11) سگهڙ محمد لقمان کوکر
محمد لقمان ٻاويهين آڪٽوبر 1949ع تي ڳوٺ مصطفى آباد وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محرم علي کوکر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل بهاول پور رياست جا هئا، جيڪي روزگار خاطر پهريان ڀاڳ ناڙي بلوچستان، پوءِ ڳوٺ گنداخ، جيڪب آباد، تنهن بعد ڳوٺ لقمان سيال قمبر ۽ آخر ۾ ڳوٺ مصطفى آباد ۾ رهيا. هن جو گهراڻو مذهبي هو سندس ڏاڏي خدا بخش کوکر مدرسو نور مصطفى قائم ڪيو، جتي لقمان تعليم پرائي ۽ پنهنجي ڏاڏي جو ان ڪم ۾ هٿ به ونڊايو.
محمد لقمان جو نانو فقير عطا محمد کوکر به سگهڙ ٿي گذريو آهي. هن ڏاڏي ۽ ناني جي صحبت ۾ رهي کانئن گهڻو ڪجهه پرايو، پندرهن سورهن سالن جي عمر کان لقمان کوکر سگهڙائپ جي فن جي شروعات ڪئي، جنهن لاءِ 1965ع ڌاري هو استاد محمد ملوڪ وٽ ويو ۽ کيس پنهنجو استاد بڻايائين.
1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ٿيو. ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن هوندي هئي، جنهن تي سنڌي ٻوليءَ کي تمام گهٽ حيثيت ۽ وقت ملندو هو. حيدرآباد ۾ ريڊيي اسٽيشن ٺهڻ سان سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ ادب کي گهڻي اهميت ملڻ لڳي. ان اسٽيشن تي ڳوٺاڻيءَ ڪچهريءَ جو پروگرام به شروع ٿيو، جنهن ۾ سگهڙن کي گهرائڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. اها ڪچهري ڏاڏي فتح خان جي ڪچهريءَ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ڏاڏي جو ڪردار سائين صالح محمد شاهه ادا ڪندو هو. اڄ هو پاڻ ته الله سائينءَ کي پيارو ٿي چڪو آهي پر سندس ڪچهري قائم آهي. ان پروگرام ۾ محمد لقمان کوکر 1969ع ۾شامل ٿيو، پاڪستان ٽيليويزن ۽ ٻين چينلن تي به هو ڪيترائي ڀيرا فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
1980ع ڌاري هو بيمار ٿي پيو، بڪين ۾ کيس پٿري ٿي پئي، جنهن سبب ڳڻتي وڌي ويس. سندس استاد محمد ملوڪ ۽ ٻين ان ڏکيءَ گهڙيءَ ۾ کيس اڪيلو نه ڇڏيو. بيماريءَ جي حالت ۾ به هيءُ همراهه لکندو رهيو. پنهنجي ڪلام کي شايع ڪرائڻ سندس آخري خواهش بڻجي وئي. هو ان سلسلي ۾ ڏاڍو ڊڪيو ڊوڙيو ۽ محنت ڪيائين، نيٺ سندس مدد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪئي، جنهن هن جو ڪتاب ”لاتيون سُڻ لقمان جون“ 1995ع ڌاران ترتيب ڏئي سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران ڇپرايو. ان ڪتاب کان سواءِ هڪ ٻيو ڪتاب ”لعل ڪڻا لقمان جا“ به ڇپجي چڪو اٿس ۽ ٽيون ڇپائيءَ هيٺ آهي.
الله جي مهربانيءَ سان سندس ڏک ڏُور ٿي ويا ۽ زندگيءَ سان ساٿ نڀائيندو پيو اچي. کيس چار پُٽ بلاول خان، رانجهن خان، خدا بخش ۽ فدا حسين آهن، جن کي به سگهڙائپ جي لنئون لڳل آهي. هيءُ همراهه ملتان جي حضرت غوث بهاءُ الحق جو مريد آهي.
پاڻ استاد محمد ملوڪ سان گڏجي سنڌ سگهڙ سنگت ۾ به سرگرم رهيو آهي. هيءُ سنگت جي باني عهديدارن منجهان آهي. ڊاڪٽر پٺاڻ استاد محمد ملوڪ سان سندس ويجهڙائپ ۽ سگهڙائپ ۾ پير پائڻ بابت لکي ٿو ته: ”هڪ دفعي خيرپور ناٿن شاهه جي ميلي تي محمد لقمان سگهڙن جي ڪچهري ڏٺي ۽ ٻُڌي، انهيءَ ڪچهريءَ ۾ سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي ڏات ۽ ڏانءَ محمد لقمان کوکر کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ڪچهريءَ تان جڏهن گهر موٽيو ته اندر جي اُڌمن کيس سُک ۽ سُڪون سان ويهڻ ڪو نه ڏنو، هڪ اڌ ڏور جا بيت ٺاهي پنهنجي ماسڙ قادر بخش کوکر ۽ مامن کي ڏيکاريائين کيس پنهنجن عزيزن دل کولي داد ڏنو.
ستت ئي پوءِ محمد لقمان پنهنجي ماسڙ قادر بخش سان گڏجي اچي باڊهه ۾ فقير سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ سان ملاقات ڪئي ۽ انهيءَ ملاقات رنگ لاتو، استاد ۽ شاگرد هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ پرکيو ۽ هميشه لاءِ باهمي خلوص جي رشتن ۾ جڪڙجي ويا، (لاتيون سُڻ لقمان جون،ص- 14)
هن سنڌيءَ سان گڏ سرائڪيءَ ۾ به ڪلام چيو آهي.
هتي سندس چونڊ ڪلام پيش ڪجي ٿو:
سنڌ۾ سک ۽ امن لاءِ دعا
(1)
سائين ساريءَ سنڌ مان ڏڪارِي ڪڍ ڏاتار،
جيڪي آهن دشمن ديس جا مولى سڀئي مار،
اهي لوٺيا نه ڏسان ”لقمان“ چئي بيهودا بيڪار،
والي تن کي وار، جيڪي سڄڻ ناهن سنڌ جا.
(2)
سائين ساريءَ سنڌ کي آڻج منجهه امن،
منهنجا ڏوٿي ڏيهه ۾ ڀلي گور گهمن،
لاکيڻا ”لقمان“ چئي، وٺندا واس وطن،
راتيان ڪري رهاڻيون سکي سيج سمهن،
نه ڏاتر ڏک ڏسن، سانگي منهنجا سنڌ ۾.
(3)
سائين سنڌو درياهه ۾ ڪر پاڻيءَ جي پالوٽ،
ختم ڪرينس ”کوکر“ چئي، خالق ساري کوٽ،
سانگي ساريءَ سنڌ جا، رويون ڪن رپورٽ،
مالڪ ڪر ڪا موٽ، ته سُڪر ٿئي سنڌ ۾.
(4)
سائين ساريءَ سنڌ کي سرهو ڪر سر حال،
مارو منهنجا ماڳن تي خوش رهن خوشحال،
لاکيڻن جي ”لقمان“ چئي لڄ بچائي لڄپال،
مولى مالا مال، منهنجا سانگي ڪر هن سنڌ ۾.
(5)
سائين ساريءَ سنڌ کي، الله ڪر امير،
پورو ٿئي پرور، منهنجي تصور جو تعبير،
روئندو نه ڏسان راڄ ۾، نيڻين وهائيندي نير،
تون ڪل شيءِ قدير، لُطف ڪر ”لقمان“ چئي.
(6)
سائين ساريءَ سنڌ ۾ مولى محبت آڻ،
رُٺا پرچن رات ۾، پنهنجو وڃي پاڻ،
پائي ڀاڪر پيار سان، رلجي ڪن رهاڻ،
مولى ڪڍ مانڌاڻ، لطف سان ”لقمان“ چئي.
سچا سُخن
سوال: اٺئي انڌا اٺئي انڌا؟
1. جو نياڻي بالغ گهر ويهاري،
2. جو ڌاريو آڻي گهر سمهاري،
3. جو لڄ اگهاڙي پاڻ سينگاري،
4. جو پاپي پراوا ننگ نهاري،
5. جو هوندي سوندي ويلا ٽاري،
6. جو بچت خاطر ڀاتي ماري،
7. جو پاڙو اوڙو اٿي آزاري،
8. جو لالچ ۾ ”لقمان“، دين وساري،
جواب: اهي اٺئي انڌا اٺئي انڌا.
سوال: چارئي چنڊا چارئي چنڊا؟
1. جو دولت هوندي در در پني،
2. جو شڪر ڪري نه رب جي ڏني،
3. نانءُ ڌڻيءَ جو مور نه ڳنهي،
4. جو لالچ ۾ ”لقمان“ رشتا ڇني.
جواب: اهي چارئي چنڊا چارئي چنڊا.
سوال: پنجئي پِٽيل پنجئي پِٽيل؟
1. ابي امڙ جو ادب نه ڪري،
2. جوا نشي کان جنهن جي نه سري،
3. حلال روزي جنهن کي نه ڦَري،
4. جو عزت واري موت نه مَري،
5. چار چَون جو ”لقمان“ نه وَري،
جواب: اهي پنجئي پِٽيل پنجئي پِٽيل.
ڳاڻوءَ جا بيت
(1)
لاري ڇو هلي نٿي،
عورت سور سلي نٿي،
ڏور نه جهلي سَٽَ.
سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
جواب: ور ناهي.
لاري نٿي هلي جو انهيءَ کي ڊرائيور ناهي.
عورت سور نٿي سلي انهيءَ کي به ور (مڙس) ناهي.
ڏور سٽ نٿي جهلي انهيءَ کي به ور (وٽ) ناهي ڪچي آهي.
(2)
يار واپس اچي نٿو،
دڪاندار پئسو وٺي نٿو،
عورت نه پائي ڳهه،
سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
جواب: سچو ناهي.
يار واعدو ڪري ويو آ وري واعدي تي واپس نه آيوآ، يار واعدي جو سچو ناهي تڏهن واعدي تي واپس نٿو اچي.
دڪاندار پئسو انهيءَ ڪري نٿو وٺي جو پئسو ڪوڙو آهي، خراب آهي ۽ سچو ناهي. تنهن ڪري پئسو نٿو وٺي.
عورت ڳهه انهيءَ ڪري نٿي پائي جو ڳهه ڪوڙو آهي کوٽو آهي، تنهن ڪري عورت ڪوڙو پائڻ نٿي چاهي.
(3)
ملاح مڇي ماري نٿو،
ميلو مزو ڏيکاري نٿو،
بازار نه ڪري سونهن.
سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
جواب: رَڇ ناهي.
مير بحر مڇي نٿو ماري ته ان وٽ مڇي مارڻ لاءِ رڇ يا ڄار ناهي تنهن ڪري مڇي نٿو ماري.
ميلو مزو نٿو ڏئي ته ان ۾ گهڻا ماڻهو ۽ رڇ (رش) ناهي. ٿورا ماڻهو آهن تنهن ڪري ميلو مزو نٿو ڏيکاري.
بازار سونهن نٿي ڏيکاري انهيءَ ۾ به ماڻهو گهڻا ڪونهن گهٽيون خالي پيون آهن ڪابه خريداري نٿي ڪئي وڃي تڏهن بازار سونهن نه ٿي ڏيکاري.
(4)
هاري هر ڪاهي نٿو،
کٽي داغ لاهي نٿو،
مَٽُ نه لاهي اڃ.
سوال: ڳڻ تون ڳاڻو ڪهڙي ڳالهه؟
جواب: پاڻي ناهي.
هاري هر نٿو ڪاهي پاڻي اچڻ جي اميد ئي ناهي، زمينون ويران ٿيل آهن، پاڻي اچڻ جو ڪوبه آسرو ڪونهي تڏهن هاري هر نٿو ڪاهي.
کٽي ڪپڙن جا داغ چُٽا نٿو لاهي جو پاڻي ناهي، لٽا ميرا پيا آهن انهيءَ ڪري ڌوئي نٿو.
مٽ سڪو پيو آهي انهيءَ ۾ به پاڻي ڪونهي جو کڻي پئجي ته اڃ لهي. ائين خالي مٽ ڏسڻ سان اڃ نٿي لهي.
(5)
نوڪر بيهي نٿو،
مهمان ويهي نٿو،
ووٽر نه ڏئي ووٽ.
سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
جواب: قدر ناهي.
نوڪر انهيءَ ڪري پگهار تي بيهي نٿو جو ان جو معاوضو ان کي پورو نٿو ملي ۽ مالڪ وٽ عزت ۽ قدر نه اٿس تنهن ڪري نوڪريءَ ۾ نٿو بيهي.
مهمان ميزبان وٽ ويهي نٿو جو مهمان جو ميزبان وٽ قدر ناهي، تنهن ڪري وڃڻ وايون پيو ڪري ۽ ويهي نٿو.
ووٽر انهيءَ ڪري ووٽ نٿو ڏئي جو هڪ ته اسيمبلي پورو ٽائيم نه ٿي هلي ٻيو ووٽ ڏني کان پوءِ ووٽر جي اميدوار وٽ عزت ۽ قدر ناهي، تنهن ڪري ووٽ نٿو ڏئي.
(6)
هاري فصل لڻي نٿو،
گراهڪ گهڙو کڻي نٿو،
شاگرد وڃي نه اسڪول.
سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
جواب: پڪو ناهي.
هاري فصل لڻي نٿو جو فصل اڃان ڪچو آهي پچي تيار نه ٿيو آهي تنهن ڪري فصل لڻي نٿو يا لابارو وجهي نٿو.
گراهڪ انهيءَ ڪري گهڙو يا دلو نٿو کڻي جو گهڙو ڪچو رهجي ويو آهي پڪل ناهي.
شاگرد اسڪول نٿو وڃي جو سبق ڪچو اٿس ۽ دماغ جو ڪچو آهي سبق پڪو نه اٿس تنهن ڪري اسڪول نٿو وڃي.
(7)
مريض دوا نه کائي،
ڳائڻو راڳ نه ڳائي،
گهوٽ نه لائي ميندي.
سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
جواب: ٽائيم ناهي.
مريض دوا نٿو کائي اڃان دوا کائڻ جو ٽائيم نه ٿيو اٿس، تنهنڪري دوا نٿو کائي.
ڳائڻو راڳ نه ٿو ڪري جو راڳڻيءَ جو ٽائيم نه ٿيو آهي، تنهن ڪري نٿو ڳائي.
گهوٽ ميندي نه ٿو هڻي جو سونئڻ ساٺ جو ٽائيم نه ٿيو آهي تنهن ڪري ميندي نٿو لائي.
(8)
باهه ڇو ٻري نٿي،
مينهن ڦر ڪري نٿي،
يار ٽپي نه در.
سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
جواب: لڳي ناهي.
باهه ٻري نٿي جو اڃان لڳي (دُکي) ٻري ناهي.
مينهن ڦر نٿي ڄڻي اڃان لڳي يا سائي ٿي ناهي.
يار ان ڪري در نه ٿو ٽپي جو هن جي صحيح معنى ۾ دل لڳي ناهي.
ڳجهارتون
(سر مومل راڻو)
(1)
ڏيڻي: لوهه جي نالو ڏسي تڏهن ٻولي نالو هيس.
ڀڃڻي: لوهه جي = جوڙي، نالو= سيتل، ٻولي= واپس، نالو= آيو.
سڄي: جوڙي ستل ڏسي، تڏهن واپس آيو هيس.
(2)
ڏيڻي: ڪپڙي جي ڏٺي هيئي ته ڪپڙي جو ڪرين ها.
پوءِ تون نالو هئين نالا.
ڀڃڻي: ڪپڙي جي= ٻُٽ، ڪپڙي جو= ٽڪر، نالو= سورهه، نالو= راڻو.
سڄي: ٻٽ ڏٺي هيئي ته ٽُڪر ڪرين ها پوءِ تون سورهه هئين راڻا.
مددي ڪتاب:
لاتيون سڻ لقمان جون، مرتب: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم، 1995ع.
محمد لقمان کوکر سان ڪچهري.