مائي جيوڻي: راڳ جي هڪ يادگار محفل
هتي اهڙيون ته يادگار محفلون ٿيون، جيڪي اڄ به ڪچهرين جو موضوع هونديون آهن. اهڙي ئي هڪ محفل 1944ع ۾ خدابخش پيرزادي عرف ڪاڪي خدوءَ جي وهانءَ تي ٿي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور فنڪاره جيوڻي ٻائيءَ سُر وکيري ميلن تان ماڻھو موٽايا هئا. مون اها محفل ته نه ڏٺي جو ان وقت بابو ئي نه ڄائو هو، البت اهڙن ماڻهن جون ڪچهريون ضرور ٻڌيون، جن اها محفل پنهنجي اکين سان ڏٺي هئي. اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ به جهونڙا ايئن ڳالھه ڪندا هئا، ڄڻ هاڻي هاڻي اها محفل ٻڌي آيا هجن. ماضيءَ جي انهيءَ يادگار محفل بابت ڳالهيون ڪندڙن ۾ فقير يارمحمد، وڏيرو امام بخش پيرزادو، گل فقير مڱڻهار، الهڏنو مڱڻهار، استاد علڻ، ميان علي حيدر پيرزادو ۽ ٻيا شامل هئا.
ان وقت نه ته ڪي روڊ رستا هئا، نه وري سوارين جو ڪو بندوبست هو. اچ وڃ جو وڏو ذريعو ڏاند گاڏيون، ريل گاڏي يا وري ٻيڙيون هونديون هيون. تڏهن محفل هزارن جي نه پر رپين جي ٿيندي هئي. ماڻھو آنو ٽڪو انعام ۾ ڏيندا هئا. جيوڻيءَ جو ٻڌي پري پري کان ماڻھو پيرين پنڌ اچي پهتا هئا پر ڪنهن سبب مائيءَ کي ڪاڄ ۾ پهچندي گھڻي دير ٿي، جنهن ڪري خلق مايوس ٿي موٽي وئي. جيوڻي جنهن مهل پنڊال ۾ پهتي ته اتي ڪجھه ساڏِي ويٺل هئا پر گھڻا ماڻھو واپس وڃي چڪا هئا. جيوڻيءَ سان سنڌ جو انتهائي سريلو ڪلاسيڪل فنڪار خانصاحب استاد خيرمحمد ماڙيچو به ساڻ هو، جيڪو استاد عاشق علي خان، بڙي غلام علي خان، استاد الهڏني نوناري ۽ بيبي خان جي جوڙ جو گوَيو هو. هو، راڳ وديا جي وڏي ڄاڻ رکڻ سان گڏ انتهائي مٺي آواز جو مالڪ هو، پر هاڻي سپڙتائي ڪري رهيو هو، معنيٰ هُو فنڪاره جو فقط سازيندو هو. جيوڻي ٻائيءَ جي دير سان پهچڻ تي ڪاڄ ڌڻين ڪاوڙ ڏيکاريندي چيو “مائي، دير ڪري آئي آهين، ماڻھو انتظار ڪري موٽي ويا، هاڻ ڪنهن کي راڳ ٻڌائيندينءَ!؟” جيوڻي کانئن پڇيو، “ڀلا، ماڻھو ڪيترو پري ويا هوندا؟” جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته ماڻھو ٻه اڍائي ميل جهاڳي ويا هوندا. تڏهن جيوڻي چيو “اجهو ٿي کين واپس آڻيان!” ايئن چئي ڪن تي هٿ رکي آلاپ ڪيائين. وڏو، چٽو ۽ درديلو آواز، عشق جي آهه جهڙو آواز. اهڙو اتاهون ۽ نرالو آواز جنهن جي به ڪن تي پيو، تنهن اتان ئي ٻلهڙيجيءَ ڏي موٽ کاڌي، ايئن ڪلاڪ اندر ميدان ماڻهن سان ڀرجي ويو.
اڄ جي دؤر ۾ ڪنهن به فنڪار جو ايترو آواز ناهي جو ميلن جي پنڌ تان ٻڌڻ ۾ اچي. ائين به ٿي سگھي ٿو ته ان وقت آوازي گدلاڻ بنھه ڪا نه هئي. نه گاڏين جا آواز هئا، نه لائوڊ اسپيڪر ۽ ڌمچر، جنهن ڪري ماڻهن جون سماعتون تيز هيون. تڏهن سڀ فنڪار ائين ئي ڳائيندا هئا. بهرحال جيوڻي ٻائيءَ جا گھڻن فنڪارن کان وڏا آواز هئا.
اسان جي ڳوٺ ۾ وڏڙا ميان علي حيدر، ميان جان محمد، ميان غلام حسين، حسن علي پيرزادو ۽ ٻيا ڪلاسيڪل راڳ جا وڏا شوقين هئا، اهي استاد خير محمد جي فن کان سٺي نموني واقف هئا، سو خانصاحب کي راڳ ٻڌائڻ لاءِ ستائڻ شروع ڪيائون، جنهن تي استاد، جيوڻي ٻائيءَ جي ناراض ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي معذرت ڪئي. مون اڳ به عرض ڪيو ته جنهن ميدان تي جيوڻي راڳ ڪري رهي هئي، اهو ايڪڙن ۾ پکڙيل هو ۽ جيوڻي ٻائي سڄي ميدان ۾ نچندي ڳائيندي انعام وٺندي پئي وتي. هوءَ جڏهن سازيندن کان گھڻو پري هلي وئي، تڏهن شوقينن خانصاحب کي ڏوهيڙو ڏيڻ لاءِ ستايو ته هن سندن دل رکڻ لاءِ هلڪي آواز ۾ بيت جي هڪ سٽ مس ڳاتي ته جيوڻي پري کان مردن واري ڪچي گار ڏيندي چيو: “...خيرا، نٿو مڙين!” اهڙي تنبيهه تي استاد کي بس ڪرڻي پئجي وئي.
“خانصاحب جي راڳ جي اهڙي دهشت چڙهيل هئس، جو مائيءَ کان راڳ ئي نه هلي ها، ان ڪري کيس ڳائڻ کان منع ڪري رهي هئي.” استاد علڻ چيو. “ها، سائين، مائي تو اسان کان وڌيڪ راڳ ٻڌڻ واري ۽ سمجهو هئي. خان صاحب ڳائي ۽ هوءَ ٻڌي نه- ۽ هوءَ به جي ويهي راڳ ٻڌي، ته پوءِ پئسا ته ڪو نه ملنس ها- ان ڪري هوءَ خانصاحب کي ڳائڻ کان جهلي رهي هئي.” الهڏني مڱڻهار به استاد علڻ جي ڳالھه جي تصديق ڪئي.
اُها يادگار محفل صبح جو فجر نماز تائين جاري رهي، جنهن ۾ جيوڻي ٻائيءَ سر وکيريا، البت راڳ جا شوقين خانصاحب استاد خير محمد خان جو راڳ ٻڌي نه سگھيا ۽ ساڳي وقت ڳوٺ جي اڌ آبادي يعني عورتون به جيوڻي ٻائيءَ کي ڏسڻ کان محروم رهيون، جنهن جو ٽوڙ اهو ڪڍيو ويو ته ٻئي ڏينهن جيوڻي ٻائي گھرن ۾ عورتن کي محفل ٻڌائيندي ۽ خان صاحب ۽ سازيندا مئخاني ۾ محفل ڪندا. ائين ئي ٿيو. تر وارن جو راڳداريءَ سان چاهه ڏسي خانصاحب کي چوڻو پيو ته “اڃا به ڪي ماڻھو آهن، جيڪي اهو راڳ ٻڌن ٿا- باقي قدر وارا ڪم ٿيندا پيا وڃن.”
جيوڻي ٻائيءَ جي اها پهرين محفل هئي، جنهن ۾ ڳوٺ جي عورتن به راڳ ٻڌو. ان بعد مائي بيگم فقيرياڻي پڻ گھرن ۾ ڪجھه محفلون ڪيون، جيڪا پنهنجي مرشد ڀائي ماڇين فقيرن وٽ سائين ولايت شاهه ۽ بگن شاهه سان گڏ هتي ايندي رهندي هئي.
***