40) دُلو فقير ڀٽي
سندس ڪتاب ”گُنيءَ جا گُن“ ۾ فقير عبدالرحمٰن مهيسر سندس تعارف تفصيل سان ڏنو آهي، جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو؛
”دُلو فقير ولد مرحوم نياز فقير ڀٽي ويٺل ڳوٺ نياز فقير ڀٽي تعلقي گمبٽ ۾ 1970 ڌاري جنم ورتو. ابتدائي ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ هادي بخش فقير وٽ قرآن پاڪ ناظران پڙهيو. سنڌي پرائمري پنج درجا مڊل اسڪول سوني ڀٽيءَ ۾ پڙهيو، وڌيڪ غربت جي ڪري پڙهي ڪونه سگهيو ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪرڻ شروع ڪيائين.
سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم ضلع خيرپور طرفان بهترين سگهڙ جو سچل سرمست ايوارڊ 2004ع ۾ حاصل ڪيائين.
دُلي فقير ڀٽيءَ جو روحاني رشتو پير سيد نالي چڱي شاهه جيلاني (گمبٽ) وارن جي خاندان سان ابي ڏاڏي کان وٺي وابسته رهيو آهي.
سگهڙ دُلي فقير کي پنهنجي ٻني ٻارا آهن ۽ پاڻ محنت ڪري هارپو به ڪندو رهي ٿو. اُن سان گڏ پنج ست مينهون جوڙو ڏاندن جو ڪجهه ڳائو ٻاڪرو مال به رکيو اچي. ڀائرن جي پاڻ ۾ محبت آهي رب ڪريم کين اِها محبت دائم قائم رهائي.
دُلي فقير ڀٽيءَ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ هر سگهڙ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي داد حاصل ڪندو رهي ٿو. وڏن سگهڙن، سياڻن، سالڪن سان سندس ڪچهريون رهيون آهن. اميد ته اڃان به سندس نالو روشن ٿيندو ۽ پنهنجيءَ اوطاق تي هر سال تمام وڏي سگهڙن جي ڪچهري ڪرائيندو رهي ٿو.
پهريائين پنهنجي والد مرحوم کان ڏور ڳجهارت جي ڪچهري هٿ ڪيائين پوءِ سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جي صحبت ۾ ذوق وڌايو اٿس ۽ سگهڙ پائيءَ جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس ۽ وڌيڪ فن تي لکندو رهي ٿو. سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جي صحبت ۾ وڌيڪ لوڪ ادب جو پانڌيئڙو بڻيو آهي.
سگهڙ دُلي فقير ڀٽيءَ پنهنجي صلاحيتن کي ڪم آڻيندي لوڪ ادب جي شاعري طبع آزمائي ڪري پاڻ مڃرايو آهي. خصوصاً ڏور، سينگار، ڏٺ پرولي، ڳجهارت،مهل موقعي جا بيت، هدايت ۽ نصيحت جا بيت، وغيره چيا آهن.“
هو سنڌ ۾ ٿيندڙ ننڍين توڙي وڏين ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو رهندو آهي. ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هيٺ سندس پرولي ۽ آجيان جو بيت ڏجي ٿو:
پرولي
ڏيڻي: هر هنڌ هر جاءِ تي، ٻُڌائي خبر چارَ
ٺاهڻ واري ٺاهي ڇڏيو، ٻُڌ سارا سماچار
ڪن پيا ڪروڙين تنهن سان، پنهنجا پراوا پيار
دُلا هن دنيا ۾، ڪري ٿو باتيون بيشمار
ڪي عاقل عقلدار، ڏاها ڳولين هن ڏٺ کي
ڀڃڻي: ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان رب ستارَ
ريڊيي کي راڄ ٿا سندس ڪرائين سينگار
جهنگ جهر ۾، کنيو وتن ڌڻن جا ڌنارَ
سَيلَ تنهنجو ساهه آهن، ڪري پيو جبلن ۾ جهونگار
بجليءَ تي به ٻوليون ٻُڌ، پري پري جي پچار
اهي پورا ڏنم پار يا اڃا دل سان دؤڙايان
بيت
(1)
ڀلي آئين ڀلا پرين ڪامل قرب ڪري
ويهي ڪا ورونهن ڪر پلڪ ٿي نه پري
سدائين شل سهڻا، پيو اهڙو واءُ وري
ٿي ساعت ڪونه سَري، تو دلبر سواءِ دُلو چئي
(2)
آڪڙ ڇڏ اجائي، وائي سڀ وسار
ته قادر توتي ڪري، صاحب جي سرڪار
دوئي ڪڍي دُلو چئي، من پنهنجي کي مار
ڌاڳا اهڙا ڌار، جو پهرين پتڻ پار ٿئين