3) استاد محمد ملوڪ عباسي
ضلعي لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جي اها وڏي خاصيت آهي ته اها وڏا وڏا ليڊر پيدا ڪندي آهي. سياست ۾ هن ڌرتيءَ جيڪي اڳواڻ پيدا ڪيا، انهن سڄيءَ دنيا ۾ پاڻ مڃايو ۽ خاص ڪري اسلامي دنيا جا به هو اعلى اڳواڻ ليکجڻ لڳا، جن کي اسان شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالن سان سڏيون ٿا. اهڙيءَ ريت سنڌ جي هر علائقي جي پنهنجي پنهنجي خوبي آهي.
لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي هن دؤر جي سگهڙن جي سرواڻ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کي پيدا ڪيو، جنهن پنهنجيءَ قيادت ۾ سڄيءَ سنڌ جي سُگهڙن کي گڏ ڪري کين جاڳايو. سندس سرپرستي لوڪ ادب تحريڪ جي رهبر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪئي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ پاران لوڪ ادب رٿا سُگهڙن ۾ به هڪ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو. هو جيڪي ڪچهريون ڪندا هئا، جڏهن انهن کي مڃتا ۽ سر پرستي ملي ته انهن ۾ سگهڙائپ جي فن ۽ سگهڙن جي سرهائي تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. سوين سگهڙ پنهنجي ترکان نڪري سڄيءَ سنڌ تائين سڃاپجڻ لڳا. ريڊيو پاڪستان ۽ پوءِ پاڪستان ٽيليويزن کين وڏي اهميت ڏيڻ لڳي. ان تحريڪ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي فن ۽ صلاحيتن کي وڌيڪ نکيري نروار ڪيو.
عباسي صاحب محمد صالح عباسيءَ جي گهر ۾ 13 هين ڊسمبر 1944ع تي ڄائو. هو استاد محمد اسماعيل ٽانوريءَ وٽ چار درجا سنڌي پڙهيو. مختلف ڪچهرين ۾ ننڍپڻ کان ئي شريڪ ٿيندو رهندو هو. انهن ڪچهرين ۾ سگهڙ محمد مريد ’زهراڻي‘ حاجي الهه بخش مڱڻ، رسول بخش ابڙي ۽ ٻين سگهڙن جا گفتا ٻڌي پاڻ به سگهڙ بڻجي ويو. مٿي ذڪر ڪيل سگهڙ سندس رهنمائي به ڪندا هئا.
هوريان هوريان هو پاڻ به استاد سُگهڙ بڻجي ويو. سندس اوطاق تي ڪيترائي سگهڙ اچي پنهنجو فن به پيش ڪندا هئا ته کانئس شاگرديءَ جو سڳو به ٻڌرائيندا هئا. اهڙيءَ ريت سندس شاگردن جو حلقو ضلعي لاڙڪاڻي کان اڳتي نڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۽ پنجاب تائين وڌي ويو. سندس شاگردن به وڏو نالو ڪڍيو آهي، جن ۾ محمد لقمان کوکر، رحمت الله عباسي، ممتاز علي عباسي، عاجز رحمت الله لاشاري وغيره شامل آهن.
هُن 1972ع ڌاري سگهڙن جي تنظيم ”سنڌ سگهڙ سنگت“ ٺاهي، جنهن جو باني صدر پاڻ هو . تنظيم جي بنياد واري سوال تي ڪجهه اختلاف به آهن. ڪي محقق ان جي بنياد جو سال 1975ع ڄاڻائن ٿا، بهرحال سگهڙن جي اها پهرئين تنظيم آهي، ان تنظيم سان اختلاف رکي ڪجهه سگهڙن وري ٻيون تنظيمون جوڙيون.
استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کي ٽي پٽ فقير ممتاز علي، غلام شبير ۽ محمد علي ڄاوا، جن کي به هُن سگهڙائپ جي سُتي ڏني. سندس پوٽا احمد علي، صابر حسين ۽ ٻيا به لوڪ ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن. مطلب ته سڄو گهراڻو ڄڻ سگهڙائپ لاءِ وقف ٿي چڪو آهي. استاد محمد ملوڪ جي قائم ڪيل سنڌ سگهڙ سنگت کي به سندس پونير سڄيءَ سنڌ جي سگهڙن سان گڏجي هلائن پيا.
استاد محمد ملوڪ سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن پاران ٿيندڙ ڪچهرين، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليوزن جي ثقافتي پروگرامن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندو هو. سگهڙن کي متحد ڪرڻ ۽ کين جائز حق ڏيارڻ لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهندو هو.
هُن جيڪو لکيو، اهو نشر ٿيڻ کان سواءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو ۽ الڳ ڪتابي صورت ۾ به آيو. خالص سگهڙائپ (شاعري) جي فن تي ٻڌل سندس سڀ کان پهريون ڪتاب ”موتي مور ملوڪ جا“ 1981ع ۾ ڇپيو. ان کان اڳ لوڪ ادب تي جيڪي ڪتاب شايع ٿيا، اهي سوين سگهڙن جي فن تي ٻڌل گهڻي ڀاڱي لوڪ ادب رٿا وارا آهن.
سندس ٻين ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا:
موتين مُٺ ملوڪ جي
ماڻڪ موتي ملوڪ جا
مُنهن مٿانهان جن جا
گلشن ڏور
پنجن ڇپيل ڪتابن کانسواءِ سندس ڪتاب ”موتين مالها ملوڪ جي“ ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي. جڏهن ته ٻن ٽن ڪتابن جيترو مواد ٽڙيل پکڙيل اٿس. سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي 02- جون 1998ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
هتي سندس چونڊ ڪلام مان لسيءَ ۽ ٻوڙ جو مناظرو ڏجي ٿو:
مناظرو لسيءَ ۽ ٻوڙ جو
ثنا سونهين ٿي سائينءَ جي، آهي لوڪن جو لڄ پال،
ڪريم رحيم قديم، عظيم آهي جانب رب جلال،
نازل ڪيائين نور منجهان، نبي نيڪ نهال،
احمد محمد مدني مرسل، ڪري ڀلو مڪائين ڀال،
پر منهنجي هن مذڪور جو، هڪ عمدو ٻڌو احوال،
ته گهپي ڪري گهر ۾، اچي ٻوڙ وڌو ٻائيتال،
ڏمرجي اٿيو ڏڌ تي ڦونڊجي في الحال،
ته منهنجو مانُ مٿانهون مون لاءِ سڀ ڪو ڪري سوال،
توکي لسي سڏن لوڪ ۾ مائي منهنجو ٻُڌ مثال،
تون هلين ڪونه هوٽل تي، اُتي مونتي قرب ڪمال،
کٽي مونسان کيٽو ڇڏ، ڪونهي ڪني تنهنجو ڪال،
مون ۾ مرچ مصالحا ۽ ٻيو ته مڇي پوي مال،
ڳاڙهو رجهي ڳُڻ ڪيان، مون لُڇي ٿيان ٿو لعل،
هاڻي تنهنجو مونسان تال، مور نه ٺهندو ”ملوڪ“ چئي.
لسيءَ جو جواب
مور نه ويندو ”ملوڪ“ چئي، اهو ڦندو تو مان ڦير،
اڻانگو هلين ٿو عورت سان، تون ڪنا آهين ڪير؟
مونکي مارو کائن ملڪ جا، آهي تو ۾ گندا غير،
هر ڪو مون لاءِ حيران آ، تو ڇو ويري وڌو وير،
ڀاڳيا مونکي ڀلو سمجهن، تنهنجو ڀلو ناهي پير،
اجايو اشراف سان، هي مئا وڌو ٿي وير،
اسان تنهنجي عزت ڪئي، تڏهن سهڻو ٿيو ئي سير،
وٺ معافي مون مهيءَ کان، ته کلي ڪيانءِ خير،
آڪڙ ڇڏ ادب ڪر، کڻ پريت وارو پير،
ڍڳ ٿي هل ڍير، نه ته بڇڙو ڪندي سانءِ بازار ۾.
ٻوڙ جي ورندي
تون ڇا بڇڙو ڪندينءَ بازار۾، ڏي ڇڏي ڦونڊ ڦَسي،
مون کي امير کائن آسودا، توکي مزرو کائن مسي،
منهنجي ڳالهه ”ملوڪ“ چوي، ڪنهن ڏاهي نٿي ڏسي،
ته هر ڪو مون لاءِ حيران آ، ڀري آ ٻوڙ بسي،
مون کي خان کائن خوشيءَ سان، تون ڪِني آهين ڪسي،
تنهنجي لاءِ لسي، مونسان مور نه ٺهندينءَ ”ملوڪ“ چئي.
لسيءَ جو جواب
ماٺ ڪر مهانڊو نه ٿيءُ، مونتي وڏا نه ڪر وار،
بنياد منهنجو ڀلو ٿي، منهنجو ننگ رکيو ننگدار،
منهنجي کير ابي جي خبر ٿي، اٿس عاشق لک هزار،
ڇڏي ٻوڙ ٻٽاڪون تون، ڌيان انڌا ڪو ڌار،
خوراڪ جن جي کير آ، ڏس ٻنڌڻ وارا ٻار،
صبح سانجهيءَ سڪيلڌا، منهنجي صاحب لهن سار،
گرمين ۾ گهڻو ڪري ٿين، منهنجا اوطاقن ۾ اگار،
تون آنڊا ساڙين اشرافن جا، آئون ٺريون ڪرايان ٺار،
مون ڏاهي هلان ٿي ڏيهه ۾، مون تي پيرن جا بي پيار،
شوخي ڇڏ شرم ڪر، ڇڏ جهيڙي جي جهونگار،
يا فيصلو ڪراءِ فضيلت سان، ڪي چڱا وٺي چار،
نه ته منهنجي هٿان مار، توکي ملندي مفت ”ملوڪ“ چئي.
ٻوڙ جو جواب
مار نه ملندي مونکي، اها تون ڇتي نه ڏي ڇاند،
مون ۾ مزا آهن مڻين، مائي چس وڏي ٿي چاند،
گوگڻو گوشت گوبي مون ۾، ٻيا بصر پون باند،
مون ۾ ڪُرڙا مون ۾ ڪُنهٽ، مون لاءِ ڪڪڙ اچن ڪاند،
مون ۾ پالڪ مون ۾ پاڻي، مون لاءِ ڏهه ڏهه ڪُسن ڏاند،
مون ۾ ڌاڻا داليون دالچيني، ٻيا پلا پليون پاند،
انڊا آمليٽ چڪن برياني، روسٽ رچن راند،
مرغي مغز ميها مون ۾، بِهه بنا برياني برباند،
قورما ڪيما ڪمالپٽ، ٻيا ڦوٽا ڦڪيون ڦاند،
مٽر ٽماٽر پون پٽاٽا، ٻيون سرهيون جيريون ساند،
لونگ ٿُو مان لئه ڪن منهنجي، تنهنجو بد بنياد،
وڃ هتان وڙ واند، نه ته ڏٺو ڪندو مانءِ ڏيهه ۾.
لسيءَ جو جواب
تون ڏٺو ڪندين ڇا ڏيهه ۾، تنهنجو ڀلو ناهي بڻ،
ٺاهي توکي ٺيڪ ڪندو آهي، منهنجو پُٽ مکڻ،
سواءِ سڻڀ سريلا، پوَئي ثاب ڪونه سڙڻ،
ڀر پنهنجي ۾ ڀاڳوندا ڏيني، رئيس به ڪونه رکڻ،
مزور به توکان موڇو ڪن، اچئي چريو به ڪونه چکڻ،
ڏهاڙي توتي ڏت اسان جو، نه ته ٿيئي بنهه ڪونه بچڻ،
پر جي منهنجي پُٽ مکڻ جو، هت اوچتو ٿيو اچڻ،
ته پوءِ توکي ڪجهه ڪُڇڻ،مور نه ڏيندو ”ملوڪ“ چئي.
ٻوڙ جو جواب
ڪڇڻ نه ڏيندو ڪيئن؟ منهنجا ڏيهن ۾ ٿي ڏس،
ايندو ڏسي اسانکي، وڃ گولي ڇڏي تون گس،
ناهي پرواهه پُٽهين جي، ٿي لسي وڃ تون لس،
امير فقير عاشق مون تي، ٻي چڱن رکي چس،
مون مهانڊو آهيان ملڪ جو، توکي مارو کائن مس،
تنهنجي پوري نه پوندي پالڪ سان، توڙي وڏا ڪرين وس،
هاڻي رلي توسان رس، مون مور نه ڪيان ”ملوڪ“ چئي.
مکڻ جو وچ تي اچڻ
ٻُڌي ٻٽاڪون ٻوڙ جون، پو ته ڏهيءَ ڏنا ڏاڪ،
جهٽ مڪيائين جهاري کي، پو دير نه ٿي دم ناڪ،
سو منٽين وٺي آيو مکڻ کي، جنهن جي هر هنڌ آهي هاڪ،
تنهن بيهي چيس بڇڙو نه ٿيءُ، اهي ادا ناهن اخلاق،
پريشان ڪري اسان جي پوڙهيءَ جا، تو چوري وڌا هن چاڪ،
ڪري لئه لسيءَ سان، تون هڻ نه ٻوڙ ٻٽاڪ،
سواءِ سڻڀ سريلا توکي، گاريون ڏين گراهڪ،
چپ ڪر چوانءِ ٿو هاڻي، وڏا نه ڏي تون واڪ،
ٻيلي مون مکڻ سان مذاق، تنهنجي مور نه ٺهندي ”ملوڪ“ چئي.
ٻوڙ جو مکڻ کي جواب
مکڻ تون ماٺ ڪر، پنهنجي پوڙهيءَ ڏئون نه پئه،
جي ميان طرف ٿيو آهين ماءُ جي، ته مونکي ڀلا ڪونهي ڀئه،
هيءَ هيڪاندي ڊالڊا هٽن واري، مونکي ڍولي ڏيندي ڍءُ،
اکر ٻُڌ ادب ڪر، اهو توکي نه اچي ير تئه،
ٻيلي رولي ڪندو سانءِ رءُ، جي وچ ۾ پوندين ويسلا.
ڊالڊا جو وچ ۾ پوڻ
جهونگار ٻُڌي جهيڙي جي، پو ته ڊالڊا به ڀري ڊوڙ،
ڀڄندي آئي باهه مان، ته اهي ڇڏ ٻٽاڪون ٻوڙ،
منهنجي ڀاءُ مکڻ سان، اهي گندا نه ڪر گوڙ،
گيهه ڊالڊا گڏجي اسان، ٻَڌا مکڻ کي هن موڙ،
صلح ڪري سڀ سڻڀ اسان، جڳ ۾ ڪئي آ جوڙ،
تون تڏهن ٿيندين توڙ، جڏهن وٺندين معافي مهيءَ کان.
ٻوڙ جي آڻ مڃڻ
وٺان ٿو معافي مڙني کان، تو سُٺو سمجهايو،
مون ته ڪئي هئي ماسيءَ سان آڪڙ اجايو،
ڏاڏي ڏهي ڏک نه ڪجانءِ، تو لسيءَ رنگ لايو،
ڏهي تنهنجي ڏيهه ۾، آهي سفر سجايو،
فيصلي اسانجي تي فقير آهي”عباسي“ به آيو،
تنهن به حق حقيقيءَ جو، آهي ٻول ٻڌايو،
ته عزازيل کي هئي آڪڙ، جنهن کي تڪبر تڙايو،
هڪ وڏائي سونهين ٿي واحد کي، جنهن رازق جو رايو،
ٻيو شرف ته منهنجي شاهه جو، آهي واليءَ وڌايو،
ڪلمو پاڻ ڪريم تي، اسان کي پرور پڙهايو،
مالڪ ملايو، اسان کي عربي ڄام ”عباسي“ چئي.
_____________________________________________________________________
مددي ڪتاب:
موتي مور ملوڪ جا- مرتب: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ٻئي ڇاپي جو ايڊيٽر: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ثقافت کاتو، سنڌ حڪومت، 2013ع
استاد محمد ملوڪ جي پٽ ممتاز عليءَ سان ڳالهه ٻولهه.
سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو- مختيار احمد ملاح ڪاٺياواڙ اسٽورز، 2006ع
o