3. مهيسر جي مام (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)
ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. بلوچ صاحب لکي ٿو ته؛ ” هر سگهڙ جي ڪلام ۾ ڪانه ڪا خوبي آهي پر ٻوليءَ ۽ بيان جي سُهڻائي، جنهن سان ڪلام شاعريءَ واريءَ منزل تي پهچي ٿو، سا سگهڙ عبدالرحمن مهيسر جي ڪلام ۾ آهي.“
بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو ته؛
”مهيسر جي مام سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جي شاعريءَ ۽ سگهڙ پائيءَ جو هڪ مثالي مجموعو آهي، جنهن کي ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته سنڌ جي سگهڙ پائيءَ جو معيار نهايت ئي بلند ٿيو آهي.“
ڪو وقت هوجو ڳوٺن ۾ ماڻهو ”ڏورن ڳجهارتن وارا“ يا ”بيتائي“ سڏبا هئا پر ”سگهڙن“ جي نالي مشهور نه ٿيا هئا. ميلن جي موقعي تي پَٽ تي پوتيون وڇائي ڏورن، ڳجهارتن يا نڙن بيتن جون رهاڻيون ڪندا هئا پر ڪنهن سهڻيءَ سٽاءَ واريءَ ”سگهڙن جي ڪچهري“ جو اڃا نالو ئي ڪونه هو. جيئن ته راقم سنڌي لوڪ ادب سهيڙڻ جي ذميداري قبول ڪئي هئي، انهيءَ ڪري ضروري سمجهيو ويو ته اهي سگهڙ جن سنڌي لوڪ ادب جو ذخيرو پنهنجن سينن ۾ سانڍيو آهي تن سان نه رڳو ملجي پر انهن جو مانُ شانُ وڌائجي ۽ پڙهيلن جي دنيا ۾ انهن جو مُنهن مٿانهون ڪجي. 1955ع کان وٺي انهيءَ مقصد خاطر سڄيءَ سنڌ ۾سُگهڙن کي ڳولي ڏسڻ ۽ باقاعدگيءَ سان ”سگهڙن جون ڪچهريون“ قائم ڪرڻ منهنجو هڪ محبوب مشغلو بڻجي ويو.“ (ص:07)
ڪتاب جو مقدمو امان الله مهيسر لکيو آهي، جنهن ۾ هن عبدالرحمٰن جي زندگيءَ جو احوال ۽ لوڪ شاعريءَ تي تفصيل سان لکيو آهي.
ان کانسواءِ ضلعي خيرپور جي تعليمي ماهر سيد ضياءَ الدين شاهه به سگهڙ عبدالرحمٰن بابت ٻه اکر لکيا آهن.
ڪتاب ۾حمد ۽ ساراهه، نصيحت، ڪچهري، سڪ سوز، مهل موقعي جابيت ۽ ڪافيون وغيره شامل آهن، هُن پنهنجي مرشد سائين راشد روضي ڌڻيءَ جي ساراهه کان سواءِ سائين غوث علي شاهه ۽ ٻين کي به واکاڻيو آهي. هيٺ ڪتاب مان چونڊ ڏجي ٿي؛
مرشد جي ساراهه
(1)
منهنجو مرشد محمد راشد سائين رهبر روضي وارو،
روءِ زمين تي روشن، آهي چوڏس جيان چوڌارو،
مشهور ساري ملڪ ۾، هر هنڌ آهِه هاڪارو،
قادري سلسلو قائم، ڪيَئين سنسار ۾ سارو،
وٺائي واٽ وِلهين کي، چڱو سُهڻي ڏسيو چارو،
اچي عبدالرحمٰن چئي، ڏسو سيد پير سوڀارو،
ته مڙيئي منَ مونجهارو، هڪ لحظي منجهه لهي وڃي.
(2)
لحظي منجهه لاهي ٿو، مونجهه پارس منهنجو پيرُ،
توڪل تڪيو رب تي، سچو سندس سيرُ،
ڏسڻ سان ٿو ڏک وڃي، ٿئي ساهه سڌيرُ،
لکين مريد لعلڻ جا، تن جي واهر ڪري ويرُ،
مِٺڙو مُحب منيرُ، اچي ڪامل ڏسو ڪِنگريءَ ۾.
(3)
ڪامل ڏسو ڪنگريءَ ۾ آهي پير پاڳارو،
مريدي جنهن جي مُلڪن ۾، آ هند سنڌ نعرو،
دلبر جي درگاهه تي آهي نوري نظارو،
جامعه راشديه جڳ ۾ عالم اظهارو،
ديني درسگاهه هلي ٿو سالن کان سارو.
هر هنڌ جاءِ تي اٿس نالو نروارو
مفتي مولوي حافظ هزارين ڇا ڪري شاعري شمارو،
سي پاس ٿي پار پهتا، ويا ياد پڙهي يارو،
دعائون تن کي دانَهُه ڏئي پيو، مرشد موچارو،
ڪونه ڏسندين ڪٿهين اهڙو ڪامل قرارو،
هتي هُتي هر جاءِ تي، آهي سيد سَهارو،
مُنهنجو پارس پاڳارو، مُلڪن ۾ مشهور آ.
(4)
مُلڪن ۾ مشهور ڏسو، سائين شاهه مردان شاهه ثاني،
فائق ڌڻي فيض جو لعلڻ لاثاني،
مُلڪَ مهيسر چوي ڏيهه سندس ڏاني،
هميشھ هتي هلي پئي، خوب لنگر خاني،
اَهڙو، جلوبدارُ جاني، سيّد سهڻو سنڌ ۾.
(5)
سيد سهڻو سنڌ ۾ مشهور آهي مُلڪن،
هيرا موتي هزارين تنهن جي چُغي تي چلڪن،
ڪلنگي تاج ڪامل پائي، ته عاشق عيدون ڪن،
ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ پاڳارا، لات پيا لنون،
پنهنجي پير مرشد سان ايڏي محبت مريدن،
محڪم شريعت مُحمدي تي پورا رهي ته رهن،
ساز ۽ سُرودَ جي ويجهو نا وڃن،
عبادت ڪن الله جي، پيا پنجئي وقت پڙهن،
خوف خدائي مَنَ ۾ رات ڏينهن رکن
تهجد جي تياريءَ لاءِ، آڌيءَ وري اُٿن،
لاالھ الالله هردم هنئين سان هنڍائن،
ذڪر ڪن ذوق سان هاديءَ جي حڪمن،
انهيءَ جو عبدالرحمٰن چئي، آهي فڪر فقيرن
مرشد پاڻ مِڙن، اڪاريندو احسان سين،
(6)
اُڪاريندو احسان سين، ڪندو هيڻن حمايت،
پار پهچائيندو پڳ ڌڻي، آهي ڪامل ڪرامت
مريدن تي مهيسر چئي، ٿيندي ايڏي عنايت،
پٺي لائي پاڻ هلندو، جانب جماعت،
ميڙي محمد مير جي، سڀئي سلامت،
مالڪ ڏني مدنيءَ کي، آ بيحد بشارت،
سو شافع شفاعت ڪندو، ڏينهن قيام جي.
(7)
ڪندو ڏينهن قيام جي، اڙين جو آڌارُ
ميرُ محمد مصطفى هوندو مالڪ جو مختيارُ،
ڪوئي رهندو ڪو نڪو ، اُتي گدلو گنهگارُ،
پرين وٺي پاڻ هلندو، جتي جنت جو جنسارُ،
ڪلمون جن قرار، سي ڏُک ڏسندا ڪينڪي.
معما
معما ڏٺ پروليءَ جو هڪ سٺو نمونو آهي ڏٺ پروليءَ جو بنياد ڪنهن ڏٺل شيءِ تي ٻڌل هوندو آهي اهڙيءَ طرح معما جو مطلب خيال ۽ ويچار تي ٻڌل هوندو آهي ڏٺ پرولي ٿورن لفظن ۾ سگهڙ ٺاهي ڏيندو ۽ انهيءَ جو جواب به سگهڙ سڌن سولن لفظن ۾ بيان ڪندو.
معما ۾ وڏي فن جي ضرورت آهي. سگهڙ پنهنجي خيال کي معما جي رنگ ۾ ظاهر ڪندو ته ٻيو سگهڙ به انهيءَ کي بيت ۾ معما جو جواب ڏيندو، جنهن جي مراد لڪل هوندي پر معما جو ڏيندڙ ۽ معما کي سڄي ڪري ٻڌائيندڙ ٻئي سمجهندا آهن، انهيءَ ڪري معما، ڏٺ پروليءَ کان وڌيڪ ڏکي آهي، جنهن ۾ گهڻي خيال ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. عبدالرحمٰن هيءُ بيت حفيظ الرحمٰن کي ڏنو جو بيت هيٺ ڏجي ٿو؛
آهي معصومن مرڪ، جيڪي ٻنڌڻن منجهه ٻارَ
شاهي بازار شهر ۾ تون وڃين ٿو وينجهارَ
ياد ڪري يارَ، اُهو آڻجانءِ عبدالرحمٰن چئي.
يعني ته سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر پنهنجي فرزند سگهڙ حفيظ الرحمٰن مهيسر کي معما بيت ۾. ”مکڻ“ وٺي اچڻ لاءِ هيءُ بيت ڏنو. حفيظ الرحمٰن شهر جي بازار ۾ مکڻ جي پڇا ڪئي پر مکڻ سويرو وڪامي ويو هو ۽ مکڻ مان جيڪو گيهه ٿئي ٿو اهو خاص هڪ دڪان تي گهڻو رکيل هو، واپس موٽي پنهنجي والد کي معما جو جواب هيٺينءَ معما جي بيت ۾ جوڙي ڏنائين ته:
باب وڃي بازار ۾ تنهن جو پڇايم پيرو
سو هليو ويو حفيظ چئي، سائين صبح سويرو
ڪاڄ ۾ جيڪو ڪم اچي، ڪري مانُ مٿيرو
هيو تنهن جو دڪان تي ديرو، اُهو چئو ته آڻي ڏيان