8. لعل ڪڻا لقمان جا (محمد لقمان کوکر جو ڪتاب)
تاج جويو صاحب لکي ٿو ته؛ ”سگهڙ پائيءَ جي فن ۾ بيت کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ لقمان کوکر جا بيت پختا ۽ تجنيس حرفيءَ جي هنر سان سينگاريل آهن. سندس سنڌي شاعري ته ڀلوڙ آهي پر سندس سرائيڪي بيت ۽ ڪافيون، رواني ۽ ٻوليءَ جي حُسن جي حوالي سان وڌيڪ متاثر ڪن ٿيون.“
هن ڪتاب ۾ لقمان کوکر ڌرتيءَ جا درد شاعريءَ ۾ اوتيا آهن، لوڪ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ هِن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي سورن کي سمايو آهي، ڪجهه چونڊ شعر اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا ته جيئن اوهان به انهن جو چَسُ وٺي سگهو.
سنڌڙيءَ جا سور
(1)
ڪهڙا سور لکان سنڌ جا، سنڌ ڏني دانهن،
رت پي رهزن ويا، جيئن چاڙهي پيئن چانهن،
ٻيلي منهنجي ٻانهن، ڇڏايو لٽيرن کان لقمان چئي.
(2)
ڪهڙا سور لکان سنڌ جا، آ سنڌ سان وڏو ويل،
ٿا ڏوهي گهمن ڏيهه ۾، آ جهانگيئڙن لئه جيل،
نٿو هڻي نيل، ڪو لٽيرن کي لقمان چئي.
(3)
ڪهڙا سور لکان سنڌ جا، آ سنڌ ۾ لڄالٽ،
غيرت وئي غرق ٿي، آ رڳو گولين گُوگهٽ،
ڪڍي نٿو ڪُٽ، ڪو لٽيرن کي لقمان چئي.
(4)
ساڳيا سنڌي ساڳي سنڌ، دل نه تنين ساڳي،
ساڳيا ڀاڳيا ساڳي ڀونءِ، پر نه ساڳيا پاڳي،
پاڻ پيڙن پاڻ کي، نه سندن ڪائي سجاڳي،
جنين ننڊ نڀاڳي، سي لوڙين پيا لقمان چئي.
(5)
سوڙهو ڪرين ساڙيلا، دَلا تون درياهه،
موڳا هن مهراڻ ۾، سانگيئڙن جو ساهه،
لوڏي ڪڍندئي لاهه، لاکيئڙا لقمان چئي.
(6)
موڳا هن مهراڻ کي، ٿو دَلا وجهين در،
ماري وجهندئي ماروئڙا، هاري کڻي هر،
ڪري ڪنڌيءَ قبر، لَٽيندئي لقمان چئي.
(7)
موڳا هن مهراڻ تي، ٿو ٺاهين ڪالا ڊيم،
سانگيئڙن جو سنڌوءَ سان، پڪو اٿئي پريم،
گندي تنهنجي گيم، لڙهي ويندي لقمان چئي.
دهشتگردي مرده باد
دهشتگردي، مرده باد،
وحشتگردي، مرده باد.
روزانو ڏس، ڪير ڪسن ٿا،
نفرت گردي، مرده باد.
اغوا گوليون، بم بندوقون،
ڪلفت گردي، مرده باد.
ڏيهه جا ڏوهي، رِها رپين تي،
رشوت گردي، مرده آباد.
قسم تي ڪوڙي، ڏين گواهي،
ڪپتگردي، مرده باد.
مظلومن جا، حق هضم ٿيا،
خيانت گردي، مرده باد.
ڪوٽن قيدي، هاري ناري،
دولت گردي، مرده باد.
لڄالٽ جو، روز ڌنڌو آ،
نحوست گردي، مرده آباد.
روز ملاوت، چور بازاري،
بچت گردي، مرده باد.
لقمان ملن ٿا، لاش ٻورين مان،
ظلمت گردي، مرده باد.
ڏهين آگسٽ- 1994ع تي ڪاڇي جي ٻوڏ جي ستايلن لاءِ وقت جي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي سُگهڙ فقير محمد لقمان کوکر ”جيڪي ڏٺو مون“ ۾ اپيل ڪندي چيو ته؛
جيڪي ڏٺو مون
وزير اعظم آءُ، ڏسي وڃ،
گاج نئين جا گهاءَ، ڏسي وڃ.
بند ٽُٽي پيا، جاٿئون ڪاٿئون،
پاڻيءَ جا پڙلاءَ، ڏسي وڃ.
بند مرامت، ڪنهن نه ڪيا ها،
هڙني جو ته حياءُ، ڏسي وڃ.
انجنيئر ايسي، سروئير ايسڊيا،
ڇا پيا ڪن هت ڇاءُ، ڏسي وڃ.
رات انڌيري، جاڏهون ڪاڏهون،
ڇولين جو ڇڇڪاءُ، ڏسي وڃ.
جنهنجا ٻچا ويا، جنهنجيءَ هنج مان،
سا روئي ويٺي، ماءُ ڏسي وڃ.
کائڻ پيئڻ لئه، ڪجهه نه بچو آ،
بک تي ڀينر ڀاءُ، ڏسي وڃ.
ڳوٺن جا هت، ڳوٺ لُڙهي ويا،
ڪنهن نه آيو ڪهڪاءُ ڏسي وڃ.
شهداد ڪوٽ، قمبر وارهه دادو،
لاشن جا ته لڪاءَ، ڏسي وڃ.
جوهي منڇر، انڇر ٿي وئي،
ٿا لاش ترن تلاءُ، ڏسي وڃ.
امداد ڏني تو، ٻوڏ ٻُڏن لئه،
دَلن جا هِت داءَ، ڏسي وڃ.
راشن پاڻي، پاڻ ويا کائي،
ٺلها تن ٺڪاءَ، ڏسي وڃ.
اٽو داليون، گيهه ۽ چانور،
ڪونه مليو آ پاءُ، ڏسي وڃ.
غريب بندن تي، بُک مرن ٿا،
پاڻ کائن پُلاءَ، ڏسي وڃ.
هي افسر شاهي، تنهنجا ڪامورا،
ٿا ڪونه لهن سماءُ ڏسي وڃ.
ميمبر ڪارڪن، وزير سڳورا،
پيٽ ڀرن ٿا هاءُ، ڏسي وڃ.
بلاول صدقي، بکين ڏکين سان،
وڏن جو ورتاءُ، ڏسي وڃ.
ڪئمپن ۾ هت، ٻوڏ ٻڏن سان،
آفيسرن جو اَٽڪاءُ، ڏسي وڃ.
لاش لُڙهي، ”لقمان“ لکين ويا،
پوءِ به چون ٿا، بچاءُ ڏسي وڃ.