لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪچهريءَ جا مور

هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book ڪچهريءَ جا مور

17) عاجز رحمت الله لاشاري

عاجز رحمت الله گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. هڪ ئي وقت هو مذهبي عالم، نعت خوان، مولودي قاري، عالم، صحافي، سگهڙن جو اڳواڻ، مختلف ڪتابن جو ليکڪ، ٽي وي ڪمپيئر ۽ سلجهيل سگهڙ آهي. سندس ڄمار ته ننڍڙي آهي پر هُن ڪم وڏا ڪيا آهن. خاص ڪري سگهڙائپ جي شعبي ۾ تمام ٿورڙي عرصي ۾ هُن گهڻا ۽ معياري ڪم ڪيا آهن.
هو ٻي جنوري 1982ع (22، ذوالحج) تي فقير شاهنواز لاشاريءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندس سڄو نالو مير رحمت الله آهي. هن ست درجا ۽ مدرسي جي تعليم پرائي. 1990ع کان سگهڙائپ جي فن ۾ پير پاتائين سگهڙائپ ۾ سندس استاد محمد ملوڪ عباسي آهي.
هن کي اسڪول ۾ جيڪي استاد مليا انهن ۾ ڪامريڊ غلام قادر ساريو،محمد امين منگي ۽ زبير جکرو اچي وڃن ٿا. هيءُ هڪ روشن خيال مولوي آهي، جنهن جو هڪ سبب سندس استادن جي تربيت به آهي. هونءَ به سنڌي مولانا گهڻي ڀاڱي روشن خيال آهن. هو فرقي پرستيءَ جي خلاف ۽ صوفين واري پيغام تي هلندڙ آهن. ڪجهه سالن کان مٿن ٻاهريان اثر ضرور پيا آهن پر انهن انتها پسنديءَ وارن اثرن کان عاجز ڪوهين ڏور آهي. سندس ديني استاد مولوي محمد صالح لاکو ۽ حافظ محمد بخش چنو آهي.
پاڻ ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز جي بزرگن الله بخش عرف سهڻا سائين ۽ خواجه محمد طاهر عرف محبوب سڄڻ سائينءَ جو مريد به آهي. هيءُ همراهه سگهڙن جي سُکن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو، پنهنجن سينيئر سگهڙن سان گڏ مختلف تنظيمن ۾ رهڻ کان پوءِ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي باني ممبرن ۾ به شامل ٿيو. هينئر ان جو مرڪزي اڳواڻ آهي. ان تنظيم جي پليٽ فارم تان هو سگهڙن لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو. سندس ديني خدمتون به جاري آهن.
هُن صحافت جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو آهي. مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهي ٿو. خاص ڪري روزاني الک ۾ سندس لکيل ڪيترائي ڪالم، مضمون، وغيره ڏاڍا مقبول ٿيا. سگهڙن لاءِ هن هڪ رسالو ”سگهڙ سماچار“ جاري ڪيو، جنهن ۾ سگهڙن جون سرگرميون ۽ سندن لکڻيون ڇاپيون وڃن ٿيون. ماهوار ”لاشار“ جو ايڊيٽر به آهي.
هن مولودن ڳائڻ جي شروعات ننڍي هوندي کان ئي ڪئي، مولودن جا ڪيترائي آڊيو البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا اٿس. مختلف چينل به سندس مولود هلائيندا رهن ٿا.
عاجز رحمت الله شروع ۾”آڪاش“ تخلص به ڪم آندو. سندس مختلف ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي مذهبي ۽ سگهڙائپ واري فن تي لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، سندس ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
رحمت جا خزانا (ست ڀاڱا)
1. رمزون رحمت الله جون (لوڪ ادب شاعري)
2. رنگ رحمت الله جا (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا)
3. مولود ۽ مداحون
4. ديس وسي ديدار اسان جو (ترتيب)
5. فيصلا انصاف جا (ترتيب)
6. آهون احمد حسن جون (ترتيب)
7. سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري (ترتيب)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب عاجز لاءِ لکي ٿو ته: ”سنڌ جو سگهڙ بنيادي طور مذهبي شاعر رهيو آهي. پر هن سگهڙ ۾ اعلى گڻن واريون سڀئي خوبيون سمايل آهن. مذهب سان گڏ ادب، صحافت، خطابت، امامت، تدريس جي ڄاڻ سميت نظم ۽ نثر به سٺي نموني سرجيندڙ آهي. هي سڀئي مڻيا جا موتي ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ملندا آهن.“ (رنگ رحمت الله جا، ص- 129 )
هن نوجوان کي سندس ڪيل ڪم تي 25 کن ايوارڊ، شيلڊون، ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ وغيره ملي چڪا آهن. جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا؛
دولهه دريا خان ايوارڊ 1998ع
استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2000ع
حضرت جلال ايوارڊ 2002ع
قلندر لعل شهباز ايوارڊ 2003ع
رمزون رحمت الله جون ايوارڊ 2003ع
آواز ۽ انداز ايوارڊ 2003ع
لاشار ايوارڊ 2005ع
ميلاد نبيﷺ ايوارڊ 2005ع
عشق رسولﷺ ايوارڊ 2005ع
دعا آهي ته سندس ڪم جي رفتار ۽ معيار جاري رهي ته جيئن خاص ڪري لوڪ ادب جي وڌ ۾ وڌ خدمت ٿي سگهي.
سندس لوڪ شاعريءَ مان چونڊ هتي اوهان لاءِ پيش ڪجي ٿي.

آيو عربي ڄام (مولود)
ٿي ويا جشن ولادت جام،
آيو آيو عربي ڄام.
هن ربيع الاول ۾، هر مسجد محفل ۾،
ٿي جذبا ويا جاري، هر مؤمن جي دل ۾،
لڳا نعرا رسالت عام، آيو آيو عربي ڄام.
هيئن پنهنجي ڪلام اندر، فرمايو آ پرور،
محبوب اسان کي ڏئي، احسان ڪيو ظاهر،
آهيون سڀئي سڄڻ جي سام، آيو آيو عربي ڄام.
آقا جي آمد سان، ٿي هر جا هٻڪاري،
وئي نور سان روشن ٿي، هيءَ دنيا آ ساري،
ويو فڪر مليو آرام، آيو آيو عربي ڄام.
رڳو دائي حليمان يا، امان آمنه لئه ڇو چوان،
ڪائنات ۾ ڪرم ٿيا، ساري عالم لئه ٿو چوان،
آهي هڙني لئه انعام، آيو آيو عربي ڄام.
سائينءَ جي صدقي ۾، ”لاشاري“ لوڪ اندر،
ٿيو سگهڙ ثناگر ۽ هن شاهه جو آ شاعر،
پيو ٺاهي غزل ڪلام،آيو آيو عربي ڄام.

هفتو (مدح)
آهين دوجهان جو تون عربي امام،
اوهان تي ڪروڙين دورد و سلام.
آهي ڏينهن ڇنڇر ڏکن جو ڏٺو،
ڏسان شال تنهنجو مدينو مٺو،
اوهان ڏي اچڻ جي طلب آ تمام.
آيو ڏينهن آچر رهيو انتظار،
ڏيکاري تنهنجو ڏيهه پروردگار،
گذاريان اتي هر گهڙي صبح و شام.
وري سڪ ستايو آ سومر جي ڏينهن،
اکين لڙڪ لاڙي وسايو آ مينهن،
ٻنهي مان اي ٻهڳڻ وهيو جر آ جام.
اڱاري به اُڻ تُڻ اندر ۾ رهي،
آهي حال هيڻو اچان ڪيئن ڪهي،
عطا ڪر اچڻ لئه، ڪو گنج و گدام.
اچي ڏينهن اربع جي قاصد چيو،
وڃان ٿو مديني سنيهو ڪو ڏيو،
مٺي مصطفى سان ڪيان ڇا ڪلام
کڻي قلم ڪاغذ هي خميس تي،
چيو مانس احوال عربيءَ کي ڏي،
ويهان سائي روضي جي ڀر ۾ ٿي سام.
رڳو ”رحمت الله“ نه جمعي جو وار،
مگر منهنجي گذري اتي سڀ ڄمار،
ٿئي جنت البقيع منهنجو مُقام.

ٻارنهن مهينا (مدح)
الائي ڪڏهن ٿا مونتي قرب ٿين،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
جو ساريءَ دنيا کان، شهر آ سٺو،
ڏسان شال ڏوري، مدينو مٺو،
پيا روز ديوانا ديدار ڪن،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
ڏٺو ماهه ”محرم“، لڳي سڪ سبيل،
ڪري منهن مديني، ڪئي مون اپيل،
اکيون سائي روضي کي سامهون ڏسن،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
”صفر“ ۾ صدق سان، گهريم هيءَ دعا،
ڏٺا جيڪي خوابن ۾ منظر هئا،
منهنجا پير پهچي سي گهٽيون گهمن،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
آيو ”رحمت الله“ ”ربيع الاول“،
لڳو ورهه وانگي مونکي هڪڙو پل،
مديني جا طالب جدا ڪيئن جين،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
ائين ئي ڏکن ۾ ڏٺو ”ربيع الثاني“،
هتي مون ٿي سمجهي زهر زندگاني،
مونکي ڪين خوراڪ کاڌا وڻن،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
”جمادي الاول“ ۾ پيا جوش جاڳي،
نه جذبو جهڪو ٿيو رهي طلب ساڳي،
هي تڙپي لڇي پيو منهنجو ساڳيو من،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
آيو ماهه ”جمادي الثاني“ جڏهين،
نئين سر ڪئي مون تکي تار تڏهين،
تون راڻا ٿيءُ راضي ته غمڙا لهن،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
وري مون ”رجب“ ۾ ڪيو روڄ راڙو،
ٻُڌي منهنجون دانهون آيو اوڙو پاڙو،
ادا ڇا ٿيو ٿئي؟ مونکا پيا پڇن،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
شهنشاهه ڏيو شرف ”شعبان“ ۾،
مدينو ڏسان ماهه ”رمضان“ ۾،
”شوال“، ”ذوالقعد“، اوڏانهن اچن،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
گذاريان مڪي ۾ به مان ڪا گهڙي،
اچان پوءِ ”ذوالحج“ ۾ حجڙو پڙهي،
سمورن گناهن جون معافيون ملن،
اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.

مناقبو
(حضور علي مشڪل ڪشا ﷦ جي شان ۾)
اڄ هڻبا نعرا حيدر جا،
نعري هڻڻ سان بيشڪ ٿيندا،
بلند اسان جا هي درجا.
جنهن جي ٻچن ميدان ملهايو،
سرڙا ڏئي اسلام بچايو،
ڪفرڪنبائي حشمت سان جنهن،
ٽوڙيا قلعا هئا خيبر جا.
آهي ٻنهي حسنين جو بابو،
جنهن جي بڻي آ ولادت ڪعبو،
ڇو نه گداگر ٿينداسين پوءِ،
دل سان اسان سڀ هن در جا.
آهي سائين ڪريم جو نياڻو،
مالڪ ڪيو آ راڄن راڻو،
ڳڻ ڳائي پيا ڳائينداسين،
هت خاتون جي شوهر جا.
جن جا اهڙا والد هوندا،
دين تان سي گهر ڇو نه گهوريندا،
شان ڏسي جن صدقا ڪيا هن،
ٻچڙن اڪبر اصغر جا.
محشر ڏينهن ڪندا غمخواري،
اميد آ ”عاجز لاشاري“،
بخشي ڇڏيندا بخشش صدقي،
ڪوجها عمل مون ڪمتر جا.

پنجڪا
(سڀئي چار، ٻيڙا پار)
الله ۽ محمدﷺ جي ڪڍ، اکرن جو اُچار،
تنهن کان پوءِ ملائڪ به تون، سڀئي وڏا سار،
ٻيا وڏا ڪتاب واحد جا هن، گهڻا ڌيان هيءُ ڌار،
۽ تون پهر رات جا به، ڳڻي ڪر شمار.
سڀئي چار، ٻيڙا پار.

پنجئي پياسي رات جا
چور چوي سج لهي اوندهه اَنڌوڪار ٿئي،
چمڙو چوي ڳالهه ٺهي، مور نه چمڪار ٿئي،
عاشق چوي رات رهي، يار جو ديدار ٿئي،
عابد ٻانهون الله جو، ڪڏهن نه بيزار ٿئي،
پئي دعا گهري نه ڏينهن ٿئي، مون سان گڏ ميهار ٿئي،
سهڻيءَ سميت ”عاجز“ آهن پنجئي پياسي رات جا.

رسالو ڳجهارت -1
ڏيڻي: ليکو مهانگو جر جو، ٻولي شهادت،
ٻولي عبادت، نالو نالو پرينءَ جو.
لفظن جي معنيٰ: ليکو= ملهه، جر جو= قطرو، ٻولي= سڪڻ، ٻولي=
اسان، نالو= نظر، نالو=ناز
سڄي:
ڏيڻي: مُلهه مهانگو قطرو، سِڪڻ شهادت،
اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.
(سر ڪلياڻ)
رسالو ڳجهارت -2
ڏيڻي: نالو چائين فقير جي ڪرين، نالن اي نه نالو،
ٻولي ٻولي مرد جي وجهه اڇلي آڳ ۾.
لفظن جي معنيٰ: نالو = صوفي، فقير جي = سَڌ، نالن = صوفين، نالو= صلاح، ٻولي = ڪاٽي، ٻولي= رک، مرد جي = ٽوپي (ڪُلاه)
سڄي:
صوفي چائين سڌ ڪرين، صوفين اي نه صلاح،
ڪاٽي رک ڪلاهه، وجهه اڇلي آڳ ۾.
(ڪل)
رسالو ڳجهارت -3
ڏيڻي: ذات تنهنجي ذات، مٽ نه سمجهان نالي سين،
تون ٻولي ۾ رات، نالو ٻولي سوجهرو.
لفظن جي معنيٰ: ذات= چنڊ، نالو= پرين، ٻولي= اڇو، نالو= سڄڻ، ٻولي= نِت
سڄي:
چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرين سين،
تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.

مام پرولي ”معما“
ويندي، ويندي واٽ سان، ڏٺو شهر اندر مون شورُ،
هڪ نر بيٺو هو نانگ کنيون، هئو شان ڀريو شهزور،
هي ڦڻ کي بيٺو ڦوڪا ڏئي، وڃي ولائت ۾پيو شور،
هاڻي ويهي ڪر ڪو غورُ!!، ته ”عاجز“ الائي ڇا ڏٺو؟
ڀڃڻي: ٽيليفون

مام پرولي -1
نه عرش تي نه فرش تي، هئو جڙيل هڪ جهانُ،
اُن مٿانهين محلات ۾، سوين هئا انسان،
سِيلَ ٿيل هئو سمورو، هيءُ ڏسي ٿيس حيرانُ،
”عاجز“ جي ان ڳالهه تي، هاڻي دل سان ڌريو ڌيان،
پوءِ کولي ٻڌايو خان، ته ڇا منجهان مون ڇا ڏٺو؟
ڀڃڻي: هوائي جهاز

مام پرولي- 2
اوهين ڏسو، اسين ڏسئون، پر نه ڏسي الله،
چوي ”عاجز رحمت الله“ ته ڳولي ڏيو ان ڳوٺ کي،
ڀڃڻي: خواب، الله پاڪ نٿو ڏسي

مام پرولي- 3
اوهين ڪريو، اسين ڪريون، پر نه ڪري الله،
چوي ”عاجز رحمت الله“، ته ڳولي ڏيو ان ڳوٺ کي.
ڀڃڻي: ننڊ- ننڊکان الله پاڪ آهي.