سائين نور الله آگرو: سخت، رعبدار ۽ اصول پسند استاد
سائين نور الله اٺن ڏهن ورهين جي ٻالڪ جي ترين تي چار پنج لئيءَ جا لڪڻ ته ضرور ڀڃندو هو. اها سزا ته ڪا ڳالھه ئي نه هئي. ايتري عمر جي ٻارڙن کي 100 کان 200 ڀيرا ڪن گوشي ڪرائڻ، سياري ۾ آڱرين ۽ ڏوڏين تي لڪڻ وسائڻ، ڳٽن تي زوردار چماٽون هڻڻ، پٺيءَ تي مڪون توڙي پيٽ ۾ لتون ٺوڪڻ ايڏيون اذيتناڪ سزائون نه هيون؛ هن جو هڪ ٻيو وار ته صفا خطرناڪ بلڪ وحشتناڪ هو: ڇا ڪندو جو ٻار جي ڇاتين ۾ هٿ وجھي، وٺي کڻي مٿي کڻندو. ان مهل ٻار بي آب ماهيءَ جيان ڦٿڪندو رهندو هو ۽ سندس دل چوندي هئي ته ساهه نڪري ته جند ڇٽي.
سائين نور الله محبت ديري جتوئي ڀرسان آگرا ڳوٺ جو ويٺل هو. مشهور ليکڪ غلام رباني آگرو سندس ڳوٺائي، ويجھو عزيز ۽ هم عمر هو. قد بت، رنگ ۽ نقش و نگار ۾ خوبصورت جوان هو. بت ۾ ڀريل، ڊگھو قد، رنگ جو ڀورو، ڪڙڪيدار آواز. سدائين خوش پوشاڪ، ڪڏهن نه سندس ڪپڙن ۾ ڪو گھنج يا داغ ڏٺوسين، توڙي جو هيءُ ڪچي ۾ رهندو هو، جتي سڄو ڏينهن ڌوڙ وسندي رهندي هئي.
سائين نور الله 1974ع ڌاري ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري ڳوٺ وزير ممڻاڻيءَ ۾ پرائمري ماستر ٿي آيو. هفتي جا ڇهه ڏينهن اسڪول جي ڀرسان وڏيري علي محمد ممڻاڻيءَ جي اوطاق تي رهندو هو. تڏهن جمعي جي ڏينهن موڪل هوندي هئي. خميس تي اڌ ڏينهن اسڪول وٺي ڳوٺ روانو ٿي ويندو هو ۽ ڇنڇر تي صبح جو واپس پهچي ويندو هو. ان وقت ٻين اسڪولن ۾ آفيسر وزٽ تي ويندا رهندا هئا پر هن اسڪول جي وزٽ ڪرڻ سندن وس کان ٻاهر هو، ڇاڪاڻ جو ان لاءِ درياهه ۽ ڍنڍ پار ڪري پهچڻو ٿي پيو. ان وقت ڪچي ۾ پوکون گھٽ، جھنگ ۽ ٻيلا گھڻا هوندا هئا. آفيسرن جي اچڻ جا خاص انتظام ڪيا ويندا هئا: ٻيڙين جو بندوبست ڪبو هو، اٺن جو انتظام ڪبو هو. سالياني امتحان لاءِ مهينو کن اڳ ۾ ٻڌايو ويندو هو، جيئن گھربل بندوبست ڪري سگھجي. اهڙي هنڌ تي اسڪول هئڻ جي ڪري استاد نور الله ڊيوٽيءَ کان گسائي ها ته ڪو به کيس روڪڻ وارو نه هو، پر هن ڪڏهن نه گسايو. صبح جو اٺين کان شام جو پنجين بجي تائين پڙهائيندو رهندو هو. ٻارن کي منجھند جي ماني پاڻ سان کڻي وڃڻي پوندي هئي. سندس چوڻ هو ته موڪل کان پوءِ واندو ويهڻو ٿو پوي، ان ڪري ٻارن کي، شام تائين پڙهڻو پوندو. اسڪول ۾ “سنڌي سونهون” (گائيڊ) استعمال ڪندو هو. لفظن جون معنائون ياد ڪرائي ٻڌندو ۽ ٻارن کي هڪٻئي کان چماٽون هڻائيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ٻار ڪهل ڪري ساٿي شاگرد کي هوريان ٿڦ هنئي ته استاد پاڻ ان کي صحيح نموني چماٽ هڻي ڏيکاريندو هو ته معصوم ٻالڪ جو لوڻو ڦري ويندو هو. ان خوف کان شاگرد هڪٻئي کي چماٽون هڻي سڄائي ڇڏيندا هئا.
سائين نور الله وقت جو پابند، کائڻ پيئڻ ۾ وضعدار ۽ وڏو سليقيدار شخص هو. اجايو خرچ نه ڪبو. ڳوٺ کان سائيڪل تي اسڪول ايندو هو. اسڪول پهچي سائيڪل شاگردن کان شيشي وانگر چمڪائي ان کي تالو هڻي بيهاري ڇڏيندو. جنهن ڏينهن ڳوٺ ويندو، ان ڏينهن سائيڪل جو تالو کلندو، ٻيهر ٿوري صفائي ٿينديس ۽ پوءِ ان تي چڙهي روانو ٿي ويندو هو. ڪنهن کي به جرئت نه ٿيندي جو سائينءَ کان سائيڪل گھري سگھي. سورهن سالن کان پوءِ سائيڪل کپايائين ته ان ٻيڻي رقم ڪئي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ عرصي دوران مهانگائي به چوٽ چڙهيل هئي. ٻيو ته سائينءَ جي سائيڪل بلڪل نئين لڳي پئي هئي. ان بعد موٽر سائيڪل ورتائين جيڪا آخر تائين وٽس هئي. سائين نورالله جنهن ڳوٺ ۾ ڊيوٽي ڪندو هو، اتي فقط هڪ ڄڻو سرور صاحب پڙهيل لکيل هو، اهو به گھڻو وقت نوڪريءَ سانگي ٻاهر رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ايندو هو، جنهن سان گڏ سائين نور الله بي بي سي ٻڌندو هو، باقي ته چوراڻو راڄ هو، ڄٽڪو ماحول هو، هڪ ٻئي سان ڪچا چرچا هئا، ٻڌي ڇوڙيءَ جون ڳالهيون هيون، جن کان سائين الڳ ٿلڳ هو، ان ڪري رات جو وقت دوائون ٺاهڻ ۾ گذاريندو هو. سائين حڪمت سان گڏ ايلوپيٿيءَ جو به ٿورو تجربو رکندو هو ۽ ڪچي جي ماڻهن جو علاج ڪندو هو. هن زندگيءَ ۾ ڪو به نشو نه ڪيو ۽ نه ڪڏهن سگريٽ واپرايائين.
وڏيري علي محمد جي اوطاق تي ڳوٺاڻن جي وندر لاءِ تاش به رکيل هوندي هئي پر سائين ڪڏهن به پتن کي هٿ نه لاتو. ڳوٺاڻا راند لاءِ صلاحيندا هئس ته کين چوندو هو: “مان پتا نه سڃاڻي سگھندو آهيان.” رٽائرمينٽ کان پوءِ اسان جي تر جي ماڻهن جڏهن کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ تاش کيڏندي ڏٺو ته چيائون: “سائين، اسان سان ته اوهان ڪڏهن نه کيڏيا، هتي ڪيئن پيا کيڏو؟” تڏهن چوڻ لڳو : “ايئن راند ڪيان ها ته شاگردن تي خراب اثر پوي ها ۽ ڳوٺاڻا به حجائتا ٿين ها، ان ڪري اتي راند نه کيڏيم.”
مان ٽئين درجي تائين سائين نورالله وٽ پڙهيس، جڏهن چوٿينءَ ۾ پهتس ته سائين رٽائر ڪري ويو، جنهن بعد مون پرائمري اسڪول حاجي لعل بخش ۾ داخلا ورتي. هونئن سائين نور الله ٻلهڙيجيءَ جي شاگردن لاءِ به نئون نه هو. ڪچي ۾ ٻوڏ ايندي هئي ته سائين ٻلهڙيجي اسڪول منتقل ٿي ويندو هو. هتي ڪچي جي ابتڙ، والدين ٻارن جي سفارش لاءِ ايندا رهندا هئا ۽ سائينءَ جو اهو اصول هو ته سفارشي ٻار کي سٽڪي ضرور ڏيڻي آهي، پوءِ گسائڻ تان نه ته سبق تان يا وري شرارت تان، ان ڪري پرائمري اسڪول حاجي لعل بخش جا ٻارڙا دل سان دعا گھرندا هئا ته الله ڪري ڪچي ۾ ٻوڏ نه ٿئي. ان دؤر جا اڪثر استاد شاگردن کان گھر جو ڪم ڪار ڪرائيندا رهندا هئا، جنهن ۾ ڪاٺيون ۽ مال جو گاهه ڪرائڻ ۽ اٽو پينهائڻ جهڙا ڪم شامل هوندا هئا. توڙي جو سائينءَ جو هتي گھر نه هو پر ڪچي ۾ رهڻ ڪري ٻين کان ٻيڻو ڪري ويندو هو. ڪچي ۾ جيڪي به وٿون ٿينديون هيون، اهي مند سان کيس ضرور ملنديون هيون، جهڙوڪ چڻن جي پلي، سرنهن جو ساڳ، مٽرن جون ڦريون، چڻن جا ڦوٽا، ٻير، کنڀيون،داليون وغيره ته وٺي ويندو هو، ان سان گڏ سال ۾ ٽيهه سير کن ماکي ۽ اڌ مڻ مکڻ به گڏ ڪري ويندو هو. اهڙي طريقي سان شاگردن کان مڃ پِڃائي اها اڌ تي ڏئي سال ۾ ويهارو کن کٽن جو واڻ به وٺي ويندو هو. کٽن جي ٻانهين لاءِ ٻير جون ڪاٺيون به مفت ملي وينديون هئس. هر سال امتحان تي ٻه اڍائي کارا ڪڪڙين جا به وٺي ويندو هو. ان حوالي سان سندس هڪ ئي نعرو، هڪ ئي اعلان هوندو هو: “ڪڪڙ ڪري ٽان، پاس ڪيانءِ مان.” شاگرد جي ڪارڪردگي سٺي هجي يا خراب، کيس امتحان تي ڪڪڙ ضرور ڏيڻو پوندو هو.
سائين نورالله معصومن کي ايڏي مار ڏيڻ باوجود قرار محسوس نه ڪندو هو، ماري ماري هچ ٿيڻ کان پوءِ چوندو هو “خدا جي خوف کان ٿو ڊڄان، نه ته جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ سبرائي ڇڏيانءِ ته وتين هينگون ڏيندو!” اهو ته چڱو جو سائينءَ کي خوفِ خدا هو، نه ته معصوم ٻارن سان ان کان وڌيڪ الائجي ڪهڙو قهر ٿئي ها. سائين نوڪري پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائرمينٽ ورتي. اڃا سندس عمر سٺ ورهيه نه ٿي هئي. پينش وٺڻ لاڙڪاڻي ويندو هو، ته اسان جي اوطاق تي ضرور ايندو هو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ٽريڪٽر ورتائين. پنهنجي زمين پاڻ کيڙيندو هو.
سائين نور الله دل جي دوري سبب 1992ع ۾ وفات ڪئي. مڙسي ۽ شرافت سان وقت گذارڻ سبب اڄ به اسان جي تر ۾ کين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو.
***