والد فقير هدايت عليءَ کي ارپيو آهي. پنجن بابن تي ٻڌل 244 صفحن واري هن ڪتاب ۾ ڏور، ڳجهارت، هنر، ٽيهه اکريون، بيت، ڪافيون، ڪلام ۽ ٻيا شعر شامل آهن.
ڪتاب ۾ مختلف اديبن، شاعرن ۽ گهڻ گهرن جا ويچار به شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، صالح محمد شاهه، سمون خان ڀنڀرو، سيد خورشيد احمد شاهه، ڪوثر ٻرڙو، صوفي شاهنواز مهراڻي، اوم پرڪاش، ڊاڪٽر ليلا رام ۽ مير اختر حسين ٽالپر شامل آهن. عام طور سگهڙن پنهنجن ڪتابن جي نالي ۾ پنهنجو نالو به ڳنڍيو آهي، جيئن: موتي مور ملوڪ جا، مهيسر جي مام وغيره پر حسين بخش ان ريت کان هٽي پنهنجي ڪتاب جو نالو رکيو. ان حوالي سان هو لکي ٿو ته؛ ”منهنجي سگهڙائپ يا شاعري سچ پچ ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، افسوس ته بابي سائينءَ کان پوريءَ طرح سکي يا پرائي نه سگهيس.
بس اميد جي جهولي کڻي سدائين الله پاڪ ۽ پنجتن پاڪ جي در تي سوالي هوندو آهيان ته شال اهي هيڻا لفظ قبول پَون. حرف، لفظ، جملا، سِٽون، بيت لکي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻي هڪ دِل پياري دوست وٽ آيس، کيس چيم ته ڪتاب جو نالو ڇا رکان؟ ڪتاب جي نالي لاءِ سندو نالو ڏيڻ واجب نه پيو سمجهان گهڻيءَ صلاح کان پوءِ انهيءَ دوست نالو رکيو ”حرف هيرن جهڙا“ مون کڻي قبول ڪيو، هونئن به ٻين سگهڙن جيئان نالي رکڻ وارو نمونو مون کي پسند ڪونهي، ڇو ته آءٌ اڃان انهيءَ لائق ناهيان جو کڻي چوان ها ته حرف هيرا حسين بخش جا وغيره. باقي صفت ساراه يا لوڪ ادب جي صنفن ۾ چيل بيت يا شعر ۾ حرف آهن اهي سنڌ ڌرتيءَ جي مادري ٻوليءَ سنڌيءَ جا اکر لفظ برابر هيرن جهڙا آهن. ان ڪري انهيءَ نالي تي راضي ٿي پيس.“
(سگهڙ حسين رڏ جي ڪتاب حرف هيرن جهڙا تان ورتل)
حسين بخش رڏ ٻين سُگهڙن کان ان حوالي سان به مختلف آهي ته هُن پنهنجن شعرن ۾ ڪتب آندل ڏکين لفظن جي معنى به ڏني آهي، جنهن ڪري سندس شاعري سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿئي ٿي، هتي سندس ڪتاب مان چونڊ ڏجي ٿي؛

ڏهس بيت اکين تي ڏهه نالا
چشم ڇم اک آنکهه عينن عين
دودُڪ درگ خن نيڻ نماڻا نين

ڏهس بيت وارن تي
سَن محبوبن کوليا وار خوشبودار،
زلف زور مٺڙا مور بال بُوءِ بهار،
معطر موءِ کولي خوشبوءِ ساجن جا سينگار،
ڪاڪل ڪارا حُسن وارا وينجهر جا سي وار،
گيسوء گوهر گهَرا مِلي گُلن کي گلزار،
ڪنيش ڪارا حسين وارا جي کڻي نيڻ نِهار.
هي ڏهه نالا ڏهس ۾ وارن جا وينجهار،
ڪر نه شڪ ڪر تن پڪ ڏس روهڙي بازار،
انهيءَ حَسين جا حبدار، آهن هزارين حسين بخش چئي.
لفظن جي معنى : سن =وار ، زلف =وار ، موءِ =وار ، ڪاڪل = وار، گيسوء =وار، ڪنيش=وار، بال = وار
صفت ساراهه بيت
(مثالي سينگار بيت ۾ گلن جا نالا آهن)
ڏسي بهاريون باغن ۾ تون بيوس نه ٿيءُ بُلبُل،
چري نه ٿيءُ چمن ۾ پسي گهَرا گلابي گُل،
ڦيريون ڏي نه فراق جون رابيل ڪاڻ نه رُل،
خوشبودار گلن کي ڪيئن خُوءِ ملي ٻُڌ قصو مون کان ڪُل،
جڏهن جنسُون جڙيون جهان جون آدم کان به اَوَل،
قادر ڪم ڪيا پاڻ نوري نور منجهان نِرمل،
پاڪ پسينو پرين کي ٿيو شبَيهه سان شامل،
پاڪيزگي پگهر مان پيدا ٿيا عطر عنبر اڻ مُلهه،
قلزم جي قطرن مان آهي جوڙ ميل جائڦُل،
عباسي سدائين عشق ۾ موتئي خيري جهڙا موهيل،
اناري ارگن عنابن جي عجيب کان ونڊ آهي ورتل،
گازبان گينڊو گل بنوشه شاهترو شامل،
خبازي خطمي پيار سان پياري اِهو قرب ٿيو ڪانول،
چندن ڪاٺي چري رهي مشتاقن جيئن مِثل،
سورج گل سڪ ۾ رهيو آهي محبت ۾ مَرُٽيل،
ليمن ڏاڙهُن ليسوڙن کي سَواد ڏنو سهڻل،
ليارن کي به لذت ملي عجب ميٺاج اَمُل،
زيتون، توت، انب، انار، صوف، ڪيلا ڪُل،
ناريل، انجير، نارنگيون ٿيا نوريءَ لاءِ نازل،
ميوات ڪل مِٺي ٿي ٿيا جنت ميوا جَل،
عطر مُشڪ ڪافور عنبر هي خوشبودار کُليل،
سرهاڻيون سڀ سُونهن ٿيون مهابي مُرسل،
هاڻي حيف چوان تنهنجي حال کي تون ڀوري ذات ڀُليل،
تُنهنجا سدائين حملا سهڻن گلن تي تون بلبل بي عادل،
گُل ٽُڪين گُلستان ۾ ڪرين دَستا گل داغِيَل،
جي ڏسين منهنجو محبوب ماهي تون ولهي ويڳاڻل،
ته بيهاري ڇَڏئي برن ۾ جنهنجو بُستان آهي بَرَسيل،
هلي وڃ هوت حبيب ڏي، جنهن جي هنڌين ماڳ هڪل،
ڪر غلامي گوهر جي تون عجيب اڳيان عاقل،
تون تجلا ڏس تجمل هلي حُسن جا حسين بخش چئي.
لفظن جي معنى: بلبل = ڀوري، چَمن= باغيچو، پسينو = پگهر ، شبيهه = تصوير، مهانڊو، قلزم = شفا ڏيندڙ پاڻي آب، قطرو، حيف = ميار، گلستان =گلن جو باغيچو، ولهي = بيوَس، بُستان = باغ يا باغيچو، برسيل = آباد ٿيل، عاقل = عقل وارو، تجمل = چمڪندڙ

سينگار صفاتي
سُرتيه سالڪ سگهڙ يار عجب طرح جو سڻ سينگار،
پڙهي صلواتون سَوَ هزار ٻُڌ تون گويا هيءَ گفتار.
حق حقيقت آهي حقاني، فهمي فِقِر و عاليشاني،
صورت سهڻي جوڙ رباني، درود پڙهڻ جي آهي درڪار.
چمڪي چوڏس پاڪ پيشاني گهرا گلالڪ گل ايراني،
فُوز فاضل نوري نشاني، ثناگر صدقي ٿئي صدبار.
رنگ گلابي لب لاثاني، دَٿان دلبر جا دُر خشاني،
بروان بادل تير ڪماني، چشمان چوڏس وڌ چمڪار.
سَن سهڻا حُسن باني مُوءِ مُشڪا ساڻ روحاني،
رنگ سُنهري طائوساني مُشڪن مَست ڪيا ڪيئي مَار.
گيسوءِ گوهر جَهنور جاني، تُندَن تجلي ٿئي رواني،
مينگهه مثل ڪنگور ڪاني ليل منجهارا ٿيو نِهار.
مک مهتاب عجب عُنواني باطن نوري ظاهر انساني،
صورت ڪئي دل ديواني حسين بخش هردم آ حبدار،
پڙهي صلواتون سَوَ هزار ٻڌ تون گويا هيءَ گفتار.
لفظن جي معنى: سُرتيه = سُرت وارو، فِقرو= جملو، چوڏس = چوڏهين چنڊ جي رات ، گلالڪ = گوش يا ڪَن، فوز = نڪ مبارڪ، درخشاني = هڪ هيري جو قسم، ليل نهار = رات ڏينهن، بروان = ڀرون، چشمان= اکيون، سَن = وار، موءِ مشڪا = وار ڪارا، گيسوءِ = وار، مينگهه = کنوڻ ڪاري رات ۾، مک مهتاب = مُنهن مبارڪ چنڊ مثل