انو ابڙو: ٽانڊي تپڻو پڪوازي
سر ۽ سنگيت جو شائق هي شخص نرالي طبيعت جو مالڪ هو. هئو ته هڏڙن جي مٺ پر هئس ڄانڀي جا پاڻي! ٿوري ٿوري ڳالھه تي چاٻي کڻندو ۽ آپي مان نڪري ويندو، جيڪو لفظ زبان تي آيس ڦهڪائي ڪڍندو پر ويرم نه گذرندي ته سڀ ڪجهه وساري ويهندو، ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي نه هو... پر اسان کي لُڙ ۾ مزو، سو هُن جي غصي، غضب، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ واريون ڳالهيون سندس ئي آڏو ويٺا ورجائيندا هئاسين. ڪاڪو انو سُر سنگيت ۽ مئخاني جو ماڻھو هو. ورهيه گڏ گذريا هئا، سو ماضيءَ جي بي ضرر رنج رسامن جون يادون ڪڏهن ڪڏهن نيڻ آلا ڪري ڇڏينديون آهن.
انو، ٻلهڙيجيءَ جي وڏيري خاڪي ابڙي جو ننڍو پٽ هو. سندس هڪ ڀاءُ وڏيرو نواب ابڙو جوانيءَ ۾ ملھه پهلوان ۽ باقي عمر ملھه راند جو سرپرست ٿي رهيو. سندس ٻيو ڀاءُ قادن ابڙو ڪاٽڪو مڙس هو، جنهن سکر سينٽرل جيل ۾ پساهه پورا ڪيا. انو ٻنهي ڀائرن جي ابتڙ هاري، پورهيت ۽ مالوند ماڻھو هو.
ڪاڪو انو 1950ع ڌاري ٻلهڙيجيءَ ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ٻه درجا مس پڙهي سگھيو، پوءِ پنهنجو مال چارڻ لڳو. ان وقت اسانجي ڳوٺ ۾ استاد علڻ، ميهر فقير ۽ مزني فقير جو جوڙ هوندو هو، جن جي سنگت ۾ انو به راڳ کي آڏا ابتا جانٺا هڻڻ لڳو. فنڪارن کي پيڇو ڳارائيندو هو. اڳتي هلي هن، ڳائڻ تان ڌيان هٽائي پڪواز ۾ دلچسپي ورتي ۽ پڪواز به جوانيءَ کان پيريءَ تائين اهڙي وڄايائين جو نه وڄائي ها ته ڀلو! ان جي باوجود همراهه ڳائڻن جي مجبوري بڻيل هو، ڇاڪاڻ جو مزني فقير جي مُئي پڄاڻا ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو پڪوازي ئي نه ٿيو.
پهريان ئي عرض ڪيم ته همراهه هئو ٽانڊي تپڻو. هڪ دفعي ٻاهران آيل مهمان هن کي سندس وڏو ڀاءُ قادن سمجھي ساڻس چرچو ڪيو، جنهن تي هي چڙي پيو ته مهمان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو، سو کيس صحيح سڃاڻي چوڻ لڳو: “اڙي ابا، تون طبلائي آهين، يار معاف ڪجانءِ! مون توکي قادن سمجھيو. ادا طبلائي، واقعي توسان پنهنجي اهڙي حجت ناهي.” ان ڳالھه تي ڪاڪو انو ويتر باهه بڻجي اُلا اوڳاڇڻ لڳو، باقي سڀ ماڻھو کل ۾ ٻُٽيا پيا هئا.
ٻئي ڀيري ڀر واري ڳوٺ جو هڪ فنڪار يڪتارو ڪلهي تي ڪري ٻلهڙيجي پهتو. ٻيو ڪو سازيندو ساڻ نه هئس. ڪاڪي ان کي ساڻس سنگت ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو. ان ڏينهن معمول جي ابتڙ ڪاڪي اني به وڏا وس ڪيا. محفل ختم ٿيڻ تي فنڪار جي ٿي ڦِٽي، سو ڪچهريءَ وارن کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو: “اڃا وڄتو مزي وارو نه هو، نه ته محفل اور ٿئي ها!” هن جو اهو گفتو ڪڍڻ ۽ ڪاڪي اني جو توائي ٿيڻ! چي: “تو وري ڪهڙيون تانون ويٺي هنيون. جهڙي نموني مون ڪلها پئي هنيا، اهڙي نموني تو به ٻوٻراٽ پئي ڪيا. بي سُرا، يڪتاور کنيو پنندا ٿا وتو. اڙي، هجو ها فنڪار ته هٿڙيو ساڻ هجيوَ ها!” ويچاري فنڪار کڻي ماٺ ڪئي پر هي يار اصل جھلجي ئي نه.
هڪ دفعي گاجي کهاوڙ جو فقير حسين لاشاري اسان جي ڳوٺ ۾ آيو، جيڪو ڪنن کان گھٻرو آهي ۽ ڳائڻ جو علم به نه اٿس. نه ئي وري ڪي آواز ئي چڱا اٿس. ملوڪ شاهه جي درگاهه تي محفل جاري هئي. گُر گسڻ مهل حسين فقير چيس: “ڳالھه ٻڌ، اسان سان جيڪو پڪوازي گر تي گسندو آهي، تنهن کي چماٽ وهائي ڪڍندا آهيون!” ڪاڪو انو صفا ڳاڙهو ٿي ويو. ٻئي هٿ حسين فقير جي ڳچيءَ ۾ وجھندي چيائين: “اسان کي به جيڪو ائين چوندو آهي، ان جي ڳچي پڪڙيندا آهيون!” حسين فقير جا دوڏا نڪري آيا. نيٺ اسان وچ ۾ پئي کين ڇڏائي ورتو.
هونئن ڪاڪي اني جي هٿ ۾ بنهه مزو نه هو پر گُر جو پڪو هو. هڪ ڏينهن استاد علڻ جي مئخاني تي ٻارهينءَ جو وار هو. ڪاڪو انو پڪواز کڻي پهتو پر ڪو ڳائڻ وارو موجود نه هو. نيٺ هڪ شوقيه فنڪار ديدار انصاري ڳائڻ لاءِ تيار ٿيو. ڳائيندي، ديدار جو گُر تي نه آيو ته ڪاڪي کيس ڇڙٻ ڏئي چيو “اڙي، اهو ڇا ٿو ڪرين!” ديدار پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو “انا، معاف ڪجانءِ!” “معاف ڪجانءِ” جا لفظ ٻڌندي ئي ڪاڪو پاڻيءَ مان نڪري ويو، چي: “ڪهڙو منهنجو خون ڪيو ٿِي، ڪهڙا ڏنڊا هنيا ٿِي جو معاف ٿو ڪرائين يا مان ڪهڙو توکان پنان ٿو جو معافي ٿو گھرين!” ويچاري ديدار جيئن تيئن ڪري جان ڇڏائي.
ڪاڪي اني ڏهاڪو ورهيه ڳوٺ ۾ هوٽل به هلائي. 1985ع ۾ مهين جي دڙي تي واپڊا اسڪارپ جي هڪ پروجيڪٽ ۾ ڪچو ملازم ٿيو. اڳتي هلي ڪجھه ملازم واپڊا ۾ ضم ٿيا، باقي ماڻهن کي نوڪرين تان جواب ڏنو ويو. ڪجھه ورهين کان پوءِ ڪاڪي اني کي مُهين جو دڙو اٿارٽيءَ ۾ ٻيهر ڪچي ملازم طور ڀرتي ڪيو ويو. عمر گذري ويس پر پڪو نه ٿيو، اها ٻي ڳالھه آهي ته مستقل ٿيڻ لاءِ همراهه پنهنجي عمر به اٺ ورهيه گھٽ لکرائي هئي. شادي دير سان ڪيائين، گھر واري جلد گذاري ويس. هن کي ٻه پٽ ٿيا، جيڪي پنهنجي ناناڻن وٽ ڀر واري ڳوٺ ڍنڍ ۾ رهيا ۽ هيءُ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽن سان گڏ رهيو. هن آسودائپ به ڏٺي ته غربت ۾ به گذاريو. عمر جي آخري حصي ۾ به ڪو نه ڪو ڍور هوندو هئس، جنهن جي لاءِ گاهه پٺي جو انتظام ڪرڻ ڄڻ سندس ڊيوٽيءَ ۾ شامل هو. هڪ پراڻي سائيڪل هوندي هيس، جنهن تي چڙهي ڊيوٽيءَ تي ويندو هو ۽ اتان سنگت ساٿ سان ڪچهري ڪري کانئن گاهه وٺي سائيڪل تي رکي واپس ڳوٺ پهچندو هو.
هڪ ڏينهن اسان مئخاني ۾ ويٺا هئاسين جو ڪنهن ٻڌايو ته ڪاڪو انو سائيڪل تان ڪِري بيهوش ٿي ويو آهي. استاد اختيار۽ ممتاز موٽر سائيڪل تي چڙهي وٽس پهتا، تيستائين ڪاڪو انو سامت ۾ اچي چڪو هو پر سائيڪل هٿ تي ڪاهيون پئي آيو. همراهن کانئس سائيڪل وٺڻ جِي ڪندي ڀرجھلو ٿيندي پڇيو: “ڪاڪا ڇا ٿيو؟”هن، سندن سهڪار قبولڻ بدران همراهن جي چڱي خاصي لفظي مرمت ڪئي: “اڙي، ڇاٿيو آ مونکي؟ تماشائي ڀيڻان. هاڻي وڃي سڄي ڳوٺ کي ٻڌائجو. بي حيا، بي شرم!” سائين اختيار ۽ ممتاز چڱائيءَ جي بدلي ڇڙٻ کائي ڀيلڙو منهن ڪري واپس موٽي آيا.
ڪاڪي اني ٻه ڀيرا سيوهڻ کان لاهوت لامڪان جو پيادل سفر ڪيو. اسان سان شاهه، سچل، لال شهباز قلندر ۽ ٻين ميلن ملاکڙن تي هلندو رهندو هو. ڪلاسيڪل راڳ جو وڏو شوقين هو. شاهه، سچل ۽ مصري شاهه جي شاعريءَ جو شائق هو. ٻين نوجوانن جي ڀيٽ ۾ سائين اختيار ۽ مون سان سُٺو هلندو هو. اسان کيس پنهنجي پسند جي موضوع تي ڦيري ٿلھه ٻڌي پوءِ چرچا ڪندا هئاسين، جنهن کان پوءِ سندس چڙ ختم ٿي ويندي هئي ۽ ڪوڙي ڪاوڙ ڏيکاريندي اڪثر چوندو هو: “آهيو ماستر، باقي سڌريا ڏاڍا آهيو!”
2015ع جي آخر ڌاري قوم پرست شاگرد اڳواڻ حفيظ پيرزادي جي گرفتاريءَ تي ڳوٺاڻن ڀرپور احتجاج ڪيو. ٺيڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ رينجرز ڳوٺ تي وري ڇاپو هنيو. جمعي جو ڏينهن هو، ملوڪ شاهه تي جمعي جي محفل ٿي رهي هئي. رينجرز خوف پکيڙڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، ڳالھه هُلي وئي ته سڄي ڳوٺ جي تلاشي وٺندا. ڪاڪي اني جي کيسي ۾ وزم ذري پيل هئي. همراهه جهنگ جي خيال سان اٿي روانو ٿيو. محفل ختم ٿي. خبر پئي ته ڳوٺ ۾ خير آ، رينجرز به واپس وڃي چڪي هئي. اني گھر وڃڻ بدران کٻڙ جاچڻ شروع ڪيا. صبح تي خبر پئي ته همراهه، ٻڌجڻ جي خوف کان اهو وزم، پنج هزار رپيا روڪ ۽ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڪٿي پوري رکيا هئا، جيڪي ڪو شاهينگ اتان ڪڍي ويو. پوءِ ته جڏهن به اسان اها ڳالھه ڪڍندا هئاسين ته ڪاڪو انو ان چور جي ابن ڏاڏن کي پيو ياد ڪندو هو.
هڪ ڀيري ٻنڊيءَ جي موسن شاهه واري درگاهه تي ڪاڪي اني کي ڪنڌ هڻندي ڏسي ڪجھه شرارتي ڇوڪرن مذاق ڪرايس ته: “اوهان جي محفل ۾ وڏو مزو آيو، اسان کي ايڊريس ڏيو، اوهان جي دعوت ڪنداسين.” ڪاڪو انو به ڳالھه سمجھي ويو، ٺهه پهه چيائين: “اسان بي سرن جي دعوت ناهيون قبوليندا.” آخري وقت تائين جوهر جھڪا نه ٿيس، جنهن به پڇيس “انا ڪيئن آهين؟” ان کي چڙي جواب ڏنائين: “اڙي، ڪو نپٽ انڌو آهين، نڀاڳا! ڏسين ٿو ته کٽ تان لهي نٿو سگھان، پاڻ کڻائي ٿو پهچان ۽ تون پڇين ٿو ته ڪيئن آهين!؟” وصال کان ٽي ڏينهن اڳ اهڙي گفتگو ويهارو کن ماڻهن سان ڪري چڪو. مان جڏهن ساڻس مليس ته اهي سڀ ڳالهيون کلندي ٻڌايائين، چوڻ لڳو: “يار! سمجھان ٿو ته اهو غلط ٿو ڪيان پر پنهنجي وس ۾ ناهيان، ان ڪري پنهنجا ڇوڪرا ٻاڪرا به ڀڄي وڃن ٿا. هڪ ٻه ڀيرا ڪاوڙ ۾ پنهنجا وار به پٽيا اٿم. ڇا ڪيان، بس، ٿيو وڃي.” ان ڏينهن به اسان جي ڪچهريءَ جا موضوع حسن، عشق، سُر سنگيت ۽ پنهنجي ڳوٺ جا پراڻا فقير ۽ سندن قصا هئا. آخر ۾ هن مون کي چلم پياري وڃڻ جي اجازت ڏني.
4 جون 2016ع تي اسد جتوئيءَ جي ڀاءُ جي وهانءُ تي محرابپور ۾ مون کي ڪاڪو انو ڏاڍو ياد اچي رهيو هو. پاڻ ڀلي ڪهڙو به وڄتو هجي پر گند ڪندڙ فنڪار لاءِ شامت هو ۽ ان جي سٺي “عزت افزائي” ڪري ڄاڻندو هو. اسان رات جو اڍائي وڳي محرابپور مان اٿي ڍنڍ ڳوٺ ۾ صوفي سهڻي فقير جي محفل ٻڌي سج اڀاري نڪتاسين. ڳوٺ پهتاسين ته ڪاڪي اني جو ڀائٽيو اعجاز مليو، جنهن ٻڌايو ته چاچو اڳ جي ڀيٽ ۾ رات مزي سان هو. ڏاڍا چرچا ڪري سڄي گھر کي کلايائين. اڌ ڪلاڪ نه گذريو جو خبر پئي ته ڪاڪو انو به ويو ڏيهه ڇڏي! مان اُٿي سندس تڏي تي آيس. پنج منٽ کن ويٺو هوندس ته موبائيل جي مئسيج ٽون وڳي. علي حسن جو مئسيج هو: “اڄ اسان کان اياز جاني جدا ٿي ويو!” ڪنهن ڏاهي واقعي صحيح چيو آهي ته: “زندگيءَ جي گلستان جو مالهي موت آهي، وڻيس ته پَڪا پٽي، وڻيس ته ڪَچا!” ***