مهاڳ
گارشيا جي ٽن عظيم ناولن جو مرڪز ماڪوندو جو ڳوٺ آهي. هو، ڦري گھري ڳالھه اچي ماڪوندو جي ڳوٺ تي کُٽائي ٿو. هُن وٽ ورجاءُ ان ڪري آهي جو ماڪوندو ڪوهيڙي جيان سندس من کي ويڙهيل آهي ۽ هر جادوئي ڏيک ۾ پراسراريت پردي پويان موجود آهي. اقرار به اهڙي ڳوٺ جا در کوليا آهن. لاتعداد لافاني ۽ هر ڪردار سان جُڙيل انيڪ ڪهاڻيون. هيءُ ڪتاب نه آهي، اکيون آهن ۽ اهي اکيون هر صفحي مان ٻاهر نهاري ڪجھه ٻڌائڻ چاهين ٿيون.
ناسٽلجائي ڪتاب ڄڻ قبرستان هوندا آهن ۽ هر صفحي جي قبر مان ماضيءَ جو آواز اگربتيءَ جي دونهين جيان اڀري اڪيچار دائرا ٺاهي نت نوَن منظرن ۾ تبديل ٿيندو رهندو آهي. ڏک جون لهرون جسم ۾ ڇوليون هڻي اکين مان پلٽجي پونديون آهن. ماڻھو مٽيءَ ۾ دفن ٿئي ٿو ۽ يادون ڪتابن ۾. مٽيءَ ۾ دفن ٿي ماڻھو مِٽجي وڃي ٿو ۽ ڪتابن ۾ اچي جيئرو ٿي پوي ٿو. وڏڙا جيئرا آهن ته ننڍڙا انهن جي ميراث آهن، وڏڙا گذاري وڃن ٿا ته ننڍڙا انهن جا وارث آهن. سندن يادون اسان جي ميراث آهن ۽ اقرار پنهنجو فرض نڀائيندي هر هڪ ڪردارکي ائين ساريو آهي جو اهو يادگيرين ۾ سمائجي ٻيهر جيئرو ٿي پيو آهي.
هڪ ڳوٺ ۽ ان چوڌاري ايڏا منفرد ڪردار! منهنجي بدنصيبي چئجي جو ان ڳوٺ ۾ پيدا نه ٿيس نه ته انهن ڪردارن تي گھٽ ۾ گھٽ ويهه ناول ته ضرور لکان ها.
منهنجو ڳوٺ منهنجن وڏڙن جو ڳوٺ هو. مان شهر ۾ ڄايس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو. اُن ڳوٺ جا ڪردار اڄ به منهنجي ذهن ۾ آهن، جڏهن ته شهر جا ڪردار دونهين ۽ رش ۾ گم ٿي چڪا آهن. منهنجين ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ان ڳوٺ جو ذڪر آهي. افسوس! اهو ڳوٺ هئو پر هاڻي ڳوٺ نه رهيو آهي. ڪجھه عرصو اڳ اُتي وڃڻ ٿيو. ماڻھو نظر آيا، پکي نظر نه آيا.
اقرار جا خاڪا پڙهي مان ان رستي ۾ تبديل ٿي ويو آهيان جيڪو منهنجي ڳوٺ ڏي ويندو هو. ان رستي جي پاسي ۾ هڪ پراڻو خشڪ کوهه هو. ماڻھو مئل اٺ ان کوهه ۾ اڇلائيندا هئا. کوهه مٿان کبڙ جي ڏنگن ڦڏن وڻن ۾ پاريهرن جي اکين جهڙا ڳاڙها پيرون، موسم جي سموري سموري سواد کي جذب ڪيو پکين کي پاڻ ڏي سڏيندا رهندا هئا. ان کوهه مان ڪڏهن به مئل اٺن جي بوءِ نه آئي. ماضي به اهڙي کوهه جيان آهي جنهن ۾ يادن جا اٺ دفن آهن. اٺ، جن تي ڪڏهن حال سواري ڪئي ۽ اسين وقت جو مستقبل، جيڪي حال ۾ ويهي انهن کي ساريون ٿا.
“سامي سُهاڳي” کان اڳ مون اقرار پيرزادي جو هِن کان پهريان شايع ٿيل ڪتاب “جن سين لنئُون لاڳي“ پڙهيو، جنهن ۾ هن جو پنهنجي والد صاحب، اڪن پيرزادي تي لکيل خاڪو پڙهي تعجب ۾ پئجي ويس ڇو جو ڪجھه لکندڙن جون لکڻ وقت همدرديون ڪردارن سان هونديون آهن. اهي وچٿرو قلم نه هلائيندا آهن پر اقرار جنهن طريقي سان لکي ٿو، ان طريقي ۾ ڪا به طرفداري نه آهي، پڙهندڙ پاڻ منصف ٿي راءِ قائم ڪري ٿو ته اهو ڪردار ڪهڙي حيثيت لهڻي. پڙهندڙ پاڻ ان ڪردار جي گُڻن اوگڻن جي ڪٿ ڪري ٿو.
هي خاڪا پڙهي محسوس ٿيو ته رنگ، رنگ سان ملي هڪ نئين رنگ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
سنڌ جا ڪي ڳوٺ اهڙا آهن جن ۾ رهندڙ سڀ مذهبي خيال ملان نظر ايندا، سندن مقصد نماز پڙهڻ ۽ پڙهائڻ آهي. ڪي اهڙا ڳوٺ به آهن جن ۾ موالين جي اڪثريت آهي پر ٻلهڙيجيءَ جو رنگ ڏسي يقين نٿو اچي ته سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ماڻهن کي اهڙو مختلف ماحول به ميسر آهي: راڳ رنگ جون محفلون، ساز ۽ آواز، وقت جي مشهور ڳائڻن ۽ ڳائڻين جا ڊاٻا ... ائين لڳي ٿو ڄڻ ڳوٺ جو هر ڪردار هڪ آرٽسٽ آهي. شعر ۽ ادب ته پنهنجي جاءِ تي پر فن جي ٻين صنفن سان لڳاءُ هِنن ڳوٺاڻن جو غيرروايتي پڻو آهي. اقرار ڪردارن جي نفسياتي روين کي جنهن ڏانءُ سان بيان ڪري ٿو، اهو ڏانءُ فطرت جي ويجهو نظر اچي ٿو. هن وٽ وڌاءُ نه آهي پر ڪردار جيئن آهن تيئن سچائيءَ سان ظاهر ٿين ٿا. هو ٿورن لفظن ۾ گھڻو ڪجھه بيان ڪري ٿو. هن جون يادگيريون اهڙو ڪشادو ميدان آهن، جنهن ۾ ڪردار پنهنجي پنهنجي خوبين توڙي خامين سميت آسانيءَ سان سمائجي وڃن ٿا، جيئن هي ٻڌائي ٿو ته سلامت علي خان پنهنجي پٽ شرافت علي خان کي ڄمندي ئي ڪن ۾ سمپورڻ راڳڻيءَ جي اذان ڏني هئي. ايئن ئي اقرار به هيءُ ڪتاب لکي پڙهندڙن جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو آهي ۽ ان سرٻاٽ کي پڙهندڙ ماضيءَ جي پراسرار گونج جيئن ڪنائيندا رهندا.
اقرار پيرزادي کي هر ساز ۽ ان جي ادائيگيءَ جي باري ۾ ڄاڻ آهي. هر ڪردار جي هر ڳالھه سندس ذهن ۾ آهي. هن جو حافظو تيز آهي جيڪو هر منظر سان نروار ٿيندو رهي ٿو.
ڪاريهر فقير جيڪو يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندڙ فنڪار هو، ان جي چهري جي منظر نگاري، الميو ۽ ڳائڻ جو انداز، کيس هڪ منظر جيان سامهون آڻي ٿو.
ڪلاونت واپاري ڪٽنب جي باري ۾ هو لکي ٿو: “چوندا آهن فنڪار سٺو دڪاندار نٿو ٿئي پر منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ هڪ ڪلاونت ڪٽنب ٽن پيڙهين تائين فن ۽ دوڪانداريءَ سان واهه جو نڀايو.”
اهو سچ آهي ته فنڪار دنيا ۾ بک مري ٿو، خاص ڪري سنڌ ۾، جتي فن جو قدر نه آهي پر هڪ اهڙي ڪٽنب جو ذڪر جيڪو فن سان لاڳاپيل هوندي به پنهنجن پيرن تي بيٺل هو، فنڪارن لاءِ حوصلي جو سنيهو آهي.
اقرار پيرزادي جا ڪردار عام رواجي انسان آهن ۽ اهي اهڙي زندگي گذاري آيا آهن جيڪا زندگي انهن کي الڳ ڪري، اڳيان آڻي ٿي. اهي مٽي ۽ ڳوڙهن جا ڳوٿل ماڻھو، جن جو لباس به مٽي آهي. بظاهر ميرا پر اندر جا اجرا ۽ ماضيءَ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويل ... سندن اکيون ۽ چپ. ڏسندڙ، ڳالهائيندڙ. پيچرن تي ڇڏيل سندن پيرن جا نشان ۽ انهن نشانن ۾ يادن جي ڌڙڪندڙ دل لحظو لحظو، لمحو لمحو ۽ گھڙي گھڙي، گھڙيال جي پوئتي ڦرندڙ ڪانٽن ۾ صدا بنجي گونجي ٿي.
اقرار ٻلهڙيجيءَ جي ماڇين جا ڀوڳ بيان ڪندي لکي ٿو: “هِنن وٽ چرچن جي معاملي ۾ ننڍ وڏائيءَ جو لحاظ ڪار نه آهي، ٺهي آيو ته پٽ پيءُ کي ڀوڳ وهائي ڪڍندو. ان ۾ ڪنهن سان به ڪا رعايت نه ٿيندي. رڳو مڙس ڍاڪ تي چڙهي اچي، اصل مٿو مٿي تي ايندس. گفتو نڪرندي ئي ڪچهريءَ ۾ موجود هر ماڻھوءَ جا پيٽ ۾ هٿ هوندا، اصل کُڙيون پيون لڳنديون پر مجال آهي جو پاڻ ڳالھه پوري ڪرڻ کان اڳ کِلن.”
اقرار وٽ ڪردار نگاريءَ جو ڏانءُ آهي. هر ڪردار حقيقت جو روپ وٺي سامهون اچي ٿو. ”سيدن جا قصا“ ۾، هو انهن جا عجيب ۽ غريب داستان بيان ڪري ٿو. سيد جيئندل شاهه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: “اڪثر سرخ رنگ جي ڀلي گھوڙي تي سوار هوندو هو. مٿي تي سدائين پٽڪو ٻڌل هوندو هئس. سائينءَ جي ڪرائيءَ ۾ بهترين واچ ٻڌل هوندي هئي پر کيس ٽائيم جي خبر نه پوندي هئي. جڏهن ڪو کانئس ٽائيم پڇندو هو ته، واچ ان جي آڏو جهلي چوندو هو: چڱو مون کي به ٻڌاءِ ته ٽائيم گھڻو ٿيو آهي.” اهڙي طرح انهن منفرد ڪردارن جي لڪيل نفسيات، وضاحت کان سواءِ پاڻ ظاهر ٿي سامهون اچي ٿي. مزاح جا عنصر پڙهندڙ کي تازو رکن ٿا جنهن ڪري هي خاڪا پڙهندي ٿڪاوٽ محسوس نٿي ٿئي. جيئن سيد ڪاشل شاهه واري خاڪي ڏسي ٿو ته ملان هارون سومرو نماز پڙهي موالين جي ڪونڊي مان ڏوڏيءَ جو گلاس ڀري پِي وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي گھڙي مان اوتري ئي مقدار ۾ پاڻي ڀري ڪونڊي ۾ وجهي، واردات ڦٽائي گم ٿي وڃي ٿو. هوڏانهن ڏوڏيءَ جا موالي ڪاشل شاهه، وڏيرو حسن علي ۽ ملان جمن جڏهن ان پاڻيءَ مليل ڪونڊي مان ڏوڏي پيئن ٿا ته کين نشو نٿو ٿئي!
هو فقيرن، پيرن ۽ سيدن جا قصا بيان ڪري ٿو جن مان ڪي سخي آهن ته ڪي بخيل. سندس لکڻين مان لڳي ٿو ته هن انهن جي ويجهو رهي مشاهدو ڪيو آهي. هن وٽ ويڄن جي وِڄا جا قصا پڻ آهن، جيئن حاجي فقير ڪلهوڙو، جيڪو حڪمت سان گڏ ستارن جو علم به ڄاڻي ٿو.
الاهي بخش ڍڍيءَ جهڙا ڪردار مون به ڏٺا جن وٽ مخصوص نعرو هوندو هو. ان ئي خاڪي ۾ ڪنزرويٽر صديقيءَ جو دکدائڪ واقعو جنهن کي نيٺ فقير کان معافي وٺڻي پئِي هئي.
ڪلڪل فقير جيڪو مائين کان نفرت ڪري ٿو. ماڇين، ڪاسائين، موچين ۽ عورتن سان هٿ نٿو ملائي. ان وٽ پنهنجا وهم ۽ عقيدا آهن، سنس خيال موجب ڪنهن کان به کاٻي هٿ سان ڪا شيءِ نه وٺبي، نه ڏبي. ڪچهريءَ ۾ ڪنهن کي ڪانڀ ڪڍي ويهڻ نه ڏيندو. ڪو هٿن ۾ منڊا ڏئي ويٺو ته ان کي ڇڙٻ ڏيندو. گھر واريءَ جي وفات کان پوءِ ان جو پاڙي واري مائي خيران سان جهيڙو.
انور پيرزادي، مير محمد پيرزادي ۽ قربان پيرزادي جا خاڪا پڙهي يقين نٿو اچي ته اهڙا املھه ماڻھو ڏيهه ڇڏي ويا.
ان لکيل پڙهيل ڳوٺ جي نوجوانن جون قربانيون به اڻ ڳڻت آهن. کنڀجڻ کان پوءِ جون پيڙائون ۽ عظيم شهادتون ڪنهن کان وسرڻ جهڙيون نه آهن.
هي خاڪا پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ مون ڪتاب نه پڙهيو هجي پر اهڙي ميلي مان موٽيو هجان جنهن ۾ ڪيترائي ماڻھو مرڪندا هجن، روئيندا هجن، ڳائيندا هجن، ملاکڙا هجن. ملان، موالي، ويڄ، ڀوڳائي، پير مريد، استاد شاگرد، اديب شاعر، شهيد ۽ سورهيه سرويچ گھمندي ڦرندي نظر آيا هجن.
هيءُ ڪتاب ان ڪري به منفرد جو سنڌي ادب ۾ شخصيتن کي ايئن ياد نه ڪيو ويندو آهي جيئن اقرار پيرزادي هتي انهن کي ياد ڪيو آهي.
رسول ميمڻ