زئنزيبار جو هڪ مشهور بوهري- ڪريمجي جيوانجي
ڪريمجي جيوانجي فئملي وارن جو تنزانيا سان واسطو 150 سال پراڻو آهي. هي انڊيا جا بوهري آهن جن جو اصل ڳوٺ ڪڇ جو هڪ ڪناري وارو شهر “مانڊوي” هو ۽ اڄ به سندن مائٽ مٽ اتي رهن ٿا. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ به ڪيترائي هن ڳوٺ جا بوهري رهن ٿا، جن مان ڪيترا ته پاڪستان ٿيڻ کان به اڳ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيا ۽ “مانڊوي والا” سڏرائين ٿا. هاڻ پاڻ هنن جي ننڍي ٽهي سنڌي نٿي ڳالهائي پر ننڍي هوندي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ کان اڳ جڏهن آئون ڪراچي شپ يارڊ ۾ اپرينٽشپ ڪري رهيو هوس ته ڪيترن پوڙهن بوهرين کي خاص ڪري ”ايورشائين پينٽ“ ٺاهڻ وارن مانڊوي والا مالڪن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌندو هوس.
مانڊوي بندرگاهه واري شهر جا بوهري ننڍا ننڍا واپاري هئا ۽ سندن ڪجهه واسطو کيتي ٻاڙيءَ سان به هو. اوڻهين صديءَ جي شروعات ۾ انڊيا ۾ سخت ڏڪاري حالتون پيدا ٿي پيون ۽ روزگار جي ڏکين حالتن کان بچڻ لاءِ هو ڪمائڻ جون نيون راهون ڳولڻ لڳا. هنن لاءِ هڪ آپشن زئنزيبار ڏي رخ رکڻ هو، جتان کان ٻيڙا انڊيا ايندا رهيا ٿي ۽ هر هڪ جي زبان تي اتي جي خوشحاليءَ جون ڳالهيون هيون.
انهن ڏينهن ۾ ماندوي بندرگاهه انڊيا جي اولهه وارين رياستن گجرات ۽ مهاراشترا جي بندرگاهن پوربندر، سورت ۽ بمبئي سان ڳنڍيل هو. ان کان علاوه اهو بندرگاهه عرب دنيا جي بندرگاهن عدن ۽ مسقط سان ۽ آفريڪي ڪناري جي ڪمرشل بندرگاهن مغديشو، زئنزيبار، ممباسا ۽ ميلنديءَ سان به ڳنڍيل هو. اتان جا ٻيڙا انڊيا آيا ٿي ته انهن پوربندر ۽ سورت سان گڏ ماندويءَ ۾ به لنگر ڪيرايو ٿي.
هن ڪريمجي جيوانجي گهراڻي جو سربراهه “جيوانجي ٻوڌ ڀائي” هو جيڪو 1818ع ۾ زئنزيبار ۾ آيو. انهن ڏينهن ۾ سڄي ڏکڻ ايشيا جا ڪي هڪ هزار ماڻهو -تقريبن سڀ نوجوان، هن ٻيٽ زئنزيبار تي رهيا ٿي. هن بوهري فئمليءَ کي زئنزيبار وڃڻ جو ڪيئن خيال ٿيو. يعني کين اوڏانهن وڃڻ لاءِ ڪنهن رهنمائي ڪئي؟
شروع جي ڏينهن کان بوهرين جو گهڻو واپار هارڊ ويئر ۾ رهيو آهي. اڄ به توهان ڏسندائو ته سنگاپور هجي يا ملائيشيا، پاڪستان هجي يا انڊيا، هارڊ ويئر شاپ هميشه بوهرين کي هلائيندو ڏسندئو. هارڊ ويئر معنى ڪوڪا ڪليون، پانا، پيچ ڪش، درن درين جا ڪنڍا، ڪڙا، ڪلف ۽ رنگ روغن جهڙيون شيون. ڪريمجي ڏاڏي ”ٻوڌ ڀائي نور محمد“ جو به ماندوي شهر ۾ هارڊويئر جو ڪاروبار هو. انهن ڏينهن ۾ ماندوي اهو بندرگاهه هو جنهن جا دنيا سان تعلق وڌي رهيا هئا. زئنزيبار عماني سلطانن جي اثر هيٺ هو جنهن تي پنهنجو ڪنٽرول رکڻ لاءِ هنن پنهنجا نمائندا ۽ آفيسر رکيا هئا. انهن مان هڪ جيرام سيوجي (Jairam Sewji) نالي انڊيا جي مشهور شخصيت پڻ هئي، جنهن کي عماني حاڪمن زئنزيبار جو چيف ڪسٽم ماسٽر ڪري رکيو هو. جئرام جو هندي وڏي سمنڊ جي بندرگاهن ۾ وڏو نالو ۽ ناموس هئي. هو وڏي پئسي وارو هو ۽ طاقتور عهدو هوس. هن جو هر وقت گهمڻ ڦرڻ ۾ وقت گذريو ٿي. هو زئنزيبار کان عدن ويو ٿي جتان هندوستان جي هنن اولهه ڪناري جي بندرگاهن ۾ آيو ٿي. ماندوي اچڻ تي هن هر دفعي هن بوهري دڪاندار ٻوڌ ڀائي نور محمد سان خبرچار ڪئي ٿي ۽ کيس اوڀر آفريڪي ڪناري جي خوشحاليءَ جي ڄاڻ ڏني ٿي ته ممباسا، زئنزيبار، مَلندي ۽ دارالسلام پاسي ڪمائڻ جا ڏينهون ڏينهن سٺا ذريعا پيدا ٿي رهيا آهن. هن ڀيري به ماندوي اچڻ تي جيرام سيوجي ٻوڌ ڀائي بوهريءَ سان مليو ۽ کيس زئنزيبار ۾ واپار جي بهتر حالتن بابت ٻڌايو. نتيجي ۾ ٻوڌ ڀائيءَ پنهنجي پٽ جيوانجيءَ کي زئنزيبار موڪلڻ جو فيصلو ڪيو جيئن هو اتي وڃي کوج لڳائي ته خاندان جي ڪاروبار لاءِ واقعي ڪو موقعو يا آساني آهي يا نه.
هن خاندان (“ڪريمجي” جي خاندان) تي سائوٿ آفريڪا جي يونيورسٽي جي ڪنهن شاگرد پنهنجي راٽرڊم جي ڊچ پروفيسر گسبرٽ جي نظرداريءَ ۾ ٿيسز پڻ لکي آهي جنهن ۾ هُن هن بوهري فئملي جي ٻن صدين 1800ع کان 2000ع تائين جي ڪاروبار جو احوال لکيو آهي. ان کان علاوه ٻين به ڪيترن ليکڪن هن فئملي تي مضمون ۽ ڪتاب لکيا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ ته ڪريمجي فئملي جي احوال کان اسان جا ڪراچيءَ جا بوهرا به چڱي طرح واقف هوندا. آئون به گذريل اڌ صدي کان ايسٽ آفريڪا ۾ رهندڙ هن قسم جي بوهري، آغا خاني، سنڌي هندن ۽ پارسين جون ڳالهيون ٻڌندو ۽ پڙهندو اچان. جيوانجيءَ زئنزيبار پهچي هارڊ ويئر شاپ کوليو ۽ ان سان گڏ هن Jivanjee Buddhaboy & Company نالي هڪ ٽريڊنگ ڪمپني قائم ڪئي، جنهن زئنزيبار کان انڊيا ڏي لونگ ۽ کوپرو (ڏونگهيون) ايڪسپورٽ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ 1825ع تائين آمريڪن ۽ جرمن ڪپڙو امپورٽ شروع ڪري ورتو.
انڊيا کان زئنزيبار جيڪي آيا ٿي اهي هٿين خالي يا معمولي پئسي سان آيا ٿي. هي جيوانجي به پاڻ سان ڪا دولت کڻي نه آيو پر هن جي پيءُ جي جئرام سيوجي سان ڄاڻ هجڻ ڪري هن کي زئنزيبار ۾ گهٽ ۾ گهٽ وڏي اخلاقي سپورٽ هئي ۽ جئرام هن جو واقعي خيال ڪيو ٿي. سو ڪجهه روڪڙ ته ڪجهه اوڌر تي نوجوان جيوانجي پنهنجو ڪاروبار وڌائيندو رهيو.
پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن ڪاروبار ۽ بوهري فئمليءَ جي نه فقط ٻين تعريف ڪئي آهي پر اسان سنڌين جي دلپسند انگريز شخصيت سربارٽل فريئر پڻ تعريف ڪئي آهي، جيڪو ”انگريز راڄ“ ۾ 1851ع کان 1859ع تائين سنڌ جو چيف ڪمشنر ٿي رهيو. هن کي اسان جا ماڻهو بهتر انسان ان ڪري ٿا سمجهن جو هن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بهتريءَ لاءِ وڏي دلچسپي ورتي. سر فريئر (سڄو نالو: Sir Henry Bartle Edward Frere) انگلينڊ ۾ 1815ع ۾ ڄائو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ 1850ع ۾ 36 ورهين جي بارٽل فريئر کي سنڌ جو چيف ڪمشنر ڪري رکيو ويو. هن چارج وٺڻ سان سنڌ جو پوسٽل سسٽم انگلينڊ جهڙو بهتر ۽ سستو قائم ڪيو. هن کان اڳ سنڌ ۾ فارسي ٻولي هلي ٿي. سر فريئر آرڊر ڪڍيو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ٿيندي ... ويندي اهي ڌاريان آفيسر جيڪي انڊيا جي ٻين صوبن کان اچن ٿا اهي ۽ انگريزن کي، سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ جو اهل ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ جو امتحان ڏيڻو پوندو. هن 1853ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ تعليم کاتي جي سربراهيءَ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي برابر تعداد جي ڪاميٽي ٺاهي، جنهن يڪراءِ اهو فيصلو ڏنو ته سنڌي ٻوليءَ جي لکڻي هندي، گرمکي يا بنگالي طرز بدران عربي ۽ فارسي نموني ٺاهي ويندي. سر فريئر نه فقط ان موجب سنڌي ٻولي جي لکڻي ٺهرائي پر ڪتاب به ڇپرايا ۽ سنڌي ليکڪن جي همٿ افزائي ڪئي.
اهوئي سبب آهي جو ٻين ڪيترن انگريزن جون يادگار شيون اسان جي ماڻهن ڊاهي ۽ ضايع ڪري ڇڏيون پر ڪراچيءَ ۾ سر فريئر جي ياد ۾ عوام طرفان 1865ع ۾ ٺهرايل فريئر هال اڄ به سر فريئر جي نالي سان قائم آهي. اهڙي طرح ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ، فريئر اسٽريٽ ۽ فريئر ٽائون آهن. ڪراچي گرامر اسڪول ۾ هڪ هائوس جو نالو “فريئر هائوس” به آهي. آسٽريليا جي ڪئينس لئنڊ جي سڀ کان اتاهين جبل (1622 ميٽر) جو نالو مائونٽ بارٽل فريئر پڻ هن جي ياد ۾ آهي. ويندي ممباسا شهر جي هڪ ضلعي جو نالو فريئر ٽائون آهي.
پڙهندڙ ضرور اهو سوچيندا ته زئنزيبار ۾ ڪريمجي بوهرين جي ڪمپنيءَ سان سر فريئر بارٽل جو ڪهڙو واسطو، جنهن انهن بابت پنهنجين يادگيرين ۾ لکيو آهي. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته انگريز راڄ ۾ نه فقط انڊيا آيو ٿي پر عدن، ملايا (هاڻوڪو ملائيشيا)، سنگاپور، برونائي، ايسٽ آفريڪا (ڪينيا، يوگنڊا وغيره)، سائوٿ آفريڪا، آسٽريليا، ڪئناڊا ۽ نيوزيلينڊ وغيره اچي ويا ٿي. انگلينڊ ۾ ويهي انگريز حاڪم پنهنجن ماڻهن کي مختلف ملڪن ۾ مختلف پوسٽن تي رکندا رهيا ٿي. سر فريئر کي ڏهاڪو کن سال سنڌ جو چيف ڪمشنر رکڻ بعد هن کي بمبئي موڪليو ويو، جتي هن کي ٻه ٽي سال مختلف پوسٽنگ تي رکي ان بعد 1862ع ۾ بمبئي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن پوسٽنگ تي هو 1867ع تائين رهيو. انهن ڏينهن ۾ انگلينڊ جي حاڪم مهاراڻي وڪٽوريا هئي. پوني جو ڊيڪن ڪاليج ۽ سول انجنيئرنگ جو ڪاليج سرفريئر انهن ڏينهن ۾ ٺهرايو هو ۽ ممبئيءَ ۾ جيڪو دادا ڀائي نائوروجي روڊ تي هتاتما چوڪ وٽ فلورا فائونٽين آهي اهو به سر فريئر جي ياد ۾ ٺهرايو ويو. بهرحال سرفريئر 1867ع تائين گورنر رهيو ان بعد هو پنهنجي وطن انگلينڊ روانو ٿي ويو. ان بعد 1872ع ۾ انگلينڊ جي فارين آفيس سر فريئر کي زئنزيبار موڪليو ته اتي جي عماني سلطان برغش بن سعيد کي سمجهائي ته هو غلامن جي وڪري کي بند ڪري. آفريڪا جي مختلف هنڌن تان جيڪي شيدي ڦاسايا ويا ٿي انهن کي زئنزيبار آندو ويو ٿي جتي وڪري لاءِ واڪ لڳو ٿي. اهي غلام- عورتون، مرد، ٻار ترڪي، مصر ۽ انڊيا موڪليا ويا ٿي. هي ڪاروبار عربن ڪيو ٿي. سنڌ فتح ڪرڻ بعد انگريزن 1843ع ۾ غلام رکڻ تي بندش هنئي ۽ سنڌ ۾ جن جن وٽ غلام هئا انهن کي آزاد ڪرڻو پيو. سو ان سلسلي ۾ سر بارٽل فريئر کي ڪجهه سال زئنزيبار ۾ رهڻو پيو، جتان پوءِ هن کي 1877ع ۾ هاءِ ڪمشنر جي پوسٽ تي سائوٿ آفريڪا رکيو ويو. زئنزيبار ۾ رهڻ دوران سر فريئر جي ڪيترن ئي اهم ماڻهن سان ملاقات ٿي ۽ هو ڪريمجي جهڙن بوهري سوداگرن مان بيحد متاثر ٿو ڏسجي جن مختلف شين جي امپورٽ ايڪسپورٽ ڪئي ٿي پر غلامن جي هرگز نه. تڏهن ته سرفريئر سال کن زئنزيبار ۾ رهڻ بعد 1873ع ۾ ڪريمجي وارن لاءِ لکي ٿو ته:
Arriving at his future scene of business with little beyond the credentials of his fellow castemen, after perhaps a brief apprenticeship in some older firms, he starts a shop of his own with goods advanced on credit by some large house, and after a few years, when he has made a little money, generally returns home to marry, to make fresh business connections, and then comes back to Africa to repeat, on a large scale...
گجرات (برٽش انڊيا) جي شهر ماندويءَ مان اتي جي بوهري دڪاندار ٻڌڀائي جو پٽ جيوانجي انهن شروع جي انڊين واپارين مان هو، جيڪي زئنزيبار پهتا هئا. هن کي چار پٽ هئا جن مان وڏو ابراهيم ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويو. ان بعد ٽيون نمبر پٽ پيرڀائي به جلد وفات ڪري ويو. باقي ٻه اسماعيلجي ۽ ننڍو ڪريمجي رهيا. (آفريڪا پاسي رهندڙ بوهري پنهنجي نالي پويان ”جي“ يا ”ڀائي“ به لڳائين ٿا ۽ اهو نالي سان گڏي لکن ٿا، جيئن ته: ڪريمجي، اسماعيلجي، پيرڀائي، جيوانجي وغيره. ان ڪري هتي مون به سندن نالا اهڙي طرح لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڪجهه سالن بعد 1861ع ۾ جڏهن ڪريمجي 35 سالن جو هو ته هنن ڀائرن پنهنجو بزنيس الڳ ڪيو. اسماعيلجي ڪجهه سال پنهنجو اباڻو ڌنڌو هارڊ ويئر جو ڪندو رهيو ان بعد 1880ع ۾ هو زئنزيبار ڇڏي ممباسا لڏي ويو ۽ اتي مختلف ڪاروبار آزمائيندو رهيو. ممباسا ۾ جيڪي بوهري خاندان رهن ٿا انهن ۾ “اسماعيلجي” شروعاتي بوهرين مان هو. نه رڳو هو پاڻ ممباسا ۾ رهي پيو پر سندس اولاد ۽ ان جو اولاد ڪينيا، يوگنڊا، ويندي سيشلز ۽ موريشس ٻيٽن تي ۽ پوءِ واريون ٽهيون انگلينڊ، آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ رهيون. پر هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي آهي ته هي بوهري، سک، هندو يا ٻيا انڊين ڀلي ولائت جي ڪنهن ملڪ ۾ Settle ٿيا پر هنن پنهنجي اصل ڳوٺ يا شهر کي به نه وساريو ۽ هنن پنهنجي حيثيت سارو پنهنجي اصل ڳوٺ جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ اتي ڪا اسپتال، اسڪول، پارڪ ضرور ٺهرايو. پئسو آني جاني شيءِ آهي پر ان کي جيڪو ماڻهن جي ڀلي لاءِ لڳائي ٿو اهو هميشه ياد رهي ٿو جيئن اسان جي ڳوٺ ۾ 1944ع ۾ مخدوم غلام حيدر صاحب انگريزي اسڪول ٺهرايو ته اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو مخدوم خاندان جي عزت ڪن ٿا. ان اسڪول ڪري نه فقط هالا جا ماڻهو پڙهي ويا پر ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻارن به ان مان فيض حاصل ڪيو. منهنجي ڪيترن سنڌي آفيسرن سان ملاقات ٿي هوندي جن ننڍي هوندي اسانجي ڳوٺ ۾ اچي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۽ سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان تعليم حاصل ڪئي هوندي - جيئن ايئر فورس جو هڪ آرٿو پيڊڪ سرجن ايئرڪموڊور (برگيڊيئر) نظام الدين ڏنور ٻڌايو ته هو پير جي ڳوٺ جو رهاڪو آهي پر هو انٽر پڙهڻ لاءِ هالا ۾ رهيو هو.
ممباسا جي هن بوهري بزنيس مئن اسماعيلجيءَ ڪاروبار هلڻ تي پنهنجي ڳوٺ مانڊوي ۾ 1902ع ۾ گرلس اسڪول کوليو. آفريڪا ۾ رهندڙ انڊين جا پنهنجي ملڪ جي شهرن ۾ ڪيترائي خيراتي ادارا آهن پر هن اسڪول لاءِ اهو چيو وڃي ٿو اهو ايشين آفريڪن جو انڊيا ۾ پهريون فلاحي ادارو هو. اڄ ان اسڪول کي 120 سال ٿي ويا آهن ۽ اندازو لڳايو ته هن اسڪول مان ڪيتريون ڇوڪريون پڙهي نڪتيون هونديون. اسان جي شهرن جي مقابلي ۾، خاص ڪري سنڌ جي شهرن جي مقابلي ۾ بارڊر جي ٻئي پاسي ڪڇ، گجرات، راجستان جي شهرن ۾ ڏٺو وڃي ته نه رڳو اسڪولن ۽ اسپتالن جو تعداد تمام وڏو آهي پر سندن معيار پڻ اعليٰ آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ جي دور ۾ يورپ ۽ ولايت جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين امير ماڻهو پنهنجا ٻار ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون انڊيا جي تعليمي ادارن ۾ موڪلين ٿا جنهن بابت آئون پوني، بنارس ۽ ممبئي وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته انڊيا جي ڪاليجن ۽ رهائش لاءِ هاسٽلن جو معيار تمام مٿاهون آهي. تعليم سان گڏ ڊسيپلين به سخت آهي. ڪاليج ۽ يونيورسٽيون باقاعدگي سان هلن ٿيون. ايتري قدر جو انڊيا جي ڪيترن تعليمي ادارن ۾ ايران ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن جا اسٽوڊنٽس زير تعليم آهن جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سندن ملڪن جي تعليم جو معيار به ڪو گهٽ ناهي پر ڪيترن ئي يورپي، آمريڪي ۽ عرب ملڪن ۾ انڊيا جي ڊگري واري کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ولايت ۾ رهندڙ ويندي اسان جا پاڪستاني ڪارخانيدار، هوٽل ۽ جهازن جا مالڪ پنهنجي ملڪ جي گريجوئيٽ کان وڌيڪ انڊين کي ترجيح ڏين ٿا. اهو اسان لاءِ هڪ اهم خاموش نياپو آهي ته اسان پنهنجي تعليم جو معيار بلند ڪيون. وڏي تعداد ۾ گرئجوئيٽ پيدا ڪرڻ سان گڏ هنن کي اعليٰ قسم جي ڄاڻ به ڏيون جيئن دنيا جي فئڪٽرين ۽ اسپتالن ۾ هو اعتماد سان ڪم ڪري سگهن.
پاڻ مانڊوي جي جيوانجي بوهري جي ٻي نمبر پٽ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هو زئنزيبار مان لڏي ممباسا- جيڪو اڄ ڪينيا ملڪ ۾ آهي پر تن ڏينهن ۾ ايسٽ آفريڪا سڏبو هو، ۾ اچي رهيو. سندس ننڍو ڀاءُ ڪريمجي - جنهن جي ”ڪريمجي ڪمپني“ اڄ تائين دنيا ۾ مشهور آهي، اهو زئنزيبار ٻيٽ تي ئي رهي پيو. هن ڪيتريون ئي شيون انڊيا، ايران ۽ عرب ملڪن مان امپورٽ ڪيون ٿي پر خاص شيون اناج ۽ گاسليٽ هو. اليڪٽرسٽي اڃان عام نه ٿي هئي ان ڪري ڪيترن ڪمن ۾ گاسليٽ ڪم آيو ٿي. هيءَ ته 1880ع ۽ 1890ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي پر مون ويندي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ دبئي جي هڪ سنڌي واپاري مورج منگهناڻيءَ وٽ ريفريجريٽر ڏٺو، جيڪو هو عدن مان کڻي آيو هو، اهو گاسليٽ تي هليو ٿي. الائي ڪيئن ٿي هليو؟ مون کي تڏهن معلوم ڪرڻ کتو ٿي. سندس وفات کان ڪجهه سال اڳ منهنجي ساڻس وري ملاقات ٿي هئي پر پڇڻ رهجي ويو. ٿي سگهي ٿو دبئي ۾ هن سان ڪم ڪندڙ اسان جو اديب دوست رام بخشاڻي ان کان واقف هجي. لڳي ٿو ته گاسليٽ تي فرج سان ڳنڍيل جنريٽر هلندو هجي جيڪو فرج ۾ موجود امونيا يا فريان گئس کي ڪمپريسر ذريعي ٿڌو ڪندو هجي. بهرحال گاسليٽ آفريڪا کنڊ جي هڪ اهم ضرورت رهي آهي ۽ اتي جي ڪهاڻين ۾ به اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ماڻهو هر وقت گاسليٽ لاءِ پريشان رهيا ٿي. هو ڇا اسان وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “جنهن جي گهر ۾ ان جا داڻا، ان جا چريا به سياڻا”. سو آفريڪا ۾ به سمجهو ته مڇي ماني وارو اهو سمجهيو ويندو هو جنهن وٽ گهر ۾ گاسليٽ هوندو هو.
”ڪريمجي ڪمپنيءَ “ انڊيا ۽ ٻين ملڪن جي بندرگاهن ڏي جيڪي شيون ايڪسپورٽ ڪيون ٿي اهي هيون.: عاج، کوپرو، بوهي مڱ (peanuts)، ماکيءَ جو ميڻ (bees wax) لونگ وغيره. سيٺ ڪريمجي جي ڪمپني هڪ بين الاقوامي ڪمپنيءَ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي. هن يورپ جي ملڪن ڏي به سامان موڪليو ٿي، جتي خريداري ۽ وڪري لاءِ هنن جا ڪيترائي ايجنٽ مقرر هئا. هنن موريشس، مئڊاگاسڪر، سيشلز، انڊيا ۽ سلون ۾ به ڪاروبار هلايو ٿي. ساڳي وقت ڪريمجيءَ پنهنجي گهر جي مسئلن ۽ رسمن رواجن کي به منهن ڏنو ٿي.خاص ڪري هن جي اڳيان سندس پٽ علي ڀائيءَ جي شاديءَ جو مسئلو هو. انهن ڏينهن ۾ بوهري ڪنوارون پنهنجي ڳوٺ مان ئي آنديون ويون ٿي، سو ڪريمجي پنهنجي پٽ جي شاديءَ لاءِ انڊيا روانو ٿيو. پنهنجي پٽ جي مانڊويءَ ۾ ڌوم ڌام سان شادي ڪرائي زئنزيبار موٽڻ مهل هن باقي بچيل سڀ پئسو انڊيا مان مختلف مال خريد ڪرڻ تي لڳايو. هن جو ارادو هو ته هو اهي شيون زئنزيبار ۾ وڪرو ڪري وڏو نفعو ڪمائي سگهندو. ان ڪري هن پنهنجو پئسو ته سڀ لڳايو پر قرض کڻي سامان وٺڻ جو به جوکم کنيو، جنهن کي پاڻ Calculated Risk چئي سگهون ٿا. ڇو جو زئنزيبار ۾ وڏو عرصو رهڻ ڪري هن کي آئيڊيا هئي ته اتي انڊيا جو ڪهڙو سامان جلد وڪرو ٿئي ٿو ۽ سٺو اگهه ڪري ٿو. پر افسوس جو ڪريمجي بوهريءَ جو الهه تلهه ناس ٿي ويو.
اهو سال 1861 هو. ڪريمجي جو جهاز هاڻ زئنزيبار جي ويجهو اچي پهتو هو ته سخت طوفان جي گهيري ۾ اچي ويو. جهاز کي هلڪو ڪرڻ ۽ ان جي Stability قائم رکڻ لاءِ جهاز وارن مسافرن گڏجي هڪ هڪ سامان جيٽيسن (Jettision) ڪيو. يعني سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو پر نه ختم ٿيندڙ طوفان ۾ جهاز ڦٿڪي ڦٿڪي ٻڏي ويو. مسافر ڪريمجي سميت هٿ پير هڻي اچي ڪناري کي لڳا. جان سو بچي وئي باقي سامان مان ڪنهن کي سُئي به نه ملي. ڪريمجي جو ته سڀ ڪجهه اهو هو.
هتي مون جيٽيسن لفظ استعمال ڪيو آهي جنهن کي سنڌي ۾ ڇا ٿا چون، اها مونکي خبر ناهي پر دنيا جي تقريبن هر ٻولي: بنگالي، ملئي، جپاني، ويندي عربي ۽ فارسيءَ ۾ اهوئي بين الاقوامي لفظ Jettison استعمال ٿئي ٿو. جهاز کي بچائڻ لاءِ جيئن ان تي سوار انسانن جي جان بچي سگهي، اڄ به اهو قانون آهي ته سامان کي ڦٽو ڪيو وڃي. ان عمل کي جيٽيسن سڏجي ٿو. جنهن سامان کي سمنڊ تي پاڻي جي جهاز مان (توڙي هوائي جهاز مان) ڦٽو ڪيو وڃي ٿو ان سامان کي جيٽسم (Jetsam) سڏجي ٿو. سمنڊ تي اڪثر مختلف سامان ترندو نظر ايندو آهي، جنهن لاءِ سمجهي وڃبو آهي ته ڪنهن بدنصيب جهاز جو جيٽسم هوندو.
دراصل طوفان ۾ سمنڊ جي وڏين ڇولين جو پاڻي جهاز ۾ ڌوڪيو پوي ۽ سامان کي آلو ڪريو ڇڏي. سامان ۾ جي اناج، ڪپڙي، ڪاٺ جهڙي شيءِ آهي ته اهو پاڻي چُهي ڳرو ٿيو پوي ۽ جهاز جي ٻڏڻ جو خطرو وڌيو وڃي. شروع جي هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ دفعي پينانگ مان اسان کي هيروشيما (جپان) لاءِ ڪاٺ کڻڻو پيو. ڪاٺ تمام گهڻو هو. اڄ جي ماڊرن جهازن جي ايئرٽائيٽ Hatches (گدامن) ۾ ڀرڻ کانپوءِ به ڪافي بچي پيو جنهن کي کڻڻ لاءِ اسان انڪار ڪيو پر ملائيشيا جي چيني توڪئي (سيٺ) چيو ته باقي ڪاٺ جهاز جي ڊيڪ تي رکي وڃو. جي خراب ٿيو ته اسان جهاز وارن جي ذميواري نه ٿيندي. هو هر صورت ۾ ڀاڙو فل ڏيندو. اهو ڪاٺ ملائيشيا جي ٿلهن وڻن کي چورس شڪل ۾ چيري ٺاهيو ويو هو. يعني هڪ هڪ 8 انچ چورس ۽ ڏهه ٻارهن فوٽ کن ڊگهو هو. جهاز جي لوڏن ۾ ڪاٺ کي ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ ان جي چڱي طرح Lashing ڪئي وئي يعني ٻڌو ويو. هئچ (گدام) اندر به جيڪا شيءِ رکي وڃي ٿي ان کي چڱي طرح Secure ڪيو وڃي ٿو يعني رسن، ڪوڪن ڪلين، ڪاٺ جي چپرن ذريعي سوگهو ڪيو وڃي ٿو. اهو هڪ خاص سبجيڪٽ “ڪارگو ورڪ” ٿئي ٿو جيڪو ناٽيڪل ڪئڊٽ مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم دوران پڙهن ٿا ۽ پريڪٽيڪلي سکن ٿا.
پينانگ (ملائيشيا) کان هيروشيما تائين اٺ نو ڏينهن جو سفر آهي. رستي تي هانگ ڪانگ ۾ ڏينهن اڌ ترسي جهاز جي ٻارڻ لاءِ تيل به ورتوسين جو انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ۾ هر شيءِ ڊيوٽي فري (سستي) ملي ٿي. پينانگ کان هانگ ڪانگ تائين ڇا ماٺو سمنڊ ۽ سٺي موسم ملي، جواب ناهي. ڪٿي ڪا مينهن ڦڙي به نه وسي پر بدنصيبي اچي اچي هيروشيما جي ڀرسان پهچڻ تي ٿي. ڪو ڏينهن اڌ جو سفر هو ته پهرين طوفاني بارش شروع ٿي ۽ پوءِ سمنڊ اهڙو بگڙيو جو ڇوليون جهاز کي ڍڪيو ڇڏين. پاڻيءَ ۾ پسڻ ڪري ڪاٺ ويو ڳرو ٿيندو ماڳهين Stability خطري ۾ پئجي وئي. يعني جهاز بئلنس مان نڪرڻ لڳو. جهاز ۽ ان ۾ سوار جهاز هلائڻ وارن کي بچائڻ لاءِ مجبورن ڊيڪ تي رکيل سمورو ڪاٺ جيٽيسن ڪرڻو پيو.
ڪڏهن ڪڏهن جهاز تي رکيل سامان، ڀلي کڻي اندر هئچ ۾ رکيل هجي، سامونڊي جهانڪن ۽ جهاز جي لڏڻ ڪري، ان جي Lashing ٽٽي پوي ٿي. ان صورت ۾ ڇا ٿو ٿئي جو جهاز جنهن پاسي جهڪي ٿو، سامان به ان طرف وڌي ٿو ۽ جهاز کي وڌيڪ جهڪائي ٻوڙيو ڇڏي. پراڻي زماني جي انهن سڙهن تي هلندڙ ٻيڙن ۾ اهو وڏو مسئلو هو ۽ ان وقت جا جهاز طوفانن جي سَٽ سهي نٿي سگهيا. ڪريمجي جي جهاز ۾ به هڪ ته سامان آلو ٿي ڳرو ٿيو هوندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ ڪري Stability خراب ٿي هوندي ۽ هنن مجبوريءَ جي حالت ۾ سامان جيٽيسن ڪيو هوندو.
سيٺ ڪريمجي جيڪو راتو رات امير ٿيڻ جا خواب ڏسندو زئنزيبار ڏي اچي رهيو هو اهو جڏهن زئنزيبار پهتو ته هن وٽ پائي به نه هئي. هن وٽ جيڪو پئسو هو اهو ته لڙهي ويو پر ماڳهين ٻين جو قرضي ٿي پيو. ماڻهن جا قرض موٽائڻ لاءِ هن ٻين سيٺين جي دڪانن تي سيلزمئن ٿي ڪم ڪيو. ان سان گڏ هو پنهنجي ڪميونٽي جي ماڻهن کان وڌيڪ قرض وٺي پنهنجو ڪاروبار به ڪرڻ لڳو. هوشيار ۽ ايماندار ماڻهو هو ان ڪري هر هڪ جو هن تي ڀروسو هو ۽ هن جي مدد ڪرڻ لڳا. خاص ڪري ممباسا ۾ رهندڙ بوهري ڪميونٽي جا ماڻهو.
ڳالهه اها آهي ته بزنيس لاءِ فقط پئسو ضروري ناهي. تجربو ۽ تعلقات به ضروري آهن ۽ بزنيس ۾ هر وقت فائدو به نه آهي ڪڏهن ڪڏهن قدرتي يا سياسي مصيبتن ۾ وڏا وڏا سيٺ ترپَٽ ٿيو وڃن. هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا پاسي جي ڪيترن سنڌي هندو سيٺين بابت لکيو اٿم ته هو ڪيئن ڏيوالا ٿي ويا جو هو مٿي تي کارو رکي هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻڻ لڳا يا پيٽ گذر لاءِ ٻين دڪاندارن وٽ سيلزمئن ۽ نوڪر ٿي ڪم ڪرڻ لڳا، پر واپاري تجربي ۽ عقل کان ڪم وٺي هو وري امير ٿي ويا. زئنزيبار جو هي بوهري ڪريمجي به ڪجهه سالن جي محنت بعد وري پاڻ ڀريو ٿي ويو. هو هڪ دفعو وري هر سال پاڻ سفر جون تڪليفون ڪري مانڊوي ويو ٿي جتان گراهڪن لاءِ سٺو اناج ۽ ٻيو سامان خريد ڪري زئنزيبار آيو ٿي. هن هر حالت ۾ اهو خيال رکيو ٿي ته گراهڪ کي صاف سٿري شيءِ ڏني وڃي ۽ نفعو گهٽ رکيو وڃي جيئن گراهڪ جو اعتماد برقرار رهي.
هن اڳتي هلي انڊسٽري ۾ اچڻ چاهيو ٿي پر هن ڏٺو ته آفريڪا ۾ فئڪٽريون ۽ ڪارخانا نه هلي سگهندا. ان ڪري هن امپورٽ ايڪسپورٽ سان گڏ ٻيو ائگريڪلچر جو ڪم ڪيو. هن اهو فيصلو ڪيو ته هارين جي بهتريءَ جو به خيال رکيو وڃي. ان ڪري هن خريد ڪيل جاگيرن تي ڪم ڪندڙ هارين لاءِ ڪلينڪون ۽ اسپتالون کوليون. سندن عبادت لاءِ مسجد ۽ سستي خريداريءَ وارا دڪان کوليا. يعني هن اهي ڪم ڪيا، جيڪي لئبر جي خوشحاليءَ لاءِ اڄ ٽنڊو سومرو جو زميندار رئيس امداد نظاماڻي ڪري رهيو آهي.
ڪريمجي جو اڪيلو پٽ علي ڀائي هن جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو. پاڻ اڪيلي سر هر قسم جي ڌنڌي کي منهن ڏيندو رهيو. 1898ع ۾ سندس وفات تي سندس ڪمپني “ڪريمجي” مشهور ۽ بين الاقوامي ٿي چڪي هئي. ائگريڪلچر سان گڏ اها ڪمپني انشورنس، شپنگ ايجنسي ۽ موٽر وهيڪل جو ڪاروبار به ڪندي اچي. ڪريمجي جي وفات بعد هن جا پوٽا حسن علي، محمد علي ۽ يوسف علي ۽ انهن جو ڪزن طيب علي “ڪريمجي ڪمپني” جي ڪاروبار کي ڏسڻ لڳا. پهرين جنگ عظيم ۾ جرمنيءَ هارايو ۽ انهن جون ٽانگانيڪا (هاڻوڪي تنزانيا) ۾ جيڪي جاگيرون هيون، انگريزن نيلام ڪيون، جن مان ڪجهه ڪريمجي ڪمپنيءَ به خريد ڪيون ۽ انهن کي ٺاهي خوب ترقي ڪئي پر 1967ع ۾ تنزانيا حڪومت جي سوشلسٽ پاليسيءَ جي ڪري ڪريمجي وارن کان سڀ ڪجهه کسجي ويو ۽ ڪاروبار پٽ سان وڃي لڳو. پر ڪريمجي وارن همت نه هاري. ان دوران يوسف علي جي ڪارن جي بزنيس فئملي کي بچائي ورتو ۽ اڄ ڏينهن تائين هو “ٽويوٽا تنزانيا لميٽيڊ” جا مالڪ آهن. يوسف علي جو پٽ عبدالڪريم دارالسلام جو ميئر به ٿيو ۽ بعد ۾ تنزانيا جي پارليامينٽ جو اسپيڪر ٿي رهيو. هو 1961ع کان 1970ع تائين- يعني جن ڏينهن ۾ اسان دارالسلام اچڻ شروع ڪيو ته هو دارالسلام يونيورسٽي جو وي سي هو. پاڻ ٽانگانيڪا مان تنزانيا ٿيڻ واري ملڪ جي صدر جوليس نائريري جو سٺو دوست پڻ هو. سندس پيءُ يوسف ڪريم کي “Lion of Zanzibar” به سڏيندا هئا. پاڻ محمد علي جناح کان 6 سال ننڍو ۽ نهروءَ کان 7 سال وڏو هو.
سڄي اوڀر آفريڪا ۾ ڪريمجي فئملي خير خيرات کان مشهور رهي آهي. هنن نه فقط مختلف شهرن ۾ اسپتالون، تعليمي درسگاهه، پارڪ وغيره ٺهرايا پر ڪيترن آفريڪي نوجوانن کي اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرون به ڏيندا رهن ٿا. ان کان علاوه هنن ڪيترن ئي شهرن ۾ لائبريريون ۽ مسجدون ٺهرايون آهن. هن جي ڪزن طيب علي ڪريمجي (ڄم جو سال 1897ع ۽ وفات 1987ع) لاءِ ته مشهور آهي ته هن ڪمپني جي نفعي جو 60 سيڪڙو خيرات جي ڪمن لاءِ ٿي ڏنو.
دارالسلام جي سڀ کان وڏي عمارت ڪريمجي هال جيڪو 1955ع ۾ ٺهي راس ٿيو اهو “يوسف ڪريمجي” ڪريمجي جي پوٽي دارالسلام سٽي ڪائونسل کي تحفي طور ڏنو، جيڪو 1960ع کان 1999ع تائين تنزانيا جي پارليامينٽ هائوس طور استعمال ٿيندو رهيو. ان بعد تنزانيا جي گاديءَ جو شهر دارالسلام مان دودوما (Dodoma) ٿيو. يوسف علي جي پٽ امير يوسف علي ۽ ان جي زال ڪلثوم جو به هن ڪمپني جي ڪاروبار ۽ خيرات ۾ وڏو هٿ رهيو. کين ٽي ٻار هئا. وڏو حاتم امير اسان جو همعمر هو ۽ منهنجي لنڊن ۾ ٻين بوهري دوستن سان گڏ حاتم سان روٽري ڪلب جي هڪ ڊنر ۾ ملاقات ٿي هئي. هو بوهري ته نٿي لڳو گورو انگريز ٿي لڳو. پاڻ گذريل سال 2019ع ۾ لنڊن ۾ گذاري ويو. پاڻ ”ٽويوٽا تنزانيا لميٽيڊ” جو 31 سال چيئرمين ٿي رهيو. سندس وفات بعد ”ڪريمجي ڪمپني“ جو ڪاروبار هن جا پٽ ۽ پوٽا ڪليم ۽ دانيال هلائين ٿا. هنن جي هر هڪ ماڻهوءَ جي ڪاروبار، ڪم ڪار، خير خيرات ۽ سماجي زندگي وغيره جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي تنزانيا پاسي اچڻ تي اسانجي ماڻهن ۽ هتي جي مقامي شيدين کان ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. هتي ته مون “ڪريمجي هال” جي سامهون اچڻ تي هن بوهري فئملي کي ياد ڪري مختصر احوال لکيو آهي نه ته هنن بوهرين تي سڄو ڪتاب لکي سگهجي ٿو.