پيش لفظ
سفرنامو ڪنهن به ليکڪ جي سفر جو احوال ۽ کيس اُن سفر دوران پيش آيل تجربن ۽ مشاهدن جي اهڙي سچي ڪٿا هوندو آهي، جنهن ذريعي هُو پنهنجي پڙهندڙن کي مختلف ملڪن ۽ ماڳن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، لباس، کاڌن، وٽ واپار، سياسي، سماجي ۽ تعليمي حالتن سميت اُتان جي رهواسين جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ بابت ڄاڻ فراهم ڪندو آهي ۽ اها ڄاڻ ايتري ته دلچسپ ۽ ڀرپور انداز ۾ ڏنل هوندي آهي، جو پڙهندڙ خود پاڻ کي ليکڪ سان گڏ اهي ملڪ ۽ ماڳ اکين سان ڏسندي ۽ گهمندي محسوس ڪندو آهي ۽ اُن مان لڳ ڀڳ اهڙو ئي حظ حاصل ڪندو آهي، جهڙو اُن سفرنامي جي ليکڪ اُن سفر دوران حاصل ڪيو هوندو آهي. مٿي بيان ڪيل راءِ جي روشنيءَ ۾ جي ڏسجي ته الطاف شيخ سنڌي سفرنامي جو واحد ليکڪ آهي، جيڪو پنهنجن سفرنامن ۾ اهڙا جادوئي رنگ ڀري هڪ ڪامياب ۽ وڏي سفرناما نگار جي منصب تي پهتو آهي.
سنڌي سفرنامي جي شروعات بلاشڪ ته مرزا قليچ بيگ جي سفرنامي ’ڏاڙهياري جبل جو سير‘ کان ٿي آهي، پر اڄ ڏيڍ سئو سالن جو طويل سفر طئي ڪرڻ کانپوءِ ’زنجبار جهنگٻار‘ تائين پهچندي سنڌي سفرنامو جنهن نهج تي پهتو آهي، ان کي اهو اوج ۽ عروج بخشڻ وارو فقط الطاف شيخ ئي آهي، جنهن هڪ سئو کان مٿي سفرناما لکي سنڌي سفرنامي کي هڪ مقبول ۽ مضبوط ادبي صنف بڻائي ڇڏيو آهي.
الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سڀاڳو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي نوڪريءَ دوران دنيا جا تقريباَ سمورا ملڪ نه رڳو گهميا آهن، پر انهن بابت سفرناما لکي سنڌي ادب جي جهول ۾ املهه ڪتابن جو اضافو پڻ ڪيو آهي، پاڻ نه رڳو سفرناما لکيا اٿس پر گڏوگڏ ڪيترن ئي نوجوانن جي من ۾ اُهي ملڪ گهمڻ لاءِ اتساهه پڻ پيدا ڪيو آهي، اڄ ڪيترائي نوجوان سندس تقليد ڪندي ۽ کانئس متاثر ٿي، دنيا جا مختلف ملڪ گهمڻ لاءِ نه صرف وڃي رهيا آهن پر انهن ملڪن بابت سفرناما ۽ سفري ڊائريون لکي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جو تت پيش ڪري رهيا آهن، تنهنڪري بنا وڌاءُ جي چئي سگهجي ٿو ته سفرنامي کي سنڌي ادب ۾ جيڪا پذيرائي ۽ مڃتا ملي رهي آهي، ان پٺيان الطاف شيخ جو ئي هٿ آهي. الطاف شيخ جا سفرناما معلومات جو مها ساگر ۽ ڄاڻ جو اهڙو اڻ کٽ خزانو آهن، جنهن ۾ وندر ۽ ورونهن سان گڏ پڙهندڙن لاءِ اُهو سڀ موجود هوندو آهي، جنهن کي پڙهڻ لاءِ سندس ذهن هميشه متلاشي هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو 50 سالن کان وڌيڪ عرصو لکندي گذري وڃڻ باوجود سندس تحريرن ۾ نواڻ ۽ تازگي اڃا به برقرار آهي، جنهنڪري سندس مقبوليت ۾ نه ڪمي آئي آهي، نه وري پري پري تائين اُن ۾ ڪميءَ جو ڪو امڪان نظر اچي ٿو. هو سنڌي سفرنامي جو اهڙو سدا بهار ليکڪ آهي، جنهن جي فن تي ڪڏهن به زوال اچڻو ناهي.
الطاف شيخ پنهنجي ڪم ۽ مستقل مزاجيءَ سبب سنڌي سفرنامي جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. جيتوڻيڪ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن سنڌي سفرنامي جي ميدان ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي پر بحيثيت سفرناما نگار الطاف شيخ جو ڪم هن شعبي ۾ ايڏو وسيع ۽ معياري آهي، جو جڏهن به سنڌي سفرنامي جو ڪٿي ذڪر ٿئي ٿو ته بيساخته هانءَ تي الطاف شيخ جو ئي نالو هُري اچي ٿو، اها سندس فن جي ڪماليت ئي چئجي جو ايڏو عرصو گذرڻ باوجود نه سندس لکڻ جي رفتار ۾ فرق آيو آهي نه وري سندس پڙهندڙن جي تعداد ۾ ڪا ڪمي آئي آهي. هو پنجاهه سال پهرين به گهڻو پڙهيو ويندو هو ۽ اڄ به گهڻو پڙهيو ويندو آهي. هُو ’پنجاهه سال پهرين به بيسٽ سيلر هو، اڄ به بيسٽ سيلر آهي.‘
الطاف شيخ جي سفرنامن جي مقبوليت جا جتي ٻيا ڪيترائي اهم سبب آهن، اُتي هڪ هي سبب به اهم آهي ته، هن سفرناما ڪڏهن به پنهنجي ذات جي تشهير لاءِ نه لکيا آهن. عام طور ٿيندو ائين آهي ته ڪو ماڻهو ڪٿي گهمڻ ويندو آهي ۽ موٽ ۾ ڪا تحرير لکندو آهي ته ان ۾ سندس ذات سِٽَ سِٽَ ۾ پئي نظر ايندي آهي ته مون هي ڪيو يا مان هن اهم شخصيت سان مليس يا مون هي شاپنگ ڪئي يا مون هي ڏٺو وغيره. پر الطاف شيخ وٽ قصو ئي مختلف آهي، هن ڪڏهن به سفرناما پنهنجي ذات جي مشهوري ۽ پذيرائي لاءِ نه لکيا آهن، هن سفرناما صرف پڙهندڙن تائين معلومات جي منتقليءَ لاءِ لکيا آهن، کيس جتي جتي محسوس ٿيو آهي ته هن معلومات مان منهنجي پڙهندڙن کي ڪو فائدو پهچي سگهي ٿو يا هي معلومات اهم آهي ۽ منهنجي پڙهندڙن تائين پهچڻ گهرجي ته هُن اُن کي ترجيح ڏني آهي ۽ پنهنجي ذات کي هميشه پاسي تي رکيو آهي. ان ڪري ئي ماڻهو سندس سفرنامن کي دلچسپي ۽ چاهه سان پڙهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي کين معلوماتي هجڻ سان گڏ پنهنجي دل جي وڌيڪ ويجهو محسوس ٿين ٿا ۽ ڪنهن به ليکڪ جي ڪاميابيءَ جو ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو سرٽيفڪيٽ ٿي ئي نٿو سگهي ته سندس تحريرن کي پڙهندڙ پنهنجي دل جي ويجهو يا پنهنجي جذبن جي ترجماني سمجهن.
الطاف شيخ جي سفرنامن جي پڙهندڙن جو دائرو ٻارن، نوجوانن ۽ ٻُڍن تائين ڦهليل آهي، سندس سفرنامن ۾ هر عمر جي ماڻهن جي دلچسپي ۽ وندر جو ڪونه ڪو پهلو ضرور موجود هوندو آهي. الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ نهايت سليس ۽ سادي ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن لاءِ حيرتن جي جهان جا دروازا ائين هڪ هڪ ڪندو کوليندو ويندو آهي جيئن هڪ ماهر ڪپڙي وارو، نفاست سان رنگين ڪپڙي جا مختلف تاڪيا کوليندو ڏسندڙن کي حيران ڪندو ويندو آهي، کيس جيڪڏهن ڪنهن شهر بابت پڙهندڙن کي سمجهائڻو هوندو آهي يا ڪنهن روڊ رستي بابت پڙهندڙن کي ٻڌائڻو هوندو آهي ته ان کي پنهنجي اباڻي وطن سنڌ جي ڪنهن شهر يا روڊ رستي سان ڀيٽ ڏئي اهڙو سهل ڪري سمجهائيندو آهي جو پڙهندڙن کي اُهو سفر يا روڊ رستو ڪنهن حسين ياد جيان دل تي نقش ٿي ويندو آهي ۽ کين گمان ئي نه ٿيندو آهي ته هو ڪنهن ڌارئي ملڪ جي شهر يا روڊ رستي بابت پڙهي رهيا آهن يا پنهنجي وطن جي ڪنهن شهر يا روڊ رستي بابت پڙهي رهيا آهن.
الطاف شيخ جو پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو عالم به مثالي آهي، هو سفرنامو ڪهڙي به ملڪ جو لکي پر ان ۾ سنڌ جي ماڳن مڪانن، شهرن، جاين، شين ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪندي ضرور نظر ايندو. اهو سڀ هو پنهنجي وطن سان بيمثال محبت سبب ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان هڪ ته ان سفرنامي مان اوپرائپ وارو ماحول ختم ٿي ويندو آهي ٻيو ته پنهنجن ماڳن، مڪانن جو ذڪر هجڻ ڪري پڙهندڙن جي اُن ۾ دلچسپي پڻ وڌي ويندي آهي.
الطاف شيخ جو اوهان جي هٿن ۾ موجود ’زنجبار جهنگٻار‘ نالي هي ڪتاب سندس تنزانيا جو سفرنامو آهي، جيڪو هن منهنجَي ۽ ڀيڻ شيبا منير قمبراڻي (مرحومه) جي اصرار تي تحرير ڪيو آهي. اسان پنهنجي وڏڙن کان ننڍپڻ ۾ جڏهن پنهنجي اصل وطن بابت پڇندا هئاسين ته اُهي ٻڌائيندا هئا ته اسان جا ابا ڏاڏا زنجبار جا هئا ۽ صديون اڳ عربن ملڪن مان ٿيندا سنڌ پهتا هئا. گهڻو پوءِ محمد صديق مسافر جي آتم ڪٿا مان پڻ جڏهن ان ڳالهه جي تصديق ٿي ته اسان جو تجسس تهائين وڌي ويو هو ۽ دل چاهيندي هئي ته سنڌيءَ ۾ ڪو اهڙو ڪتاب موجود هجي جنهن ۾ زنجبار جي باري ۾ تفصيل ملي سگهي پر هميشه ورق گرداني ڪرڻ کان پوءِ مايوسي پلئه پوندي هئي.
08-2007ع ۾ جڏهن ’امرتا پبليڪيشنس‘ ۾ ڪم دوران الطاف شيخ صاحب سان ويجهڙائي جو موقعو مليو ته مون کيس گذارش ڪئي ته اوهان سڄي دنيا جي ملڪن بابت سفرناما لکيا آهن پر زنجبار بابت اڃا تائين ڪجهه نه لکيو آهي جنهن بابت پڙهڻ لاءِ سنڌ ۾ موجود ڪاري نسل جا ماڻهو اشتياق رکن ٿا، پاڻ موٽ ۾ چيائون ته آئون ضرور لکندس پر جيئن ته پاڻ اُن وقت هندستان جو سفرنامو لکي رهيو هو ۽ گڏوگڏ ڪجهه ٻين سفرنامن تي ڪم ڪري رهيو هو، تنهنڪري ’ڳالهه آئي وئي‘ ٿي وئي، وقت گذرندو رهيو. الطاف شيخ صاحب جا مختلف ڪتاب ڇپجندا رهيا. ان دوران منهنجي ساڻس ڪنهن ادبي پروگرام ۾ روبرو ملاقات ٿيندي هئي يا فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ته آئون کيس پنهنجو پراڻو مطالبو ياد ڏياريندو هئس ۽ هو هري هري خاطري ڪرائيندو هو ته هو ضرور لکندو. 2015 يا 2016ع هو جو پاڻ فون تي اطلاع ڏنائون ته پاڻ زنجبار جو سفرنامو لکڻ شروع ڪري ڇڏيو اٿن، ان لاءِ کيس ڪجهه ڪتابن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اُهي مون وٽ موجود هجن ته آئون کيس موڪليان. کيس گهربل ڪتاب مون ۽ ڀيڻ شيبا هٿ ڪري پوسٽ ذريعي موڪلي ڏنا. الطاف شيخ صاحب سفرنامو لکڻ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ اسان پنهنجن ڪمن ڪارين ۾. ان دوران ڀيڻ شيبا به زندگيءَ جي جنگ هارائي راهه رباني ورتي. 2020ع ۾ پاڻ اطلاع ڏنائون ته، ”سفرنامو مڪمل ٿي ويو آهي، ان جي خوشخبري توکي ۽ شيبا کي ڏيڻ ٿو چاهيان.“ مون سندس ٿورا مڃيا ۽ کيس ڀيڻ شيبا جي گذاري وڃڻ جي خبر ٻڌائي، جنهن تي پاڻ افسوس جو اظهار ڪيائين.
بهرحال هن پنهنجو واعدو پورو ڪندي زنجبار جو سفرنامو مڪمل ڪري ورتو آهي، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن سفرنامي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هن جيڪا تحقيق ۽ جاکوڙ ڪئي آهي، اُها قابلِ داد آهي. سندس سفرنامن مان هي سفر نامو ان ڪري به وڌيڪ اهميت ۽ افاديت وارو آهي، جو هن ۾ سفري احوال سان گڏ زنجبار، اسٽون ٽائون، دارالسلام مطلب ته اڄوڪي تنزانيا ۽ ان جي پسگردائيءَ جي تاريخ به ڏنل آهي، هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ صاحب تنزانيا سان لاڳاپيل هر شيءِ جو احوال تفصيل سان ڏنو آهي، هُن جتي غلامن جو ڪاروبار جا تفصيل ۽ سبب ڏنا اُتي ان ڪاروبار ۾ ملوث عماني سلطانن کان وٺي مقامي شيدي سردارن جو پڻ تفصيل ڏنو آهي ۽ اهو پڻ بيان ڪيو آهي ته غلامن جي وڪري واري ڪاروبار ۾ نه رڳو عام شيدين پر پڙهيل لکيل عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف کي به قيد ڪري وڪرو ڪيو ويو ۽ هڪ شهزادي کي غلام بڻايو ويو، جيڪو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پنهنجي منصب تي فائز ٿيڻ وارو هو.
غلامن جي وڪري جي ان ڪاروبار ۾ غلامن سان جيڪي عقوبتون ۽ جٺيون ٿيون، ڪيئن انهن کي Slave Chambers ۾ رکيو ويندو هو، يا کين ڪئين ڦٽڪا هڻي زخمي ڪيو ويندو هو يا سندن چرٻي ڪڍڻ لاءِ کين گرم تيل جي ڪڙهاين مٿان ٽنگيو ويندو هو يا کين پڪڙڻ لاءِ رات جي وڳڙي ۾ سندن گهرن کي باهيون ڏئي سندن ٻچن ٻارن کي دربدر ڪيو ويندو هو، ان جو تفصيل ايڏو ته دردناڪ انداز ۾ الطاف شيخ صاحب بيان ڪيو آهي جو اهو سڀ پڙهندي حساس دل ماڻهوءَ جون اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. ليکڪ پاڻ به اهو سڀ بيان ڪرڻ دوران هر حساس دل ماڻهوءَ وانگر ان تي ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪرڻ کان پاڻ کي بچائي نه سگهيو آهي. هن نه رڳو ان عمل کي بار بار ننديو آهي پر ان ڪاروبار ۾ ملوث زنجبار جي حڪمرانن عماني سلطانن جي ان عمل تي سخت تنقيد پڻ ڪئي آهي. جيڪو عمل سندس انسان دوستيءَ واري پهلوءَ کي واضح ڪري ٿو. هن سفرنامي ۾ غلامن جي ذڪر دوران اهڙا جذباتي منظر به ڏيکاريل آهن، جيڪي هن سفرنامي کي ايرڪ ڪارڊر جي غلامن بابت لکيل ناول ’Slave Ship‘ کان مٿانهون ڪري بيهارين ٿا.
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ صاحب زنجبار مان دنيا جي مختلف ملڪن خاص طور آمريڪا، عمان ۽ برصغير جي مختلف علائقن ڏانهن غلامن جي صورت ۾ وڪرو ڪيل ’شيدين‘ جو پيرائتو احوال ڏنو آهي ۽ گڏوگڏ سنڌ ۾ پهتل غلامن مان محمد صديق مسافر ۽ ان جي والد بلال عرف گلاب ۽ هالا ۽ ٽنڊو قيصر ۾ رهندڙ پنهنجي ڪجهه واقفڪار شيدي مردن ۽ عورتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ان کان علاوه هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ صاحب برصغير جي ماڻهن خاص طور بوهريُن، اسماعيليُن ۽ ميمڻن جي تنزانيا جي مختلف شهرن تائين پهچڻ، اُتي ڪاروبار ڄمائڻ ۽ فلاحي ڪمن ذريعي تنزانيا جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو پڻ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هو اسان کي هن سفرنامي ۾ ٻڌائي ٿو ته ڪيئن خواجن، بوهرين ۽ ميمڻ ڏکيا سفر ڪري ممباسا ۽ دارالسلام پهچي نه رڳو ايمانداري ۽ محنت سان ڪاروبار ۾ نالو ڪڍيو پر هتي تعليمي ادارن ۽ فلاحي اسپتالن جو ڄار وڇائي هن خطي جي رهواسين جي خدمت ڪئي ۽ ان حوالي سان ’آفريڪا کي ڪن ٺاهيو ۽ ڪن ڊاهيو‘ جي عنوان هيٺ آفريڪا کي اڏيندڙن ۽ ان کي تباهه ڪندڙن جو ذڪر ڪيو آهي. هُن هِن سفرنامي ۾ زنجبار تي حڪومت ڪندڙ عماني سلطانن جي ترتيب وار فهرست پڻ ڏني آهي.
الطاف شيخ صاحب جتي غلاميءَ سميت هن خطي ۾ رائج خراب رسمن تي تفصيلي روشني وڌي آهي، اُتي هتان جي سٺين ڳالهين کي پڻ ساراهيو آهي، هُن هتان جي شهرن جي خوبصورتي ۽ ماڻهن جي محنت، سٺي انگريزي ۽ ٻين چڱين ڳالهين جو ذڪر کُلي دل سان ڪيو آهي ۽ اهو اعتراف پڻ ڪيو آهي ته تنزانيا ڪيترين ڳالهين ۾ اسان کان ڪافي بهتر آهي، هن هتان جي آبهوا، ريتن رسمن، هوٽلن، تعليمي ادارن، اسپتالن، گهمڻ وارين جاين سميت سفر جي ذريعن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني آهي ۽ ان پاسي گهمڻ ويندڙ سياحن ۽ جهازين لاءِ ڪارائتيون صلاحون به ڏنيون آهن. شايد ئي ڪو اهڙو پاسو هجي، جيڪو کائنس بيان ڪرڻ کان رهجي ويو هجي.
الطاف شيخ صاحب پڙهندڙن کي وندرائڻ لاءِ ۽ سندس موڊ مٽائڻ لاءِ ’نيڻ توڏي کنيم تون، لهر ٿي وئينءَ‘، ’عرب شهزاديءَ جي ڪهاڻي‘، ’زئنزيبار جي حبشڻ جو اڦراٽو‘، ’هڪ مڇر پهلوانن کي ماري ڇڏيو‘ ۽ ’هڪ سنڌي خوجو ۽ سندس هزار کان مٿي پوٽاڻ ڏهٽاڻ‘ جهڙا دلچسپ عنوانن وارا مضمون پڻ هن سفرنامي ۾ شامل ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن کي خوشگواريت جو احساس ڏين ٿا، هن سفرنامي جي مطالعي مان تو پوي ٿو ته مڪران، گوادر، ٺٽي، بدين توڙي گجرات جي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ سورت ۾ جيڪي شيدي قبيلي جا ماڻهو آباد آهن ۽ هتان جي مقامي ماڻهن سان ملي انهن جي ثقافت اختيار ڪرڻ سبب بلوچي، سنڌي، ڪڇي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا، اهي زنجبار کان غلامن جي صورت ۾ انهن علائقن ۾ پهتا ۽ اُتي ضم ٿي ويا.
الطاف شيخ صاحب ’زنجبار جهنگٻار‘ نالي هي سفرنامو لکي ۽ ان جي ارپنا هالا جي شيدي ڪميونٽيءَ جي لوڪ فنڪارائن آمون، قدم ۽ گلزار جي نالي ڪري سنڌ ۾ رهندڙ شيدي ڪميونٽيءَ کي نه رڳو باضابطا طور ’رڪگنائيز‘ ڪيو آهي، پر اُن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو آهي، آئون سندس ان عمل تي سندس سنڌ ۾ رهندڙ شيدي ڪميونٽيءَ طرفان نه رڳو ٿورائتو آهيان پر اهڙو شاندار سفرنامو لکي تنزانيا جي تاريخ کي سنڌيءَ ۾ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ تي کيس مبارڪباد پڻ پيش ڪريان ٿو.
وفا مولابخش
wafamolabux312@gmail.com
2021-4-10
حيدرآباد