لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪچهريءَ جا مور

هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book ڪچهريءَ جا مور

12) سگهڙ فقير حاجي علي نواز وڳڻ

حاجي صاحب سان منهنجي ڏيٺ ويٺ سندس ڇپيل ڪتاب ”وڳڻ جا ويچار“ وسيلي ٿي. 2006ع ۾ جڏهن اهو ڪتاب ڇپيو ته آغا نور محمد پٺاڻ صاحب ان جي مهورت جو بلو ڪيو. مهورت کان اڳي مون ڏانهن اهو ڪتاب موڪليائين ۽ چيائين ته ان ڪتاب تي تقريب ۾ ڳالهائڻو آهي. مون ڪتاب تي تفصيل سان لکي ڳالهايو. جنهن ۾ سُگهڙائپ جون سڀئي جنسون پنهنجي جوڀن ۾ جرڪندي نظر آيون. مون کيس ڏاڍو داد ڏنو، ان سان گڏ ڪجهه صلاحون به ڏنيم.
ان کان پوءِ حاجي صاحب سان قرب جو رشتو وڌنڌو ويو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. ساڻس سگهڙائپ ۽ سگهڙن جي مسئلن تي ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون، هن سگهڙن جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ تنظيم به ٺاهي آهي،جنهن جو الڳ احوال ڏنو ويو آهي.
هيءُ همراهه سعودي عرب ۾ به رهيو آهي، تنهن ڪري عربي ٻوليءَ کان به واقف آهي. سنڌي، سرائڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي اٿائين. هو پنهنجيءَ شاعريءَ بابت لکي ٿو ته: ”مٺا سائين جيئن ته مون شاعريءَ جي شروعات 73-1972ع ۾ڪئي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب هارين جا هفتا پيو ملهائي، جنهن تي مون لکيو جنهن جو عنوان آهي.
”اڄ ملهايو عيد کان وڌ، هاريو هفتو هيل،
عوام جو اوهان سرچشم سهڻو ساراهيو ادا ڀلي“
ان کانپوءِ 75-1974ع ۾ مون قمبر جيل ۾ به ڪجهه التجائون لکيون، پوءِ ٿورو ماحول تي لکندو رهيس، جيڪو فقير جانڻ چن کي ڏيکاريندو هئس جو سٺو داد ڏيندو هو، ان کانپوءِ 1977ع ۾ سعوديءَ ويس، اتي به ڪجهه عرب سردار جي شان ۾ لکيم جو ان مان ڪجهه به سنڀالي نه سگهيم. پوءِ جڏهن 1989ع ۾ پاڪستان آيس ته ڏکن ۽ محبوب جي جدائيءَ دل ۽ دماغ کي صبر ڪرڻ نه ڏنو ۽ روئڻ مون لاءِ راحت بڻيو، جو ڏک ۽ جدائيءَ جا سهرا لکي ۽ ڳائيندو رهيس پر بغير ڪنهن رهبر جي. پوءِ جڏهن منهنجي قسمت منهنجا پير ڪراچيءَ ۾ کوڙيا، اتي مون کي هم خيال ماڻهو مليا جهڙوڪ سگهڙ ديدار سيال، سگهڙ قمر لاڙڪ، جن سان مون پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اڪثر ملاقاتيون ٿينديون رهيون.
جيئن ته ديدار سيال مون کي قابل سگهڙ نظر آيو اُن جي صحبت ۾ مون سگهڙائپ جا گُر هٿ ڪيا، جنهن تي داد ملندو هيو ۽ پوءِ ديدار سيال هتان ڪراچيءَ مان، لڏي پنهنجي اباڻي ڳوٺ واپس ويو. ۽ مون وٽ سگهڙن جي آمد رفت جاري رهي، جهڙوڪ: محمد ملوڪ عباسي، محمد لقمان کوکر، محمد مٺل جهتيال ۽ محمد ايوب واهوچي جهڙا ڪيترائي ڀلوڙ سگهڙا ايندا رهيا. جيئن ته استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي مون سان گهڻي پريت رهي جن سان گڏجي آءٌ P.T.V. تي پروگرام ڪندو رهيس ۽ اُتي مون کي ڪراچيءَ جو رهائشي سگهڙ محمد اسماعيل پهوڙ مليو، جنهن سان گهڻيون ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ ڪچهرين ۾ هر جاءِ تي سڀ دوست داد ڏيندا رهيا. آءٌ هنن دوستن سگهڙن جي شاعريءَ تي گهڻو ڌيان ڏيندو هئس. (وڳڻ جا ويچار-ص: 5-7)
سگهڙ حاجي علي نواز وڳڻ جي پيدائش 1943ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ رئيس ڪريم ڏني وڳڻ، وارهه ۾ ٿي. سندس پيءُ جو نالو حاجي خان وڳڻ آهي. سندس والد صاحب حاجي خان ڪلهوڙي جي لارين بسن جو ڊرائيور هو، جيڪو اَن جي ڇڙائيءَ واريءَ مشين جو مستري به هو ۽ هارپو به ڪندو هو. سندس پُٽ به ان پيشي سان لاڳاپيل هئا. حاجي علي نواز ڀلو ڀاڳيو به آهي، مال ڍڳي جو شوق به اٿس. اوطاقي مڙس آهي. ڪن ڀُتن ڪمن ڪري ٻه دفعا جيل به ويو. جاين ٺاهڻ جو مستري به آهي. الله سائينءَ کيس سعوديءَ گهرايو، جتي وڏي مستريءَ جي حيثيت ۾ جاين اڏڻ جي ٺيڪيداري مليس. هُن ان مان فائدو وٺي ڪيترن ٻين همراهن کي به سعوديءَ ۾ روزگار ڏياريو. هو 13 سال سعوديءَ ۾ رهيو.
حاجي نصرالله وڳڻ لکي ٿو ته: ”حاجي علي نواز مديني ۾ محمد جيئل شاهه جيلاني مرشد ورتو هو، جنهن حضور ﷺ جي روضي ۾ دعا گهري هئي ته: هن حاجي علي نواز کي هتي رهائجو، سو جڏهن حاجي علي نواز جا ٻار جوان ٿيا ته واپس اچڻ لاءِ ڪو رستو نه پيو مليس پوءِ جڏهن 3 مهينا روز لک صلوات پڙهيائون ۽ پاڪ ڪلام پينگهي ۾ لوڏيائون جو رستو مليو ۽ هتي اچي ويا پر اتان جا ڪمايل پيسا اتي ئي خرچ ڪري خالي هٿين آيا ۽ اچي جيڪب آباد ۾ مزدوري ڪرڻ لڳا جنهن جي خبر سندس مرشد پاڪ سيد محمد جيئل شاهه کي پئي ته پنهنجي گاڏي موڪلي حاجي علي نواز کي پاڻ وٽ گهرائي (2) ڏينهن رهائي پوءِ چار مينهون ٽينڪر تي چاڙهي حاجي علي نواز کي چيائين ته مزدوري نه ڪر هنن جو کير وڪڻي گذر ڪر. انهن مينهن حاجي علي نواز جا سڀ غم لاهي ڇڏيا جو نياڻين پٽن جون شاديون وغيره ڪرائي پوءِ مرشد جي اجازت سان ڪراچيءَ وڃي رهائش ڪيائين.
حاجي علي نواز شاعري 74 /1973ع کان ڪندو هيو پر پوءِ جيئن مديني مان واپس آيو ته الله ۽ رسول جي شان ۾ لکندو ۽ ٻڌائيندو رهيو ۽ چيائين ته هيءَ شاعري مرشد پاڪ جي خاص مهرباني آهي هاڻي به سندس وٽ مرشد پاڪ جا گهڻا ڀيرا آهن ۽ هن وقت هڪ وڏو سگهڙ آهي“
حاجي صاحب هن وقت ڪراچيءَ جي مواڇ ڳوٺ ۾ رهي ٿو، جتي سُگهڙن جي سنگت رچايون ويٺو آهي. هُن کي سگهڙائپ جي فن جي خدمتن عيوض قلندر لعل شهباز ايوارڊ 2011ع ۽ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس سنڌ پاران سرٽيفڪيٽ 2006ع به مليو آهي. سندس ڪجهه بيت ۽ ٽيهه اکري نموني خاطر ڏجي ٿي.

آجيان جو بيت
ڀلي آئين ڀَلا پرين، وڏا وَڙ ڪَري،
اوهان ريءَ عجيب پئي، ڏکي يار سَري،
ساهُه سدا هو سارَ ۾، پئي مونجهي دل مَري،
واٽ تڪيندي وَرِهَه ٿيا، ڪو وانگي ڪين وَري،
اڄ ته ڪيا احسان اَٿو، اڱڻ پير ڀَري،
مانُ اوهان کي مون ڏيان، ڪَٺي ڪُڙمب ڪَري،
ٿي ڏاڍي دل ٺَري، وڳڻ جي وارِث ڏسي.

تڏي جا تونگر
خان اوطاقي کوڙ، ڪي خصلتي کيڪار
ڀَلا خان ڀلوڙ هِن نَوَ لکي نِروار
ايندي کي عزت ڏين، تن جا ننڍڙا ٻار
کير مکڻ سان ماکيون به، وانجن ڪن وينجهار
مايون به تن مُهانڊن جُون، ڌڻ کان ناهن ڌار
رِليون، وهاڻا، چادريون، ٿيون سَرس سِبَن سينگار
موڪلينديون مهمان ڏي نه مِلي جيئن مَيار
ميرن وٽان محبت جا، ٿا ملن خُلق خرار
جي ميڙ آئي تن مان ۾، ته بخشيندا هِن يار
تن پرين لکين پار، وڳڻ واکاڻي ڪيترا

ڳجهارت
ڏيڻي: نالا مالَ جا پکي، ٻولي، ڪاٺ جي، مالَ جن
نالا= وارث، مال جا= وَڳ، پکي= وهيا، ٻولي= آءُ، ڪاٺ جي= ڪِلي، مال جن = بَرَن (ڇيلن)
ڀڃڻي: وارِث وڳ وَيا آءٌ اڪيلي بَرن ،

ٽيهه اکري
(الف)
اَحمد آيو آهي، اسان ڏانهن عظيم
ثنا جنهن سَرور جي، آهي مُلڪن مَنجهه مُقيم
مُڪو آ محبوب کي رب، ڪري پاڻ ڪَريم
مِٺو آهي ميم، مالڪ کي محبوب جو
(ب)
بادشاهي بخشش جي، آ ملي مُرسل مِير
عالم کي آ آسرو، مَٿي مُحبَ مُنير
جو ساٿي آهي سفر ۾، سو ساڻي ٿيندو سِير
قادر رب قدير، مُڪو آ وارث ويجهڙو
(ت)
ترس ڪيو آهي، راحم رب جبار
مير مُڪائين ڪارڻي، اڙين جو آڌار
سڀ ڏنائين سيّد کي، ڪندا قُرب ڪنڌار
ٿيندا ٻيڙا پار، ڪرم ساڻ ڪريم جي
(ث)
ثناء ثابت آ سرور جي، ڏسو مَنجهه جهان
خالق خلقي خوبرو هِن ڏنا مُحب مَهان
واهه کلي آوڳڻ چئي، ڪيو ڪين گُمان
آهن وڏا احسان، آندا عَرب اُمت لئه
(ج)
جُملي آ جلوو نبيءَ نادَر نور جو
عرش ڀي سايو پِيو گُهري، سهڻي پاڪ حضور جو
حورون ملڪ آ سلسلو هن ذات جي ظهور جو
تونگر هن طهور جو، آ مٽ نه ڪو مولا ڪيو
(ح)
حبيبن ڳالهه ڪيان مان، ڇا خدا جي پيار جي
صفت آ صاحب ڪئي تنهن، نور جي انوار جي
قُرآن ۾ تعريف آهي، تنهن مِٺي مَنٺار جي
جنت ڀي آهي يار جي، مالڪ سندي مُحبن بِلي
(خ)
خُدائي آ خزانو مير مُرسل کي مليو
سونهن سوڀيا جو مليو، صاحب کي آهي سلسلو
سهڻي سيد جي صاحبيءَ سان، پار پوندو قافلو
بلڪل اسان جو ڀرجهلو، محبوب آهي مصطفىﷺ
(د)
داتا جو آ دلبر، سونهن ۾ سڀ کان مٿي
حُسن تنهن حاڪم سوا، سهڻو نه ڪو به ڏسندو ڪٿي
مُرڪ محبوبن پيو ماڻهو، شام جون ماڙيون ڏسي
مخلوق پئي مالڪ پسي، معراج ۾ ويجهو ڪري.
(ذ)
ذِڪر آهي زور جو، قادر آهي ڪيو
محمدﷺ کي مخلوق ۾ آ سهڻو رب ڪيو
سوئي ڄاڻي سڄڻ کي، جنهن سان گڏ رهيو
جو عرشن منجهه ٺهيو، اهو علم آهي الله کي
(ر)
رحمت آهي رب جي، اسان تي اظهار
مِٺو مِير محمد ﷺ، آهي اڙين جو آڌار
ايندو ڏينهن قيام، هُو شافي شفادار
ٿيندو قلب قرار، سيّد آئي سوڙهه ۾
(ز)
زور ضامن ضعيفن جو، پنهنجي اُمت ڏي ايندو
ڏسي حال حبيب، واپس نه ويندو
قطاري ڪمزورن کي، ساڻ وٺي ويندو
هوندو سائين هوندو، جانب گڏ جنت ۾
(س)
سزا جو خوف اصل، ڪيو انسان
سچا سّيد سان ٿيو، ساڻ صِدق ايمان
شيطانن جي شر جا، مَٽيو سڀ عنوان
ڪس لڳندوَ ڪانه، سلهاڙيو پاڻ سيّد سان
(ش)
شرارت ڇڏي شيطان جي، تون جلد نبيءَ ڏي وَرُ
ٻيا سڀ دَر سُڃا ٿي، وٺ دولت وارو دَرُ
جي کوٽي ٿئيس خان سان، ويندئي ڀائو ڀلي ڀَرُ
چريو ٿي نه چَرُ، گندا گاهه گناهه جا.
(ص)
صدوري صادق ٿي وٺ، سون سُڃاڻي سَچ
قرض ڏيڻ جي قهر کان، ڪو اڳيان هَلي بچ
سودو ٿئي اڄ سستڙو، ڳاڻو تولئه ڳچ
نفعو پائي نچ، وارث وٽان وڳڻ چئي
(ض)
ضعيفن جو ضامن، اچي ٿيندو عربي اُتي
جتي نه واهي واهرو، جو ڪري ماڙ مَٿي
عاجزن ڏانهن اچڻ جي، ڇڏي آ ڪامل ڳالهه ڪَٿي
هِتي توڙي هُتي، آهي احمد ﷺ آسرو
(ط)
طاقتون سڀ اُتي پريشان هونديون پاڻ
ساٿي سنگتي سوڙهه ۾، ڪندو ڪونه سُڃاڻ
اڻ سڏئي ايندو عربي اُتي، آ واحد ڪئي واکاڻ
تون دِل تنهن ڏي تاڻ، آ جنت جنهن جانب جي
(ظ)
ظاهر ذات ظهور آ... نبيءَ ﷺ جي نشان
الله جنهن لاءِ آ چيو، آڻيو مَٿس ايمان
اهڙي ڏات عجب جي، آ خالق ڏِني خان
مڙيئي مُسلمان، ٿيا آهيون مڃيندي محبوب جي
(ع)
عزت اسان جي آهي ڪئي رب گهڻي
مڙني مخلوقن کان مٿي ٿا ويهون هام هڻي
ڏنو آهي الله ڪري، پنهنجو دوست ڌڻي
جتي وانگي نه ڪو وڻي، اُتي ايندو عربي اُمت ڏي
(غ)
غافل هوندا گُم، جن ڪئي ڀلائيءَ کان ڀُل
نبيءَ ڏانهن نِروار ٿي، جڏهن آيا نبي ڪُل
مڙيئي اچي محمدﷺ کي، گهور پائيندا گُل
ڏِسبا شان شُغل، محشر ۾ محبوب جا
(ف)
فِڪر ناهي ڪوبه آهي راز خدائي زور
جي راضي ڪرين رب کي، ته گهر ٻچا سِر گهور
نبيﷺ جو نروار ٿِي تورَ دُرود نه تَور
سڀ ڪجهه سيّد ڏي سور، عربي ڇڏائيندءِ آزار کان
(ق)
قريب ٿي قريب ٿيا، ڪندئي قِياس قريب
ڪر قرب قريب سان، ته ڪرئي رب قريب
بنا ڪرم ڪريم جي، نه ڪو ڪندئي ڪرم قريب
کٽئي شال نصيب، جو سُرين يار سيّد ڏي
(ڪ)
ڪمائي تنهنجي ٻي ڪا به ڪم جي ناهي
هلي آ حبيب جو ڪس قلب لاهي
سڄڻ مليو هي سون ٿي، وڃ ڪوڙ ڏي نه ڪاهي
اچ پوک هيءَ ڏِس راهي، جا سنگ ڪڍي ٿي سڦرا.
(ل)
لُڏندين ڪينڪي، جي سڄڻ سُڃاڻي
مالڪ جو محبوب، ٿيندئي ساٿي سُڀاڻي
قادر رب قبر ۾، ٿو هر هڪ کي آڻي
اڻ پڙهه اَڻ ڄاڻي تي رڳو هوندو رحم رسول ﷺ جو
(م)
مذاق ٿو هِتڙي ڪري گهڻي شيطان
سُتت ڇڏ سُڃئي کي، ميڙي ويندئي مان
سنجهي آءُ سڄڻ ڏي، ته خان سڏني خانُ
هتي ڇا احسان، ڏسجان قُرب قبر ۾
(ن)
نخرا ڇڏي نَود جا اچ هلي هوت حبيب
طلب رڳو تونگر جي، ڏس پوءِ محب مجيب
تات تنهنجي آ طاهر کي، رو نه رات رقيب
کُليا ٿي نصيب، شل وٺين چوڻ وڳڻ جو
(و)
وسارج ڪينڪي، جو ڪم چوانءِ ٿو هيءُ
شيرين شڪر ٿي شاهه وٽ، رڳو پس پرين پو پيءُ
ڇڏ موڳائي محل ٿي، آ جانب وٽ جي جيءُ
سوڙهي نه ٿيندئي سيءُ، جي رهبر ماڻين روح سان
(هه)
هيٺائين هل يار، ڪر نفس نوائي
جو مال ميڙيو ٿي مڪر سان، سو سار صبح سائي
ساهه نه لهندين سڄڻين، ڇڏ ڪوڙن ڪمائي
هي طعام نه ڇڏ ڀائي، جو مولا مُڪو آ محبوب سان
(ل)
لذتون لهندين لوڪ ۾، ٿيندئي قبر به روشن يار
مالڪ جي محبوب جا، تون پُڇ نه ڪنهن کان پار
سنڀالون هِن سيّد کي، گهڻيون تنهنجون بارو بار
جي هِت هٿ نه ڪيئي هٿيار، ته قبر ڪندئي ڪينرو
(ء)
ايئن نه ڪجان اَصُلي، جيئن مسڪيني مار ملي
وٺي ساٿ سيّد جو، ٿي بحري باز بِلي
ووڙي لهو وَريام کي، ڳلين ڳوٺ ڳلي
اُنهيءَ چست چِلي، اڳيان اڙبين ڪَينڪي
(ي)
يقيناً يار تون هيءَ ڏسندين ڳالهه ڳڻي
پرچائي وجهندين پرين کي، جو اڳيان بار کڻي
محبوب کي مهر ٿي ڏني رب مَڻي
جيڪو جو به کڻي، وڳڻ سو ملي ٿو محبوب سان

مددي ڪتاب:
وڳڻ جا ويچار، حاجي علي نواز وڳڻ، 2006ع
حاجي علي نواز سان مختلف وقتن تي ڪچهريون.