49) الله بخش سامت الله بخش ولد فقير محمد ذات سامت 1961ع ۾ ڳوٺ ٿرڙي لڳ مير پور ٻرڙي تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. پرائمري پنج درجا ميرپور ٻرڙي مان پاس ڪيائين. سگهڙائپ جو فن 1981ع کان شروع ڪيائين، جنهن جي سکيا استاد بهار علي بهار ٻرڙي کان ورتائين. [b]سر سامونڊي[/b] اڀيون سارين وڻجاريون ورن لئه سامونڊي ساري، تڙپي ڳوڙها ڳچ ڳارين سج اڀرندي سور کڻي، مٿي تڙ تنوارين ورن ريءَ ولهيون ٿي، موٽي گهر گهارين شل والي وارين، سامونڊي ”سامت“ چئي