لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪچهريءَ جا مور

هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book ڪچهريءَ جا مور

21) رحيم بخش ڏهوٽ

رحيم بخش به هڪ مڃيل سُگهڙ آهي. ساڻس منهنجون ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن. هُن جو والد صاحب ڌڻي بخش ڏهوٽ به ناميارن سگهڙن منجهان آهي. هو ڳجهارت ۽ ڏور بيت جو ماهر سگهڙ آهي. رحيم بخش کي سگهڙائپ جي ڏات ورثي ۾ ملي. رحيم بخش وٽ سنڌي ٻوليءَ جو ذخيرو ته آهي ئي پر بيت پڙهڻ جو انداز به ڏاڍو نرالو اٿس.
پاڻ 29-02-1969ع تي ڳوٺ گهوگهاري تعلقي قمبر علي خان ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو. هُن ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي. هُن اڄ تائين جيترو لکيو آهي، ان بابت سندس چوڻ آهي ته ”اٽڪل ڇهه ست ڪتاب ٿي ويندا انهن مان هڪ ڪتاب چونڊي ڇپرائڻ لاءِ تيار ڪيو آهي، جيڪو سُتت ئي ڇپجي ويندو.“
هو سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي به فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. سندس پهريون پروگرام پاڪستان ٽيليويزن تي 1984ع ۾ ٿيو. ان کان پوءِ 1985ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پنهنجو فن پيش ڪيائين.
هن فن جي تربيت پنهنجي والد صاحب کانسواءِ نالي واري سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کان پڻ ورتي. سندس پيءُ ڌڻي بخش ڏهوٽ پنهنجيءَ اوطاق تي ڪچهريون ڪرائيندو آهي، جتي سنڌ جا ڀلوڙ سگهڙ اچي گڏ ٿيندا آهن. انهن ڪچهرين به رحيم بخش جي وڏي تربيت ڪئي. پنهنجيءَ محنت ۽ والد صاحب جي دعائن سان وڏو نالو ڪڍيو اٿائين کيس مڃتا ۾ مختلف ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو ؛
1. تنظيم فڪر و نظر سنڌ پاران پاڪستان جي صدر هٿان شيلڊ 1986ع
2. پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ايوارڊ
3. قلندر لعل شهباز ايوارڊ
4. ٻيڙو فقير ڪنڀار ايوارڊ
5. استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ
6. سهڻي ميهار ايوارڊ

رحيم بخش ڏهوٽ جي ڏات مان چونڊ هيٺ ڏجي ٿي؛

[b]ٻاونجاهه سنڌي زيورن جا نالا[/b]
وينڊا وزندار، سدا ڪن سهاڳڻيون
نٿ، دهري، نصبيون، جهومڪ جلويدار
بئنسر، چوڙو، بوليون، روپيون رائيدار
ڪنگڻ، ڪڙيون، ڇلڙا ڪڙيون ڪڙڪي دار
واليون، پنڙا ڪيوٽيون، ٻانهين ٻهڪيدار
ڪٺ ماليون، ڪيوٽيون، چوڏس چندن هار
مرڪيون، لونگ، مڱريون، نوراها نروار
هئي جتي هيڪا ندي، پازيبن پچار
سُرَن من سوگهو ڪيو، چاڙهي کيپ خمار
ور ڏيئي واڳيا مٿان، گيسو گهنڊيدار
لڪ چوري مون سان ڪيا، ڪي ايرينگن اظهار
حُورن کي هٿن ۾ هيون، منڊيون مزيدار
ڪري گهمن پيون ڪامڻيون، کينون خوشبو دار
واسيو وجود کي، مرو اي مهڪار
کير منڊن کيڪار، ڪئي اسان کي ڪاڄ ۾

ڏهس جو بيت ڏهه نالا سج جا
صورت پاڪ سڄڻ جي، ڪيو ديو مٿان داءُ
مرڪڻ ساڻ محبوب جي، سن سڪي ويو ساءُ
سورج سائين سردار کان، ڪري بادل منجهه بچاءُ
شمس گهڻو ششدر ٿيو، تجلو نه آڻي تاءُ
خُديءَ ساڻ خُرشيد تون، اڀري مٿي نه آءُ
لڪوارن عجيب کان، ڏهوٽ ڪري ڏهڪاءُ
سامهون سج سختيءَ سان، روش ڪري رانڀاءُ
مٿان پاڪ محبوب جي، نه واڪا ڪري واءُ
تون به اهڙي در مٿي آءُ، ته لڳئي رنگ رحيم بخش چئي

سينگار جو بيت (تجنيس حرفي)
هرجا هاڪ حسن جي، ٿي هير هلي هولي
مرڪڻ ساڻ محبوب جي، ڪئي چيهارين چولي
دري ادن دل پاڪ ڪئي، مون جڏي جي جهولي
پر اڃان ديد اتان مري، خاص پيرين خولي
آهو عين عجيب جي، رمزن دل رولي
رنگا رنگي باغ برنگي، بلبل ٿي وئي ڀولي
چتون مينا چاند چڪوري، ٻاٻيهن ٻولي
ڏوڏر ڏاڙهون ڏهوٽ چوي، گوهر مان گهولي
وس وسيهر ويچارا ٿي، ناگڻ وئي نولي
پربت پاٻيهو پيار ۾، ٿي گنير ويا گولي
ڍرڪي ويئي ڍولي، اها رات به رحيم بخش چئي

نصيحت
ادا ڪر نه آڪڙ ڪلهي تي ڪفن آ
متان يار سمجهين، ته هيءُ منهنجو وطن آ

(1)
ڀلا ڏي خبر تو قبر ڇو وساري
رهي ڪونه سگهندين سهڻا عمر ساري
بيٺو آهي بگڙيو مٿان پنهنجي ماري
اهو باب برسيل ڪو چٽڪو چمن آ
متان يار سمجهين، ته هيءُ منهنجو وطن آ

(2)
ڏاهو ٿيءُ خدارا، ڏنگايون ڇڏي ڏي
ڀلو اٿئي ڀلارا، برايون ڇڏي ڏي
آهي چوٽ چاڙهي، چرايون ڇڏي ڏي
هاڻي تنگ تومان، زمين و زمن آ

(3)
ڪيئي راڄ راڻا راڻيون ڇڏي ويا
شاهيون بادشاهيون اباڻيون ڇڏي ويا
ڪهاڻيون نيون، ڪي پراڻيون ڇڏي ويا
سخي شاهه سڪندر به ڌرتيءَ دفن آ

(4)
ڏنئي پاڻ پنهنجن کي دولت تي ڌوڪا
ليمي کي لڏايئي، ڪانڊيري کي ڪوڪا
متيري کي ماريئي، ٺاپر کي ٺوڪا
هاڻي بيزار تومان خميسو خدن آ

(5)
ڀلو ڀاءُ ڀانئين، ڇڏ خون ڌاڙا
سڄي رات سانگي پِٽن توکي پاڙا
آڏو قيد ڪهري ڏکن جا ڏهاڙا
سنگتي نه ساٿي نه ساڻ بابو بگن آ

(6)
ڏهوٽ ڏور منزل، وکر ڪر وگاڻو
رحيم بخش روئي، راضي ڪر ڪوراڻو
طفيلي محمد جي، نه ٿيندو پڇاڻو
آڏو پاڪ عربيءَ جو، سهڻو صحن آ
متان يار سمجهين، ته منهنجو وطن آ
ادا ڪر نه آڪڙ، ڪلهي تي ڪفن آ