18. سنڌ سڄاڻ سُگهڙ ڊائريڪٽري (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب) پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس سنڌ جو سرواڻ (ڊائريڪٽر) آغا نور محمد پٺاڻ صاحب ڪيترن ئي سالن کان سُگهڙن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. هُو سگهڙڻ جي انفرادي ۽ سگهڙ تنظيمن جي اجتماعي سرپرستي ڪندو پيو اچي. سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري به سندس نگرانيءَ ۾ تيار ٿي، جنهن جي مشاورت ۽ ترتيب محمد مٺل جهتيال، ممتاز سنياسي ۽ عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي آهي. ڪتاب 2005ع ۾ سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم، آغا علي اڪبر پٺاڻ (چيف ايگزيڪٽو ڪمبائينڊ ٽريول ڪنسلٽنٽس پرائيويٽ لميٽيڊ اسلام آباد) جي سهڪار سان ڇاپيو ويوآهي. ڪتاب جو مهاڳ سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي تڏهوڪي مرڪزي صدر محمد مٺل جهتيال ۽ پنهنجي پاران نوٽ سلات جي جنرل سيڪريٽري عاجز رحمت الله لکيو آهي. فقير محمد امين سنياسيءَ جا ويچار ڏنا ويا آهن. 192 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ هر سگهڙ جو مختصر تعارف، ڪلام جو نمونو ۽ ڏس پتو ڏنو ويو آهي. گهڻي ڀاڱي تعارف هڪ هڪ صفحي تي ٻڌل آهي.