7) سگهڙ فقير ديدار علي سيال
”جيئن ته هر ڪو ماڻهو هن ميدان ۾ اڳتي نڪرڻ لاءِ ڊوڙ ڀريندو آهي اهڙيءَ طرح آءٌ به هن ادب جي ميدان ۾ سندرو ساهي لهي پيس. پر هن عشق جي ميدان ۾ اچڻ جو ڪو نه ڪو بهانو ضرور ٿيندو آهي تنهن ۾ لڪ لڪاءَ ڪهڙو ڪجي هيءُ اشارو ڪافي آهي، ”مون کي عشق مجاز راه ڏيکاري حق جي“ جڏهن مجاز موهيو ته اندر ۾ ”مچ مچي ويو اها باهه ٻاهر ڪيئن نڪري پوءِ ريڊيي سان دل وندرائڻ شروع ڪيم. ڪڏهن روئندي ۽ ڪڏهن کلندي پئي راتيون ۽ ڏينهن گذريا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنجين وڳي سائين صالح محمد شاهه جو (فتح خان) جي آواز ۾ (جمهور جو آواز) پروگرام نشر ٿيندو هيو، ساڳي ئي پروگرام ۾ هن سٻاجهڙيءَ سنڌ جا سريلا سگهڙ به ٻڌڻ ۾ ايندا هيا. سگهڙن جون سهڻيون سٽون ۽ صالح محمد شاهه جو من موهيندڙ آواز مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ويو.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ تائين اچي سگهڙن جي مٺي ٻولي ۽ عشق جي الستي آواز ننڊ ڦٽائي. ڪجهه ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ مون وٽ هڪ مهمان آيو، ساڻس تعارف ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته هيءُ سنڌ جو سريلو سگهڙ امام بخش هتار آهي. اسان جي عام چوڻيءَ ۾ هي پهاڪو هلندڙ آهي ته؛ ”ڪارو ٻڌ ڪمري سان ته رنگ نه مٽي پر عادت ضرور مٽي“ ۽ منهنجي سگهڙپائيءَ جي صنف ڳجهارت ڳولڻ جي قابليت به مون هن ئي سٻاجهڙي سگهڙ استاد امام بخش هتار وٽان حاصل ڪئي. انهيءَ کان بعد ۾ مون کي سنڌ جي سداحيات مهان سگهڙ ۽ سگهڙن جي باني استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ جن جو شفقت ڀريو هٿ نصيب ٿيو، جنهن عظيم شخصيت باقي رهيل صنفن جي مڪمل رهنمائي ڪئي. استاد محمد ملوڪ عباسي راتين جون راتيون پاڻ کي اوجاڳا ڏيئي ننڊون ڦٽائي اسان کي جڳ ۾ جرڪايو.
استاد عباسيءَ مون مسڪين کي ريڊيو ۽ ٽيليويزن جا بيشمار پروگرام ڪرايا. مون پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته مان ڇا آهيان ۽ استاد سائينءَ جي مهربانين، ڏانءَ ۽ ڏاهپ کي ڏسي مون کي منهنجون سٽون سامهون ٿيون اچن.
مون کان محب خفا، ڏسي نه ٿيا ڏوهه
وڙ وڙائتن وڏا، ڪين ڇنڊيائون ڇوهه
سڄڻ سارو سچ آ، مون ۾ ڊاڙون ڊوهه
جڏ پارس لڳو لوهه، تڏ سونو ٿي پيس ”سيال چئي“
استاد عباسيءَ جي ڏنل هدايت مطابق مون پنهنجون تخليقون تيار ڪري سٺي نموني سان سهيڙيندو ۽ سنڀاليندو آيس جيڪا ڏنل هدايت اڄ به مون لاءِ مشعل راهه آهي ۽ ان ئي هدايت کي نظر ۾ رکي مون هيءُ پنهنجو ڪتاب ڇپرائڻ جو ارادو ڪري هڙ ٻڌي ڪڇ ۾ کنيو ۽ ڄامشوري جي پياري سگهڙ رحيم بخش قريشي ۽ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي لاڏلي شاگرد عاجز رحمت الله لاشاريءَ سان ملي مواد پريس تائين پهچايوسين ڪتاب جي ڇپائيءَ جي رقم ته تمام گهڻي هئي، جيڪا مون پورهيت ۽ مزدور جي برداشت کان ٻاهر هئي پر پوءِ به اميدن ۽ آسرن جي سهاري دل نه هاريم، ڪمپوزنگ واري کي ڪتاب ڏئي واپس گهر آيس ۽ دل ئي دل ۾ ارادو ڪري نڪري پيس ته پهرين ته ذات جي چڱن مڙسن ۽ سَرنديءَ وارن کي آزمائجي.
عام پهاڪو آهي ته ذات ڪانوَن کي به پياري هوندي آهي پر مون کي منهنجيءَ ذات ۾ سرنديءَ وارن اهو به احساس نه ڏياريو. ان کان علاوه گهڻن ڏينهن کان ٻڌندو پئي آيس ته ڏکئي وقت ۾ دوست کي به آزمائجي ۽ مان به پنهنجي پرين پيارن دوستن سرڪاري عملدارن توڙي غير سرڪاري عملدارن سرنديءَ وارن وٽ ويس جتان محبتي موٽ ته ڇا لالچ وارين نگاهن سان ڏسي بي رخيءَ وارا اشارا محسوس ٿيا ۽ مجبور ٿي پنهنجي گهر خالي هٿين واپس موٽي آيس. سنڌ جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته:
سر ۾ پکي هڪڙو، مٿس ماري لک،
جي رب جي اٿس رَکَ، ته سر ۾ گهمي سرهو.
اهڙيءَ طرح پوءِ به مون کي الله پاڪ نااميد نه ڪيو ۽ آخر پنهنجي معصوم ٻچڙن جو گهر ڦٽائي رهائش وارا پلاٽ وڪرو ڪري پنهنجي ڪتاب جي ڇپائيءَ جو غريبي حال آهر پورائو ڪيم.
باقي ٽن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد پڻ موجود آهي حياتيءَ ساٿ ڏنو ته انشاءَ الله اهي به اوهان سڄڻن جي پيش نظر ڪندس باقي هي غريباڻو تحفو ”ديس وسي ديدار اسان جو“ اميد ته اوهان کي سٺي ڄاڻ مهيا ڪندو ان جو قدردانو قدر ضرور ڪجو.“
آڪاش لاشاري سگهڙ فقير ديدار عليءَ جو احوال هن ريت ڏنو آهي؛ ”سگهڙ فقير ديدار علي سيال جنهن جي پيدائش ته سال 1962ع ۾ ٿي پر مهيني جي ڪابه پڪ نه ٿي ملي سندس والد جي زباني ته ديدار سخت سرديءَ ۾ پيدا ٿيو هيو پوءِ ان ۾ ڊسمبر يا جنوري مهينو ئي گهڻي ڀاڱي شامل آهي. اسان جي پياري پيغمبرﷺ غربت کي گهڻي ڀاڱي پسند فرمايو آهي ۽ سندس عاشقن به غريب گهراڻي ۾ گهڻو جنم ورتو آهي. اهڙيءَ طرح ديدار سيال به پنهنجي ڪکائين گهر ۾ پنهنجي دلبر پيءُ محمد حسين سيال جي صحن تي اک پٽي ۽ هيءُ فرزند سندس والد کي ٽئين نمبر تي الله تعالى عطا فرمايو. کانئس اڳ ٻه ڀائر روشن علي۽ عبدالمجيد سندس والد جو صحن سجائي چڪا هئا ۽ کين هڪ ڀيڻ به مولا پاڪ ڏني هئي. سندس ڀائرن ۾ ديدار آخري ڀاءُ هيو. عام چوڻي آهي ته دير آيو پر درست آيو. ان لحاظ سان ديدار ٻين ڀائرن کان ته ننڍو هيو پر اهو سگهڙ جي حيثيت ۾ مهان شخصيت بڻجي ويو.
هن سگهڙ جو ننڍپڻ مال چارڻ ۾ گذريو ۽ جڏهن کيس پنهنجي ڳوٺ دائود ديري لڳ شاهه پنجو سلطان تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ پرائمري اسڪول اندر کيس تعليم لاءِ ڇڏيو ويو ته هن پنهنجي استاد پانڌي خان سيال وٽ صرف ٻه درجا ئي مس حاصل ڪيا ته هنن جو قبيلائي تڪرار ٿيو ۽ ديدار پنهنجي والد سان ڪراچيءَ هليو ويو. جهيڙا هميشھ ٻنيءَ ۽ ونيءَ تان ٿيندا آهن، هنن جو ٽڪر به پهرين ته ٻنيءَ تان ٿيو پر جڏهن ديدار ساماڻو ۽ هن جي شاديءَ جي رٿ رٿي وئي ته ديدار جي طئه ٿيل سڱ تي سندس سؤٽن پنهنجي راءِ ظاهر ڪئي ته ديدار ان غيرت جي ڳالهه سبب ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو. سندس اهو ڦوهه جوانيءَ وارو دؤر هيو.
ونيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻئي ڌريون مورچابند ٿيڻ لڳيون ۽ ديدار جا سئوٽ مخالفت ۾ اچي ڀاڳيلا بڻيا. ياد رهي ته ان عرصي ۾ ديدار سيال وٽ 1974ع دؤران سندس هڪ سگهڙ امام بخش هتار وٽن مهمان ٿيو جنهن کان هن ڳجهارت ڳولڻ جي سکيا ورتي ۽ ديدار ان کان بعد 1978ع ۾ سنڌ جي عظيم مهان سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ کان سگهڙپائيءَ جي باقي مڪمل صنفن جي سکيا حاصل ڪئي. جهيڙن جهڳڙن دؤران سگهڙپائي ساڻ هيس.
جڏهن سندس سئوٽ مٺو سيال ۽ يوسف سيال ڌاڙيل بڻيا ته انهن جي ڪردار کي ڏسي هن انهن جي ظلم خلاف جنگ جوٽي سنڌ جي هر ڌاڙيل خلاف جهاد ڪيو. اهو ئي جوانيءَ جو پهريون پهلو هيو جو جڏهن گهر ڇڏي ڪراچيءَ لڏپلاڻ ڪيائون ته صرف ٻچڙا ثابت وٺي نڪتو باقي مال ملڪيت ڌن دولت سڀ ڌاڙيلن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي.
ديدار سيال جي پهلواني ۽ جوانمرديءَ جو اڄ به سندس علائقي ۾ هُل آهي ته هن جڏهن مظلومن جي طرفداري ۽ ظالمن خلاف جهاد ڪيو ته حڪومت سندس بهادريءَ تي فوج ۽ پوليس جا 24 اهلڪار کين مدد لاءِ ڏنا ۽ 23 ڄڻا پنهنجي ذات وارا هن سان هر وقت هٿيارن پنهوارن سان گڏ هوندا هيا. انهن جو خرچ انتظاميا پاران چئن ٿاڻن کي ڀرڻو پوندو هيو، جنهن ۾ محبت ديري جتوئي جو ايس ايڇ او مظفر مهر ۽ نئين ڳوٺ جو S.H.O قربان، ڪنڊياري جو S.H.O نواب خان بوزدار ۽ بکري جا S.H.O شامل هئا.
جڏهن سندس والد هن دنيا مان انتقال ڪيو ته اڪيلي سر هئڻ ڪري انتظاميه کي هٿيار ۽ جوان واپس ڪري ڪراچي واري گهر ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي به مسڪين يتيمن ۽ بيواهن جي واهر ڪرڻ عيوض بدلي ۾ ڪيترا مهينا جيل ڪاٽيائين. هڪ دفعي ڪراچيءَ کان سندس ڳوٺ ۾ سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو جيڪا سندس ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ سگهڙ فدا حسين ميراثيءَ جي اوطاق ۾ ٿي، اتي پراڻا سگهڙ محمد خان ساهڙ، ممتاز سيال، سائين داد ۽ ٻيا سوين ماڻهن جي پبلڪ ۾ موجود ڪچهري ٻڌي رهيا هئا ته کيس بدنام ڌاڙيلن پاران اغوا ڪرڻ جو واقعو پيش آيو جنهن تي سموري ڳوٺ ۾ قهرام مچي ويو ۽ ڪيترن ئي عورتن ڀلو ڪلام کڻي ان جي ڌاڙيلن کان جند ڇڏائي. ديدار جو دردن جو داستان عجيب آهي، جنهن کي لکڻ جي مون ادني انسان کي ڪهڙي طاقت آهي.
سگهڙ فقير ديدار سيال جنهن پنهنجي شادي سوين هٿيارن جي پهري ۾ ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻن پٽن منير علي ۽ منٺار علي سميت هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سگهڙ فقير ديدار علي جو هڪ طبعي اصول اهو به هو ته هي ساهه واري ڪابه شئي نه کائيندو هو. جهڙوڪ: گوشت، مڇي وغيره شامل آهي فقير ديدار سيال جنهن کي پيءُ کان ته نه پر ماءُ جي والد طرفان سگهڙائپ جو ڏاج مليو. سندس نانو فقير محمد جو گهنور خان سگهڙائپ رکندو هيو ۽ ان ورثي جي ادبي ملڪيت مان هن کي به حصو مليو. 1981ع ڌاران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ۽ 1985ع کان وٺي پاڪستان ٽيليويزن تي ادبي پروگرام شروع ڪيائين.“
هيٺ سندس چونڊ ڪلام ڏجي ٿو؛
چوڏهو سينگار- چوڏهن نالا هاٿيءَ جا
ڏسي هلڻ حبيب جو هُت هنڊوا پيا هرڪن
ڪارڌو به قابو ٿيا ۽ فيل پيا ڦَرڪن
ڪٽ لڪائن ڪيئن ٽل پيا ۽ گونٽا نه گرڪن
ڪيهر ڪنڌ نوائي بيٺا سَنکرَ نه سُرڪن
ڪيٽا ڀونگ ڀُنا ٿيا نڪي چينچل پيا چُرڪن
وسَو وارڻ ويسلا هو تڙن تي ترڪن
مينڊل به محبوب واري ڍار ڏسيو ڍُرڪن
پسي هُو ٽور لڄي ٿيا، مور نه ادگر پيا اُرڪن
مڪنا مست مُطيع ٿيا، هُو واٽن تان ورڪن
دلبر سامهون ”ديدار“ چئي ڇَڪي ٿي ڇرڪن
پوءِ پيا پَرڪن، ڏسي هاٿي هلڻ حبيب جو
ڏسي هلڻ حبيب جو ٿيا گنير گرفتار
چينچل چرڻ ڇڏي ڏنو هرڻ کاڌي هار
عين سڄڻ جا نيڻ نماڻا کنيون ڪن کجڪار
سُونهن سدا ”سيال“ چئي منهنجي سڄڻ کي سينگار
تنهن دلبر جو ”ديدار“، مون کي پرور پَسائج پاڻ تون
اي چنڊ چوڏهينءَ رات جا تنهنجو ڇاهي تاب
سڄڻ منهنجو ”سيال“ چئي جي لاهي لال نقاب
پوءِ نه ٿي بات بچڻ جي، ٿئي سارو مُلڪ ڪباب
حُسن منهنجي حبيب جو ناهي حد حساب
مور مرجان موتيا نه پُڄن گُل گلاب
رڳون تن رباب، جن ڏٺو منهن محبوب جو
ڪافي
ٿلهه: رومال تي ڇاپي طوطو تنهن کي تاڙي هڻي تو اُڏايو
واهيري اچي ڪيئن وري وري
(1)
پکي ٻڌل هوندو پيار سان آهي، تو ته ڪيو هي ڪلور آ
زور اڳيان چئي زاري، اُڏاڻو ڏاڍو ويو هو ڏور آ
مس ماڳ تي پهتو هوندو هو هاڻي مٺوئڙو مري مري
(2)
بي قدرو ٿيو انهيءَ باغ جو مالڪ، ٻيا به پکيئڙا چون پيا
بي رحم اُڏايو اجايو انهيءَ کي، ظالم سڀئي سڏن پيا
اهو ظلم جو باني آهي سڀ ٻول ۾ چون پيا ٻري ٻري
(3)
آيو اُڃارو الاءِ ڪٿان، آساس وٺڻ جي خاطر
ڏس ته پوي پيو ڏور کان، آيو پياس مٽڻ جي خاطر
”ديدار“ هو درد ڏيکاري جي دل ۾ هُجيس ها دري دري
ڪافي
ٿلهه: وقت پنهنجو سيڙائي ڪال ڪرائي بُڪ مون
ڪال ڪرائي بُڪ مون ڪلهه تو ڏي ڪيم ٽيليفون
گهنٽي وڄندي رهي پئي، ڏس فون کئين تو ڇونه
(1)
شروعات ڪيم جڏ يارهن ٿيا ها
وري پورا اچي مٿئون ٻارهن ٿيا ها
ٿي پورو يار ڪلاڪ ويو، وڌي ويتر تيئن فراق ويو،
وڌي ويتر تيئن فراق ويو اها اندر ۾ آهي اونَ
(2)
شايد توکان وسري وياسين
تنهنجي دل تان اُسري وياسين
توسان منهنجي پرت پُراڻي يا ته ڀلا تو ڄاڻي واڻي
يا ته ڀلا تو ڄاڻي واڻي، ورندي ڏني هي ڪونَ
(3)
”سيال“ سدائين، تنهنجو خادم
ديدار دُعاڳو تنهنجو دم دم
ايڏو خفا ٿئين محب تون مونکان
ڪهڙو گهران پيو يار مان توکان زر زيور يا سون