24. سگهڙن جي ڊائريڪٽري (عبدالله ورياهه جو ڪتاب)
سگهڙن جي ڊائريڪٽريءَ تي سندس لکيل تبصرو جيئن جو تيئن ڏجي ٿو، جيڪو مهراڻ لوڪ ادب نمبر ۾ ڇپيو.
”سنڌي هڪ وسيع ۽ شاهوڪار زبان آهي، جنهن ۾ لفظن جي هڪ اڻ کٽ کاڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو ان ۾ تصوف جهڙي ڏکئي ۽ اونهي مضمون کان وٺي سائنس جهڙي جديد علم جي ڪنهن به موضوع لاءِ لفظن جي ڪڏهن ڪا ڪمي محسوس ڪانه ٿي آهي.
سنڌي ٻولي جيڏي لفطن ۾ شاهوڪار آهي، اوڏو ئي ان جو لوڪ ادب وسيع ۽ ڪشادو آهي، جنهن جي دائري ۾، لوڪ داستان، لوڪ گيت، مولود، مناجات، ڳجهارت، هنر، ڏور، سينگار بيت وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي ادب جي ان سرمائي کي جنهن صدين کان پئي سنڀاليو آهي، سو آهي اسان جو سگهڙ، جيڪو هن عظيم ورثي کي هر دؤر ۾ ساهه سان سانڍيو اچي ۽ انکي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پيو پهچائي، جو سلسلو جُڳن کان جاري آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ وجود ۾ آيو ۽ اڄ ڏينهن سوڌو پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ پيو پاڻ پتوڙي، تنهن سنڌي لوڪ ادب جي اهميت ۽ افاديت محسوس ڪندي انکي سهيڙڻ ۽ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو ڪم پنهنجي ڏيهه جي ڏاهي ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سپرد ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جهڙي سڄاڻ شخص ان اسڪيم کي پائي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي وطن جي هر واهڻ ۽ وستيءَ وڃي، اتان جي سگهڙن سان راتيون جاڳي ڪچهريون ڪيون ۽ انهن جي سيني اندر سانڍيل سرمايو سهيڙي، ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ اسان وٽ پورن چاليهن جلدن ۾ موجود آهي.
لوڪ ادب جي اسڪيم کي مڪمل ڪرڻ ۾ بورڊ جي چيئرمين مخدوم محمد زمان طالب المولى صاحب جي دلچسپي ۽ مدد کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جنهن جو اظهار خود ڊاڪٽر صاحب پڻ ڪيو آهي. ضلعي سانگهڙ جي هڪ سپوت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سڄي سنڌ گهمي ڳولي وڃي سگهڙن کي هٿ ڪيو ته ان ئي علائقي جي هڪ نوجوان محقق ۽ اديب جناب عبدالله ورياهه وري انهن کي مانُ ڏيڻ جي مقصد سان سڄيءَ سنڌ مان سڏائي آڻي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. اهو سال 1984ع هو، جو ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر جناب محمد شريف بلوچ جي سهڪار سان ورياهه صاحب ”سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽيءَ“ جي پليٽ فارم تان سانگهڙ شهر ۾ سنڌ ليول تي سگهڙن جي ڪچهري ڪوٺائي، جنهن ۾ سنڌ جا سمورا ناميارا سگهڙ اچي شريڪ ٿيا. ان موقعي تي سگهڙن جي ادبي پورهئي کي مڃتا ڏيندي، انهن کي اڳتي آڻڻ ۽ کين دنيا آڏو روشناس ڪرڻ لاءِ وڏا اعلان ڪيا ويا پر پوءِ ستت ئي محمد شريف صاحب جي بدلي ٿي وڃڻ سبب اهي اعلان اتي ئي رهجي ويا ۽ سانگهڙ هسٽاريڪل سوسائٽي به ورياهه هائوس ٽنڊي آدم ۾ ڪچهرين ڪرائڻ تائين محدود رهجي ويئي. تنهن بعد گذريل سال 1991ع ۾ڊاڪٽر امداد علي سيهڙ جهڙو سڄاڻ ۽ علم دوست شخص جو سانگهڙ ضلعي تي ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿي آيو، ته هيڏانهن سوسائٽي به وري سرگرم ٿي وئي ۽ سيهڙ صاحب جي سهڪار ۽ صلاح سان 27، 28 ۽ 29 نومبر 1991ع تي ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ ٽنڊي آدم شهر ۾ ڪئي ويئي. ڪيل فيصلي مطابق ان موقعي تي سنڌ جي سگهڙن متعلق پهريون ڀيرو تعارفي ڪتاب ”سگهڙن جي ڊائريڪٽري“ (حصو پهريون) شايع ڪري ادبي دنيا ۾ آندو ويو، جنهن جي ڪمي ڪافي سالن کان شدت سان محسوس ڪئي پئي وئي.
ڪتاب ”سگهڙن جي ڊائريڪٽري“ (حصو پهريون) سنڌ جي نوجوان محقق ۽ شاعر جناب عبدالله خان ورياهه جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ تمام سهڻي نموني ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل سادو پر ڏاڍو پيارو ۽ وڻندڙ آهي ۽ ان ۾ پنو پڻ تمام سٺيءَ ڪوالٽيءَ وارو استعمال ڪيل آهي. ڪتاب ڪل 158 صفحن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ ڏهن ضلعن (جيڪب آباد، حيدرآباد، خيرپور، دادو، سانگهڙ، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي، نواب شاهه ۽ نوشهري) جي لڳ ڀڳ ٻن سَو سگهڙن جو ضلعي وار احوال ڏنل آهي. هر سگهڙ جي مختصر تعارف ۽ پاسپورٽ سائيز فوٽو سان گڏوگڏ ان جي سگهڙ پائيءَ جو هڪ اسم پڻ نموني طور ڏنو ويو آهي، جنهن سبب نه صرف سگهڙ پر ان جي فن متعلق پڻ چڱي موچاري معلومات ملي وڃي ٿي. هن ڪتاب لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ۾ شاهنواز بابر سومري ۽ ٻين ڪارڪنن جي محنت پڻ شامل آهي.
ڪتاب تي سراسري نظر وجهڻ سان اهو پيو معلوم ٿئي ته هن ۾ وڌ ۾ وڌ سگهڙن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر پوءِ ڏنل انهن ڏهن ضلعن مان ئي ڪافي سگهڙ رهجي ويا آهن، جن جا نالا نه اچي سگهيا آهن. انهيءَ کان علاوه ڪتاب ۾ ڪن سگهڙن جا فوٽو ئي مٽجي ويا آهن. اهڙيءَ ريت ڇپائيءَ ۾ به ڪجهه مواد هيٺ مٿي ٿي ويو آهي، جنهن مان محسوس اهو پيو ٿئي ته اهو سڀ ڪجهه تڪڙ ۾ ڪم اڪلائڻ ڪري ئي ٿيو آهي، ڇو جو ڪتاب کي ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“، جي موقعي تي هر حال ۾ آڻڻو ئي هو. اهو ئي سبب آهي جو اڃا به گهڻن سگهڙن بابت وقت اندر مواد نه ملڻ سبب انهن سڀني کي ”ٻئي حصي“ لاءِ ڇڏيو آهي. هاڻي اميد ٿي ڪجي ته ڪتاب جو جيڪو نئون ايڊيشن نڪرندو ان ۾ ڇپائيءَ جون سڀ اوڻايون دور ڪيون وينديون ۽ ان ۾ وڌيڪ سگهڙ پڻ شامل ڪيا ويندا. بهرحال سگهڙن جي ڊائريڪٽري (حصو پهريون) پنهنجيءَ نوعيت جو هيءُ هڪ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ پنهنجي ”ڏيهه جي ڏات ڌڻين“ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي رکوالن (سنڌ جي سگهڙن) متعلق سٺي معلومات مهيا ڪئي ويئي آهي، تنهنڪري هر علم دوست شخص کي اهو ڪتاب پڙهڻ ۽ سانڍڻ گهرجي. (هيءَ ڊائريڪٽري، سنڌي ادبي بورڊ پاران 1991ع ۾شايع ٿي.)
پروفيسر سيد محسن علي شاهه بخاري