1) حضرت جلال کٽي
”حضرت جلال پهريون استاد شاعر هو، جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان سنڌي سينگار شاعريءَ کي اوج تي پهچايو ۽ سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ ان کي هڪ مستقل فن جي حيثيت ڏني. افسوس جو هن باڪمال شاعر ۽ درويش جي سوانح توڙي ڪلام تي وقت جي هڪ وڏي عرصي پنهنجو لٽ وجهي ڇڏيو آهي.
جلال جي جاءِ سڪونت بابت لس ٻيلي ۽ ساڪري (ٺٽي ضلعي) جي اڪثر موجوده سگهڙن جي متفقه راءِ آهي ته جلال دادو ضلعي جو رهاڪو هو، منجهانئن اڪثر جي راءِ آهي ته هو دادو تعلقي جي ڳوٺ ”موندر“ جو ويٺل هو ۽ ڪن جو خيال هو ته جوهي تعلقي ۾ ”ڊگهه بالا“ جو رهاڪو هو. هيٺين دليلن جي بناء تي هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته جلال غالباً دادو ضلعي جي ڳوٺ موندر جو رهاڪو هو.
پهريون ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سپھ سالار شاهه بهاري جهنجهڻ ۽ قلات جي امير عبدالله خان بروهيءَ جي جنگ بابت جلال ۽ جمن چارڻ هڪ ٻئي کي آمهون سامهون بيت چيا آهن. ميان نور محمد جي گاديءَ جو شهر خدا آباد هو، جيڪو دادو تعلقي ۾ واقع آهي. جمن چارڻ جا مٽ ۽ مائٽ عزيز به دادو ۽ سيوهڻ تعلقن ۾ رهندڙ هئا ۽ خود شاهه بهارو به لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، جتي سندس مقبرو موجود آهي، انهيءَ ڪري جلال جي سڪونت به دادو ضلعي ۾ زياده قرين قياس نظر اچي ٿي. ٻيو ته جلال جو هڪ بيت حضرت مخدوم بلاول رحه جي مدح ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيو اٿس ته:
”بلاولي بحرين مان جن پيتا جودي جام“
جيئن ته حضرت مخدوم بلاول رحه جي درگاهه شهر دادو کان 6 ڇهه ميل کن اتر طرف قديم شهر ”باغبان“ ۾آهي، ڳوٺ ”موندر“ کي به ايتروئي ويجهي آهي، انهيءَ ڪري جلال جي حضرت مخدوم بلاول سان هيءَ عقيدت پڻ موندر ۾ سندس جاءِ سڪونت هجڻ جي تائيد ڪري ٿي. ٽيون ته، دادو تعلقي ۾ هيءَ روايت عام آهي ته جلال، ”پير تُرهي“جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي، جو دادو شهر کان 7 ميل کن اتر ۽ ڳوٺ موندر کان اٽڪل ميل ڏيڍ اتر- اولهه، موجوده دادو ڪئنال جي لڳو لڳ الهندي طرف واقع آهي. ”پير تُرهي“ جي سجاده نشين قريشي پيرن ٻين عام ماڻهن ۽ خاص طرح اتي جي هڪ عمر رسيده شخص فاضل فقير شيخ توڙي ڀرواري”ملڪن“ جي ڳوٺ جي ٻڍڙي سگهڙ سليمان فقير ملڪ (1955ع ڌاري سندن عمر 80 ورهيه کن) متفقه طور خبر ڪئي ته ”اسان وڏن کان ٻڌندا ٿا اچون ته جلال موندر جو ويٺل هو ۽ سندس قبر پير تُرهي تي آهي، جيڪا اسان ننڍي هوندي صحيح سلامت بيٺل ڏٺي هئي ۽ ماڻهو اچي ختمو پڙهندا هئا. البت درويش پير تُرهي جي نالي سببان خود جلال جي شهرت ڪانه ٿي. هن وقت سندس قبر واريءَ جاءِ تي فقط پٿر جو نشان باقي آهي.“ ا.هه. اسان سر زمين تي روبرو وڃي ڏٺو ته اهو نشان پير ترهي جي مقبري جي آڏو وڏي صحن ۾ ڏکڻ-اوڀر طرف بيٺل وڻن جي هيٺ هڪ جهوني ٻير جي وڻ جي پاڙ ۾ آهي. جيتوڻيڪ سواءِ هڪ پٿر جي نشان جي ٻيو ڪوبه ڪتبو موجود ڪونهي، ته به هيءَ مقامي روايت ڪافي وزندار آهي.
جلال جي حياتيءَ واري عرصي جي باري ۾ نسبتاً پڪا اهڃاڻ موجود آهن. جلال ۽ جمن چارڻ جيڪي بيت هڪ ٻئي کي سوال جواب ۾ چيا آهن. تن جو تعلق انهيءَ جنگ سان آهي، جيڪا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر ۽ مير عبدالله خان قلات جي واليءَ جي وچ ۾ لڳي، جنهن ۾ مير عبدالله خان شهيد ٿي ويو. ميان نور محمد طرفان شاهه بهارو جهنجهڻ سپھ سالار هو، جنهنجي تعريف ڪندي جلال پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو ته:
”بازي بهارو، شاهه کٽي ويو شير کون.
اها جنگ سنه 1145هه(1731ع) ۾ لڳي ۽ ان بابت چيل بيتن مان ظاهر آهي ته جلال ان وقت بالڪل پخته مشق شاعر هو، جمن چارڻ به پنهنجي وقت جو چوٽيءَ جو شاعر هو، جنهن جلال جي بيتن جو جواب ڏنو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته جمن ۽ جلال هڪ ٻئي جا ساٿياري ۽ همعصر هئا. درويش جمن چارڻ سنه 1151هه (1739ع) ۾ وفات ڪئي، يعني ته شاهه عبداللطيف کان چوڏهن سال کن اڳ گذاريائين. انهيءَ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو ته جمن توڙي جلال ٻئي شاهه صاحب جا هم عصر هئا. جلال به غالباً 1150-1160هه واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي.
جلال جي زندگيءَ جي حالات جو پورو پتو پئجي نه سگهيو آهي . سندس باري ۾ روايتون مشهور آهن ته هو پنهنجو موروثي ڌنڌو ڪندو هو ۽ ڪپڙا ڌوئيندو هو. پنهنجن بيتن ۾ ”کٽي“ توڙي ”رنگريز“ جو تخلص آندو اٿس: يعني ته دڪان تي ڪپڙن رڱڻ جو ڪم به ڪندو هو، جو ڪن بيتن ۾ خاص طرح ”دُڪان“ جو نالو وري وري آندو اٿس ته:
”دؤڙي ونءُ دُڪان تي هٿ ٻڌي ڪر حال.“
”دل اُجار دڪان تي، ديک وڃي داناءَ“
”ميرجت“ قبيلي جا ماڻهو آسپاس رهندڙ هئا، جن سان جلال جي تمام گهڻي پريت هئي. پنهنجي هڪ بيت ۾ انهن نيڪ، سادن ۽ مارو ماڻهن کي ساراهيو اٿس ته:
جَتَ بلوچان بابڙا آهن، حملي هٿوڪا
ڪنڌيين رهن ڪانهلا، هي بَر جا بَتوڪا
بوريا بافن جن جو، رکڻ داڻا دلوڪا
کٽون ڏائن کنج جون، پائن پتوڪا
ڏاچيون چارن ڏيهه جون، ڪن تڙن تي توڪا
گهگهيرين گهر ڄائيا، سي جسماني جوڪا
آهن آريءَ ڄام جا، اديون آتوڪا
پنهونءَ کي پرتل ٿيا، هي گگا گڪوڪا
جي اهڙا آلوڪا، تن جُتيم جيءُ جلال چئي.
جتن سان جلال جي والهانه محبت هئي پر ڪن ائين هُلايو ته جلال جتڻين مائين مان ڪنهن تي عاشق آهي ۽ انهيءَ ڪري هميشه الهندي منهن ڪري بيهي ڪپڙا ڌوئيندو هو. هڪ ڀيري جڏهن جلال بيٺي ڪپڙا پئي سٽيا ته ڪو سگهڙ دوست وٽس آيو ۽ کيس ڪلهي تي هٿ هڻي چيائين ته ”جلال! جت ڪٿي!“ جلال سندس اشارو سمجهي ويو سو جواب ۾ هيٺيون بيت چيائين، جنهن ۾ پاڻ مرادو جتڻين ماين جي تعريف ڪيائين:
پيهي ڏس پکن ۾، اٿئي سون چڙيون
آريٽيون اڱڻ تي، ڪڍن انگ اڙيون
رئي رتيون رنگريز چئي، تن پوتيون نينهن نڙيون
پاڻي ڀرن پتوه جان،اچن گام گڙيون
گهگهيريون گهمڻ ۾، آهن ڳم ڳڙيون
مُهر اٿن منهن تي، پر مهر مامڙيون
هو ٿئي ڪيچ ڪيڙيون، هو ٿئي جت جلال چئي.
ائين چئي ان سگهڙ کي ٻانهن مان جهلي الهندي طرف اشارو ڪيائين ته سندس نظر ۾ نبي ڪريمﷺجي روضي جي صورت اڀري آئي. هڪ روايت موجب جلال کي نبي ڪريمﷺ خواب ۾ آيو ۽ انهيءَ حيرت ۾ حيران رهيو جو اک کلي پيس. انهيءَ حالت جو اظهار هن طرح ڪيائين ته:
ويهي جان ويچار ڪيم، تان ”کٽي“ ڳالهه کري
ماڻڪ منهنجي من پيو، جنهن سواءِ ڪانه سري
حضرت نبي ڪريمﷺجي سڪ مٿس غلبو ڪيو، جو نبيءَ جي ثنا ۽ تعريف ۾ بيت چيائين ۽ آخري عمر تائين انهيءَ محبت ۾ مدهوش رهيو. جلال کٽيءَ جو هيٺ چونڊ ڪلام ڏجي ٿو:
سينگار جا بيت
جب گوري گهنا ڪري، اٺ ڏوڻا اغماز،
ڏهه ڏون ڏهاڙي ڪري، ڪامڻ ويس قواز،
ان جي چرنن تي چريا ٿيا، پس وتن پرواز،
آهو ۾ مشاهدي، ڪن طائوس تواض،
ترنگ تاب تپاڪي، ڪن نيويون نانگ نياز،
سرو صنوبر سر زمين، ڪم ڪينچن مان ڪماز،
جن اهڙي دور دراز، تن جياپو جيءَ جلال چئي.
تمهر روپ ترنگ، هِن ڪنول ڪيس قريب جا،
سهه ڳچي سروي، ڪونتر نيف نسنگ،
ٻونگر سِر ٻُراءِ جي، مزگان ڪيش خدنگ،
لڪ ليئي ڏهر ڪيور، ڀرون ڀونر ڀونگ،
تنهن سُسَا پا سارنگ، جلوي ساڻ جلال چئي.
موتيان وڌ منهنجا پرين، ڇا هي جنهور جو جنسار،
املهه ماڻڪ ان تان، هيرو نبيءَ هار،
ڇاجي جوڙ جمرود جي، ته ڪا عجيبن آ چار،
ڇاجي سج چنڊ ڪتيون، ته ڪي دلبر جي ديدار،
ڇاجي ونڪ وڄن جي، ته ڪا ساجن جي سينگار،
پرين اهڙا پار، سڀن ئان وڌ جلال چئي.
برسيون برسن ورسيون ورسن، مٿي مالها موتيئڙن،
دور چمڪيون دامنيون، پسي ڏت ڏندن،
پپيهل پئي پي پي ڪري، مانَ مهر مون تي ڪن،
اڀريون ماهه ابر مان، پسي ڀير ڀرن،
قمر ڪتيون، تارا تجلا، شمس شعاع نه ڪن،
پسي بام بدن، ڪرني، ڪنول پيا ڪسن،
پسي جوڙ جلال چئي، گنير گس نه ڪن،
بجليون منجهه بحرن، سڪيون سڪن پاڻ ۾.
منهن مهتاب محبوب، نرگس نيڻ سندن،
چشمن جا چالا ايئن، جيئن کنوڻيون ٿيون کنون،
چوڏهن طبق چانڊاڻ ٿئي، جي محب کڻي مُرڪن،
سڀ ٿا توهه تڳن، تنهنجي جلوي سان جلال چئي.
دانهه ديوانا ٿيا، ڏسي ساجن جو سينگار،
مُک هَسي محبوب جو، جيئن کڙي کٽڻهار،
سينو موڪرو سڄڻين، گلبدن گلزار،
ڀنڀا ڀرون ڀونر جيان، اکيون ميگهه ملهار،
جي جوڙ انهيءَ جنسار، تن جياريو جيءُ جلال چئي.
ڪافي
ٿلهه: ويڙم سانگ سينگار
جيڪس ويڙهيچن آءٌ وساري،
1- قضا آندس ڪوٽ ۾، لکئي جي لغار
2 - اچي عمر ڪوٽ ۾ ٿيس ڌراڙن کان ڌار
3- اٿم اهڙو آسرو، پرچن مان پنهوار
4 - جاني ميڙيم جلال چئي،
جنهن لئي سڪان سڀ ڄمار.