ليکڪ طرفان
هي ڪتاب ڇا بابت آهي؟ اهو خاطريءَ سان چئي نٿو سگهان... بس سمجهو ته سفرنامو به آهي ته يادگيريون به آهن. تاريخ به آهي ته ٿوري گهڻي جاگرافي ۽ معلومات به، اسان جي کنڊ جي تاجرن جو ڏورانهين ڏيهه ۾ وڃي واپار ڄمائڻ جي بهادري ۽ سخاوت جون ڳالهيون آهن ته صدين تائين آفريڪا جي ڪارن ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ غلاميءَ جا غمگين داستان ۽ حيرت انگيز واقعا به آهن.
هن ڪتاب لکڻ لاءِ مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٻن شاگردن: مولا بخش “وفا” قمبراڻيءَ ۽ سال ٻه هن کان جونيئر مِس شيبا منير قمبراڻيءَ ڪافي همٿايو. هنن چاهيو ٿي ته آئون ان ملڪ جو سفرنامو لکان جتان هنن جا وڏا غلام بڻجي سنڌ ۾ آيا. خاص ڪري هنن جو هڪ عزيز ۽ (هوش محمد شيديءَ وانگر سنڌ جي اهم شخصيت) محمد صديق “مسافر” جو والد صاحب بلال شيدي (گلاب) - جيڪو اغوا ٿيڻ بعد زئنزيبار جي “غلام منڊي” ۾ وڪرو ٿيڻ مهل فقط ڇهه سالن جو ٻار هو. هن غلام جي فرزند - مرحوم محمد صديق “مسافر” کي آئون به پنهنجو استاد سمجهان ٿو جو مون هن جو لکيل جاگرافيءَ جو ڪتاب نه فقط ننڍپڻ ۾ پڙهيو پر پوءِ جهاز جي نوڪريءَ دوران به ان ڪتاب کي هميشه پاڻ سان رکيو.
مولا بخش ۽ شيبا جيڪي مون کي سالن جا سال هي سفرنامو لکڻ لاءِ چوندا رهيا، اهي پاڻ ۾ ڪزن ٿين پر سندن ڳوٺ مختلف آهن. مولانا بخش حيدرآباد جي ڀر واري ڳوٺ ڀينڊو شريف ۾ 1980ع ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب گل محمد قمبراڻي ۽ ڏاڏو نوح فقير رازڪو ڪم ڪندا هئا. مولا بخش کي ننڍپڻ کان پڙهائيءَ جو شوق هو ۽ هن همٿ ڪري مئٽرڪ ۽ انٽر ڀر واري ڳوٺ “موري منگر” مان ڪري ورتي. هو ٻڌائي ٿوته ان ڳوٺ جو “شيخ حافظ هائر سيڪنڊري اسڪول” عبرت ۽ آفتاب اخبار جي مشهور ايڊيٽر علي محمد شيخ ٺهرايو جنهن جو پهريون هيڊماستر سنڌ جو مشهور ٽيچر بالادي صاحب ٿي رهيو.
غربت ڪري مولا بخش ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي جيتوڻيڪ همت نه هئي پر هو بي اي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن جو ڪريڊٽ هو اسان جي مشهور صحافي نياز پنهور کي ڏيڻ چاهي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته فيءَ جا پئسا نه هجڻ ڪري هن ڪاوش اخبار ۾ اچي نوڪري ڪئي جتي نياز پنهور به آنرري ڪم ڪيو ٿي. هو انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي واري سچل ڪاليج ۾ پروفيسر هو. نياز پنهور ڪاوش جي ايڊيٽر علي قاضيءَ کان مولا بخش لاءِ آسان قسطن تي قرض وٺرائي هن کي پنهنجي ڪاليج ۾ داخلا ڏياري. بي اي بعد نياز صاحب جي صلاح سان مولا بخش نوڪري ڇڏي سنڌ يونيورسٽيءَ جو فل ٽائيم شاگرد ٿيو ۽ 2008ع ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ ڪجهه سال نوڪري ڪئي. هاڻ 2014ع کان سنڌ ڪاليج آف ڪامرس (سٽي ڪاليج بلڊنگ) ۾ پروفيسر آهي. پاڻ سٺو شاعر به آهي ۽ تخلص ’وفا‘ آهي. سندس گهرواري اقرا قمبراڻيءَ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪامرس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ هاڻ محمد علي جناح يونيورسٽي مان Management ۾ ايم ايس ڪري رهي آهي.
شيبا قمبراڻي جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ ماسٽرس ۽ MBA ڪئي اها محمد صديق مسافر جي ڳوٺ ٽنڊوباگو جي آهي، جتي هن 1982ع ۾ جنم ورتو. سندس والد بالو قمبراڻي PIA ۾ اسٽيشن مئنيجر ٿي رهيو. تعليم بعد شيبا زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ نوڪري شروع ڪئي. ان بعد بدين جي انڊس هاسپيٽل جي HR (هيومن رسورسز) ۾ نوڪري ڪئي. سندس گهر وارو منير قمبراڻي بدين جي ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿو.
مولا بخش وانگر شيبا به گذريل ڏهه ٻارهن سالن کان مون کي هن قسم جي ڪتاب لکڻ لاءِ چوندي رهي. ڪتاب مڪمل ٿيڻ تي خوش ٿي مولا بخش کي فون ڪيم ته ڪتاب مڪمل ٿي ويو آهي، شيبا کي به ٻڌايان ٿو. هو لمحو ٻه خاموش رهيو. مون سمجهيو ته فون ڪو ڪٽجي ويو آهي. منهنجي هيلو ڪرڻ تي هن ڏک جي خبر ٻڌائي ته شيبا کي ته گذاري سال کان مٿي ٿي ويو آهي. هوءَ سهانجي (ڊليوري ڪيس) ۾ وفات ڪري وئي. ظاهر آهي مون کي به ڏک ٿيو ۽ هي سٽون لکڻ ويٺو آهيان. هن جو مون تي اهو به ٿورو آهي جو هوءَ محمد صديق مسافر جا سمورا ڪتاب جتان جتان مليس ٿي مون ڏي موڪليندي رهي ٿي. جيڪو ڪتاب نٿي ملي سگهيس اهو لئبريري مان وٺي پنهنجي خرچ تي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي موڪليو ٿي. هڪ ڏينهن سڀني کي هي جهان ڇڏڻو آهي پر سندس ننڍي عمر ۾ هليو وڃڻ، دلي ڏک جو باعث آهي. دعا آهي ته رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس ٻارن لاءِ آسانيون ڪري. شيبا کي چار ٻار آهن: سراج منير جيڪو ٻارهين ڪلاس ۾ آهي. ان بعد ڌيءَ انشراع، پوءِ پٽ بن يامين ۽ ارڙهن مهينن جي مسفراع جنهن جي ڊليوريءَ دوران ماءُ (شيبا) گذاري وئي.
هن ڪتاب جو نالو زنجبار جهنگٻار سوچيو اٿم. ڇپجڻ ۾ اڃان ٿي سگهي ٿو سال کن لڳي وڃي جو هن ڪتاب جي اڳيان منهنجا چار سفرناما پيڪاڪ پبلشرس وٽ ڇپجڻ لاءِ قطار ۾ آهن. ان دوران ٿي سگهي ٿو مون کي يا پبلشرس کي اڃان ڪو ٻيو بهتر نالو سُجهي اچي. بهرحال نالو ڪهڙو به ٿئي پر هن ڪتاب ۾ گهڻو تڻو احوال زئنزيبار جو آهي. زئنزيبار ۾ ٽي سرڪاري ٻوليون آهن: انگريزي، سواحلي ۽ عربي. سواحلي ۽ انگريزيءَ ۾ هن ٻيٽ نما ملڪ جو نالو ”زئنزيبار“ آهي. عربيءَ ۾ ”زنجبار“ سڏين ٿا، جنهن نالي تان ئي انگريزن زئنزيبار نالو رکيو. دراصل عربي نالو زنجبار فارسي نالي زنگبار مان ٺهيو آهي. هن ٻيٽ تي عربن کان به گهڻو اڳ ايرانين جو- خاص ڪري شيراز صوبي جي ماڻهن جو اچڻ ٿيو جن هتي ڪاري رنگ جا ماڻهو ڏسي نالو رکيو زنگبار. فارسيءَ ۾ زنگ معنيٰ ڪارو ۽ بار معنيٰ ڪنارو (Coast)- يعني ڪارن ماڻهن جو سمنڊ يا ڪارن ماڻهن جي جاءِ! بعد ۾ نه فقط عمان ۽ ٻين عرب ملڪن جا واپاري آيا پر هن تي عماني عربن جو قبضو ٿي ويو، جيڪي پهرين پنهنجي ملڪ عمان جي شهر مسقط ۾ ويهي زئنزيبار سلطنت جو ڪاروبار هلائڻ لڳا پر پوءِ ٻئي سلطنتون الڳ الڳ ڪري هڪ ڀاءُ عمان جو سلطان ٿي ٿيو ته ٻيو ڀاءُ زئنزيبار جو. عربن جو زئنزيبار تي وڏو عرصو قبضو رهيو ان ڪري آخري ٻه صديون عرب واپاري ۽ (ننڍي کنڊ جا واپاري پڻ) تمام گهڻو آيا. ايتريقدر جو اڄ واري ڪينيا، تنزانيا وغيره جي ڪنارن وارن علائقن ۽ زئنزيبار ۾ رهندڙ مقامي آفريڪن (شيدين) جي اصلي بنتو قسم جي ٻوليءَ ۾ ايترا ته عربي، فارسي ۽ هندي اردو ۽ گجراتيءَ جا لفظ اچي ويا جو ڪراچيءَ جي مڪرانين جي اردو وانگر هنن جي ٻولي مڪسچر ٿي پئي جيڪا سواحلي، يعني ڪناري واري ٻولي سڏجڻ لڳي. “سواحلي” لفظُ پڻ عربيءَ جي لفظ ’ساحل‘ يعني ’ڪناري‘ مان جڙيو آهي.
عربن ايرانين جي رکيل نالي زنگبار کي بدلائڻ نٿي چاهيو. هنن لاءِ هن ملڪ جو اهو ئي نالو هو پر هنن کان اچاريو نٿي ٿيو جو عربيءَ ۾ گ جو اچار ناهي. جيئن هو گيلانيءَ کي جيلاني سڏين ٿا. حقيقت ۾ صحيح نالو گيلاني آهي يعني گيلان شهر جا رهڻ وارا- جيئن يزداني، شيرازي، ڪرماني وغيره جيڪي يزدان، شيراز ۽ ڪرمان جا رهاڪو آهن ۽ انهن شهرن وانگر گيلان به ايران جو صوبو آهي. پر عربن لاءِ گ جو اچار مشڪل آهي ان ڪري هو زنگبار کي زنجبار سڏڻ لڳا ۽ عربن جي گهڻائي ۽ حڪومت هجڻ ڪري زنجبار وڌيڪ مشهور ٿي ويو.
ان تان مون کي ياد آيو ته سامونڊي نوڪري دوران سعودي عرب، ڪويت ۽ عرب امارتن جي بندر گاهن ۾ جڏهن به اسانجو جهاز لنگرانداز ٿيندو هو ته بندرگاهه کان ٻاهر نڪرڻ واري پاس ٺهڻ ۾ مون لاءِ هميشه مسئلو ٿيندو هو جو اهي پاسون سندن مقامي ٻولي عربيءَ ۾ ٺهنديون هيون ۽ منهنجي ولديت لکڻ ۾ هو منجهي پوندا هئا ته گل محمد ڪيئن لکجي. پوءِ ڪڏهن “جل محمد” لکندا هئا ته ڪڏهن “قل محمد” ساڳي وقت ايران ۾ ڪڏهن به مسئلو نه ٿيو جو “گل” لفظ ئي فارسيءَ جو آهي.
زئنزيبار صدين تائين غلامن جي منڊي رهيو جتان لکين غلام هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن: هند، سنڌ، ملايا، عمان، عربستان، ايران- ويندي ترڪي موڪليا ويا ٿي، جن جو اولاد اڄ به انهن ملڪن ۾ رهي ٿو. هو جڏهن مختلف ملڪن ۾ وڪرو ٿي ويا ٿي ۽ غلامي دوران هنن جڏهن اتي جي مقامي ٻولي: عربي، ملئي، تامل، فارسي، گجراتي يا سنڌي سکي ٿي ۽ اتي جي ماڻهن هنن کان پڇيو ٿي ته توهان ڪٿان آيا آهيو ته هنن زئنزيبار مقامي ٻولي جي ٽون ۾ ٻڌايو ٿي... يا کڻي صحيح به اچاريو ٿي پر مقامي ماڻهن ان کي پنهنجي ٻوليءَ جي اچارن ۾ رنگيو ٿي جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ اهو نالو جهنگٻار اچاريو ويو ٿي. جڏهن محمد صديق مسافر جو والد بلال (گلاب) يا ٻيا سنڌ ۾ آيا هئا ته ان وقت ڪنهن جي ايڏي معلومات نه هئي ته زئنزيبار جي جاگرافي تاريخ ڇا آهي؟ آئون ستين ڪلاس ۾ هوس ته پنهنجي ڪلاس ميٽ رئيس نور احمد نظاماڻيءَ وٽ سندس ڳوٺ ٽنڊو قيصرويو هوس. هنن جي گهٽيءَ ۾ مون کي ٻه پوڙها شيدي مليا جن لاءِ نور احمد ٻڌايو ته هي ڊائريڪٽ آفريڪا کان آيا آهن. اڄ ٿو سوچيان ته اهي ڊائريڪٽ آيل کڻي نه هجن جو انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد سنڌ ۾ غلام رکڻ يا انهن جي خريد و فروخت تي بندش هڻي ڇڏي هئي. پر اهو به آهي ته بندش جي باوجود اسان ڏي يا آمريڪا ڏي لڪ چوريءَ آفريڪا کان غلام سمگل ٿيندا رهيا ٿي. هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو اٿم ته 1920ع ۾ غلامن جو آخري جهاز انگريزن گرفتار ڪيو هو. سو ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻه ڄڻا جن سان منهنجي ٽنڊو قيصر ۾ ملاقات ٿي اهي سڌو آفريڪا کان آيل نه هجن پر هو پهرين ٽهيءَ جا ٿي سگهيا ٿي جن جا پيئر کنڀجي هتي آيا ۽ هنن انهن کان معلوم ڪيو هجي ته هنن جا وڏا ڪٿان کان آيا. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻنهي اهوئي چيو ته هو جهنگٻار جا آهن. سنڌ ۾ غلامن جي گهڻائي زئنزيبار کان آئي ٿي. پر ڪجهه غلام ”ممباسي“ سڏبا هئا، جيڪي ممباسا بندرگاهه کان ٺٽي پهتا ٿي.
ٽنڊو قيصر واري ڳالهه ته ٿي 1958ع جي جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ويو هوس جتي نور احمد نظاماڻي به هو (يعني عارضي طور ميرپورخاص ۾). 1969ع ۾ يا شايد 1970ع ۾ جڏهن جهازي نوڪري جي سلسلي ۾ آئون پهريون دفعو زئنزيبار (زنجبار) ويس ته اتي جي هڪ ماتلي (يا شايد تلهار) پاسي جي هڪ سنڌي خوجي منهنجي حيرت کائڻ تي ته “هتي زئنزيبار ۾ ڪارا شيدي ته گهٽ ٿا نظر اچن پر يورپي گورا ۽ اسان جا انڊين ۽ عرب گهڻا آهن”، هن وراڻيو ته هي زنجبار نه رهيو آهي (يعني ڪارن ماڻهن جو ملڪ نه رهيو آهي) ۽ پوءِ ٻهراڙي واري علائقي جي جهنگل ڏي هٿ ڦيرائي چيو ته “ها البته هي اڃان جهنگبار” ضرور آهي.
هاڻ ٿو ڏسان ته زئنزيبار جهنگبار به نه رهيو آهي. جهنگل ٻيلا ته ڪٽجي ويا آهن پر ڪيترن جاگيردار عربن ۽ کوجن، بوهرين پنهنجي لونگن جي فصل تي به نين آبادين لاءِ ڪنسٽرڪشن ۽ ڪمرشل مارڪيٽون ٺاهي ڇڏيون آهن. سو توهان کي اڄ به سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ اهڙا شيدي به ملندا، جيڪي اڻپڙهيل هجڻ ڪري اڄ به پنهنجو اصل وطن زنجبار بدران جهنگبار ٻڌائين.
آفريڪا جي اولهه ڪناري کان کنڀيل قيدي جيڪي آمريڪا ڏي ويا ٿي، انهن سان انهن جي خريدارن هيڪاندا وڏا ظلم ڪيا. هنن سان هنن جي مالڪن جانورن کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ ڪيو. غلامي غلامي آهي، چاهي ڪنهن کي سوني جي پڃري ۾ رکيو وڃي، پر وري به سنڌ ۾ جن به غلام رکيا، اهي چاهي مير، پير، وڏيرا جاگيردار هئا يا غلام عليءَ جهڙا ٺٽي جا سنگتراش هئا، گهڻي ڀاڱي اسان جي سنڌي مالڪن آفريڪا کان آيل هنن شيدي غلامن سان پنهنجي اولاد وارو رويو رکيو ٿي. مڃان ٿو ته ٽنڊي باگي ۾ محمد صديق مسافر جي والد گلاب کان واٽر ڪورس ۾ مڇي ڌوئيندي ترڪي وڃڻ تي سندس مالڪ غلام علي سنگتراش ٻار کي ٿڦڙون هنيون ۽ دڙڪا ڏنا پر ڏٺو وڃي ته ان ۾ هن جي گهڻي سوچ اها نه هئي ته هو ڪارو آهي. سنگتراش طبيعت ۾ ڪاوڙ وارو ماڻهو هو. گلاب واري غلطي هن جو سڳو پٽ ڪري ها ته هو ان کي به موچڙا هڻي ها. ان هوندي به هن جي زال گلاب جو پاسو کڻي پنهنجي مڙس کي سمجهائڻ ۽ ٿڌو ٿيڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي. انهن ڏينهن ۾ اڃان ”ائنٽي هائپرٽينسِوِ“ گوريون ايجاد نه ٿيون هيون. لڳي ٿو غلام علي سخت بلڊ پريشر جو مريض هو.
بهرحال آمريڪا ۾ وڪرو ٿيل شيدي غلامن سان انهن جي مالڪن جو مختلف رويو هو. هنن پنهنجن آفريڪي غلامن کي نفرت مان نِگر يا نيگرو، يعني “ڪارو” سڏيو ٿي. اسان وٽ هنن لاءِ ايئين نفرت نه هئي. اسان وٽ ڪارو ته پيار مان سڏيو ويو ٿي ۽ شيديءَ کي ’ڏاڏا‘ ۽ ’شيدي بادشاهه‘ به پيار مان سڏيو ٿي. سندن وفاداري، پورهئي ۽ مالڪ سان سٺي هلڻ ڪري سنڌي مالڪ گهڻو ڪري هنن سان سٺو هليا ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي جو انگريزن سنڌ ۾ غلامن کي آزاد ڪيو ته به ڪيترائي شيدي آزاد ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجن ساڳين مالڪن وٽ ئي نوڪر ۽ نوڪرياڻيون ٿي ڪم ڪرڻ لڳا جيئن محمد صديق مسافر جي والد گلاب ۽ گلاب جي پهرين زال آزاد ٿيڻ بعد به پنهنجي سابق مالڪ مخدوم حر عليءَ جو ڪم ڪار ڪندا رهيا. بلڪ مخدوم صاحب اهو سوچي ته آزاد ٿيڻ بعد هو ننڍا ٻچا وٺي ڪيڏانهن ويندا، پنهنجي خرچ تي پنهنجي گهر ڀرسان گلاب کي جاءِ ٺهرائي ڏني. گلاب جڏهن مخدوم حر علي وٽ غلام هو ته به مخدوم صاحب پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري گلاب لاءِ هڪ غلام شيدياڻي خريد ڪري، گلاب جي هن سان شادي ڪرائي. اسان وٽ شيدي (ان معاملي ۾ آمريڪا ۾ پڻ)، طبيعت ۾ کِل مُک، پهلوان ۽ ملهه، ڪٻڊي ۽ ٻين راندين ۾ ڀڙ ۽ سريلي آواز جا پڻ آهن.
مون کي خبر ناهي ته منهنجيون اهي Feelings سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ شيدين لاءِ به صحيح آهن يا نه. پر پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ مون کي نٿو سُجهي ته ڪو هنن سان نفرت ڪندو هجي جيئن مون آمريڪا ۾ اچي ڏٺو. ويندي اسان جي ڳوٺ جي وڏي رتبي وارن ماڻهن- پيرن سيدن وٽ به شيدين عزت ماڻي ٿي. هالا ۾ رهندڙ شيدي ڪميونٽيءَ جو اڪثر هڪڙو انچارج گادي نشين مخدوم سان رهي ٿو جيڪو “خليفو” سڏجي ٿو. مخدوم امين فهيم سان گڏ هميشه خليفو ماستر ڪريم بخش شيدي رهيو ٿي جيئن اڄڪلهه مخدوم جميل الزمان سان گڏ شيدي ڪميونٽي جو ايمن شيدي خليفو آهي. ننڍي هوندي ايمن ۽ جميل زمان ته هڪ ئي ڪلاس ۽ اسڪول مان پڙهيا. ان مان به توهان انداز لڳائي سگهو ٿا ته اسان وٽ، گهٽ ۾ گهٽ رنگ و نسل جو ويڇو ناهي ۽ پنهنجي ڪم ۽ قابليت ڪري ڪيترائي شيدي اتاهين سماجي درجي تي آهن ۽ مشهور آهن. ڪجهه شيدي مون کي ياد اچي رهيا آهن، جيڪي اسان جي ننڍپڻ ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ايڏو مشهور هئا، جو اسان ٻار ٿي ڪري به انهن جا نالا يا ڳالهيون ٻڌندا هئاسين.
اسان جي ننڍپڻ ۾ محرم جي ڏهين تاريخ هالا شهر جا سڀ پڙ اچي مخدوم طالب الموليٰ جن جي بيٺڪ تي منزل انداز ٿيندا هئا. اتي جي جهنڊي جو انگاس (Flag Pole) هر سال لاهي، رنگ ڪري، واپس کوڙڻ جو ڪم هڪ خاص شيديءَ جي حوالي هوندو هو جنهن جو نالو “مور” هو. مور کان سڄو شهر واقف هوندو هو، جيڪو هن گڏجاڻيءَ ۾ اچي حاضر ٿيندو هو. اها مذهبي گهٽ سماجي Gathering وڌيڪ هوندي هئي. ڪير شيعو آهي ڪير سني، اهو ضروري نه هو. سڀ اهل بيت کي چاهڻ وارا هئا. ان قسم جو جهيڙو اسان وٽ هرگز نه هو.
هڪ هوندو هو سڀاڳو شيدي، ان کان علاوه اسڪول ويندي شاهي بازار ۾ ڀنگ جي دڪان جي اڳيان امبر شيديءَ کان به سڀ واقف هئا. هڪ راحب شيدي هو جيڪو شهر جي شوقين ماڻهن جون ٻڪريون چاريندو هو. انصارين جي گهٽيءَ کان شروع ٿيندو هو درن تي ڏنڊو هڻي رڙ ڪندو هو “ٻڪريون ڇوڙيو”. مون کي لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبداللطيف انصاريءَ به هڪ ڀلي ٻڪري پالي هئي، جنهن کي پڻ روزانو راحب وٺي ويندو هو . راهب هو سو ٻڪرار، پر هر ماڻهو هن جو خيال ڪندو هو جو هو هر هڪ سان عزت سان پيش ايندو هو.
هڪ “عاج” ۽ “شيش” نالي به هالا جا شيدي مشهور هئا. منهنجو مطلب آهي ته اسان وٽ آفريڪا جي شيدين لاءِ (جيڪي بدقسمتيءَ سان غلام ٿي آيا)، اها نفرت نه هئي، جيڪا اسان آمريڪا ۾ رهندڙ شيدي غلامن لاءِ پڙهون ٿا ... يا آمريڪا ۾ رهڻ دوران محسوس ڪئي. اسان وٽ ته ڪيترن ئي وڏن ماڻهن، وڏي ذات پات هجڻ جي باوجود شيدياڻين سان شادي ڪئي ۽ هنن کي پاڻ برابر سمجهيو ٿي. آئون ننڍو هوس ته منهنجي ڏاڏيءَ وٽ هن جي همعمر بختيءَ نالي هڪ شيدياڻي ايندي هئي، جنهن لاءِ هوءَ ٻڌائيندي هئي ته منهنجي والد جي هوءَ کير شريڪ ماءُ به ٿئي ۽ منهنجو پيءُ هن جي وڏي عزت ڪندو هو. ستين ڪلاس تائين جيسين آئون هالا ۾ هوس، آئون به هنن جي گهر ويندو هوس. هن جو پوٽو هالا جي شيدين ۾ سڀ کان گهڻو پڙهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس وارن ڏينهن ۾ هو اتي پروفيسر ٿي رهيو، جنهن کان نه فقط هالا جا پر سڄي سنڌ جا شاگرد واقف هوندا جيڪي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهيا. ڪيترا ته هن جا شاگرد به ٿي رهيا. نالو هوس پروفيسر لونگ شيدي. ڪجهه سال اڳ هو گذاري ويو. سندس زال گلزار هالا جي بهترين ڳائڻي هئي. شادين مرادين ۾ هوءَ پنهنجي گروپ سان گڏ ڳائيندي هئي. اسان جي ننڍپڻ وارن ڏينهن ۾ ڪٿي هيون ٽي ويون ۽ وڊيو؟ اسان گلزار، آمون ۽ قدم نالي شيدياڻين کان ئي ڳائڻ ٻڌو ... انهن جي راڳن جا ڪجهه مشهور ٻول اڄ به ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن:
”راڻل منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ الا،
ڀينر ڀلي ڀلي ڙي آيو ....“
يا
”لاڏو بڻجي آيو، سينگار ڪري،
او پيار ڪري ....“
يا
”تارن جي ڇانوَ ۾
لاڏو ڏٺوسين
بَنرو ڏٺوسين....“
ريڊيو ٽرانسسٽر ئي اسان فرسٽ ييئر ۾ ڏٺو، جڏهن اسان جو ڪلاس ميٽ لاڙڪاڻي جو اختر عباسي (حاجي منور عباسي جو ننڍو ۽ سينيٽر صفدر عباسيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٺي آيو هو. پهريون دفعو ٽيپ رڪارڊ مون 1970ع ۾ ممباسا مان خريد ڪيو هو. سو خوشيءَ جي موقعي تي هالا شهر جي گهرن ۾ ڦاپو مڱڻهار يا شيدياڻين ٿي ڳايو. شيدياڻين جو ان زماني ۾ ڳائڻ ”موسٽ ماڊرن“ سمجهيو ويو ٿي. ايتري قدر جو ڦاپو مڱڻهار منهنجي ڏاڏيءَ سان دل جو حال اوريندي هميشه ان ڏک جو اظهار ڪندي هئي ته اسان پوڙهين جو ڳائڻ ته ڪو به پسند نٿو ڪري. اسان به ضد ڪندا هئاسين ته ڦاپو مڱڻهار نه اچي. پوءِ ڏاڏي سمجهائيندي هئي ته ان کي گهرائڻ به ضروري آهي جو اها اسانجي احطي آهي ... يعني هنن جو پيڙهين کان اهو ڪم آهي. هنن جا مرد خوشيءَ جي موقعن تي گهٽيءَ ۾ اچي شرنائيون وڄائي گهور وٺندا هئا. شيدياڻيون سريلي آواز واريون ۽ سهڻيون سمجهيون ويون ٿي. هنن جا ٽي گروپ هئا: هڪ گلزار جو جنهن سان سندن ڪميونٽيءَ جي پروفيسر لونگ شادي ڪئي. باقي ٻن مان هڪ آمون شيدياڻيءَ جو ۽ ٻيو قدم شيدياڻيءَ جو ٽولو هو. سندن ڳائڻ توڙي نچڻ فضيلت وارو هوندو هو. سندن ڳالهائڻ ٻولهائڻ به اخلاق وارو هو ۽ ڪا به عورت توڙي مرد هنن جي گلا نه ڪندو هو.
خوشي ملهائڻ واري گهر وارا هڪ ڏينهن اڳ مائي اُستي (حجامڻ) ذريعي اوڙي پاڙي وارن کي ڳائڻ جو سڏ موڪليندا هئا. پوءِ اڱڻ ۾ آمون يا ٻي ڪنهن شيدياڻيءَ جون ساٿياڻيون وچ ۾ گلم تي ويهي دهل تي ڳائينديون هيون. مهمان زالون ڳائڻ وارين جي چوڌاري ويهنديون هيون. راڳ جا شوقين مرد ڪمري ۾ اندر ويهي ٻڌندا هئا. پوءِ ڪيترا ڏينهن عورتون عورتن سان ۽ مرد مردن سان event جو ذڪر ڪندا رهندا هئا. اڄڪلهه ته يوٽيوب تي روزانو نوان گانا ٿا لوڊ ٿين پر انهن ڏينهن ۾ شادين جي موسم ۾ جيڪو ڳائڻ ٿيندو هو ان ۾ هر ڳائڻي: آمون، قدم يا گلزار جي ڳائڻ جي راڳن جو پنهنجو پنهنجو سيٽ هوندو هو ۽ مون کي حيرت آهي ته ٻڌڻ وارا ساڳيا ساڳيا راڳ ٻڌي بيزار به نه ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ان ساڳي سيٽ ۾ ڪنهن نئين راڳ جو واڌارو ٿيندو هو ته اها ڳالهه هڪ خبر طور، بلڪ ”بريڪنگ نيوز“ طور ٻين کي ٻڌائي ويندي هئي! ڇا ته واندڪائي ۽ قناعت جو زمانو هو!
بهرحال هتي اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ لکي رهيو آهيان ته اسان وٽ شيدڪي قوم هر فن مولا آهي. پورهئي ۾، راندين ۾، چرچن ڀوڳن ۾ - توڙي سريلي آواز ۾ ... ۽ اسان وٽ شيدين کي گهٽ يا ڌاريون نٿو سمجهيو وڃي، جيئن آمريڪا ۾ مون ڏٺو ته گورن جي مقابلي ۾ هنن کي نيچ سمجهيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترائي شيدي اعليٰ قسم جا رازا، واڍا، مڪينڪ ۽ مستري آهن. ڪيترا ته تعليم حاصل ڪري سٺا ٽيچر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي ويا آهن ۽ هنن کي اسان جي ملڪ ۽ سوسائٽيءَ ۾ انهن جي ڪاريگري، هنر ۽ پورهئي مطابق قبول ڪيو وڃي ٿو ۽ اسان وٽ ڪاري رنگ ڪري ڪنهن سان نفرت نٿي ڪئي وڃي جيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ اڄ به ڪئي وڃي ٿي. اسان وٽ ته اها چوڻي به عام آهي ته “ڪارو! الله جو پيارو” ۽ ڪيترا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي پيار مان ”ڪارو“ سڏين ٿا، جيئن ملائيشيا ۾ حطام (ڪارو) نالو مشهور آهي. ڪنهن کي عزت ڏيڻ لاءِ ملئي ٻوليءَ ۾ “داتڪ” يعني ڏاڏو سڏيو وڃي ٿو، تيئن اسان وٽ شيدين کي به ڏاڏو سڏيو وڃي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه. مٿي لکيو اٿم ته اسان وٽ آفريڪا کان آيل شيدي غلام، سنڌ ۾ سال اڌ ۾ سنڌي سکي ويا ٿي. بعد ۾ انهن کان يا انهن جي اولاد کان جڏهن پڇيو ويو ٿي ته هو ڪٿان آيا آهن ته هو زنجبار يا زئنزيبار صحيح طرح اچارڻ بدران گهڻو ڪري جهنگبار يا جهنگٻار ٻڌائيندا هئا. ڳالهه اها آهي ته نه فقط هي اڻ پڙهيل پر زئنزيبار ۾ جيڪي اسان جا کوجا، بوهري، گجراتي واپاري ۽ انهن جو آفريڪا يا آمريڪا، انگلينڊ جي يونيورسٽين جو پڙهيل ڳڙهيل اولاد، جڏهن پنهنجي وڏن جي وطن مُندرا، ڀوڄ، ڪنڊلا، مانڊوي، يا هيڏانهن ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊوالهيار پاسي اچن ٿا ته هو پاڻ کي پنهنجي ذات ڏوساڻي، جيواڻي، ويراني، ڀوڄاڻي، ڏيسائي، راجي، ناٿڪ، پارياني، ڌانجي وغيره ٻڌائڻ بدران پاڻ کي “جنگبار والا” سڏرائين ٿا، جيئن مون آخر واري مضمون ۾ ٺٽي پاسي جي سنڌي کوجي “ورثي آڏواڻي” جي احوال ۾، هن جي پٽ سليمان جو احوال لکيو آهي ته هو انڊيا بزنيس ٽرپ تي ويو جتي دل جي دوري پوڻ ڪري هن کي ممبئي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ممبئيءَ ۾ اسماعيلي کوجن جو قبرستان الڳ آهي. اهڙي طرح اثنا عشري کوجن جو قبرستان ممبئيءَ جي علائقي بائڪلام ۾ مائونٽ روڊ تي آهي ۽ “آرام باغ خوجا شيعا اثنا عشري قبرستان” سڏجي ٿو. ورثي آڏواڻي وارا پهرين اسماعيلي کوجا هئا پر پوءِ زئنزيبار ۾ هو سڀ اثنا عشري ٿيا. سو سليمان کي ممبئي جي آرام باغ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي ان تي هن جي گجراتيءَ ۾ لکيل نالي مٿان انگريزي ۾ Jangbarwala لکيل آهي. هي اهو قبرستان آهي جنهن ۾ جناح صاحب جي زال رتي (رتن ٻائي) جيڪا 1929ع ۾ گذاري وئي، دفن ٿيل آهي، اهو ان ڪري جو جناح صاحب اثنا عشري کوجو هو.
الطاف شيخ
ڪراچي
1- نومبر 2020