پهلوان شير ميربحر : جڳ مشهور ملھه پهلوان
ملھه به سنڌ ڌرتيءَ وانگر سنئين سڌي راند آهي، جنهن ۾ ٻه پهلوان سندرا ٻڌي، سينا ملائي ڀاڪر وجهي هڪ ٻئي کي دسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ريسلنگ ۽ پهلوانيءَ جي ٻين راندين ۾ مخالف کي مات ڏيڻ لاءِ هر قسم جو جائز ناجائز وار ڪيو ويندو آهي پر ملھه ۾ “ڪُپت” ڪارِ ناهي. برابر ملھه سان ملندڙ جلندڙ رانديون ته پوري دنيا ۾ کيڏيون وڃن ٿيون پر هن راند جا اصول، قاعدا ۽ قانون جهڙوڪ سندرا ٻڌڻ، هٿ وجهرائڻ ۽ هٿ نڪري وڃڻ جي صورت ۾ ساهي کڻي (پاڻي ڪرڻ ) ٻيهر هٿ وجھڻ ۽ پوئين ملھه تي هار جيت جو فيصلو، هن کي ٻين راندين کان مختلف ۽ بهتر بنائين ٿا. ملھه جو مقصد مخالف کي پٽ تي ڪيرائڻ آهي. ان لاءِ طاقت سان گڏ هنر، حرفت ۽ ڪاريگريءَ جي ضرورت هوندي آهي. جيئن ڪرڪيٽ راند ۾ گھڻا تڻا اهڙا کيڏاڙي هوندا آهن، جيڪي ڪجھه شاٽ کيڏي سگھندا آهن ۽ هر قسم جي بال کي منهن ڏيڻ سندن وس ۾ نه هوندو آهي پر ڪي کيڏاڙي اهڙا به ٿيندا آهن، جيڪي هر قسم جو شاٽ مزي سان کيڏي ويندا آهن ۽ هر قسم جي بال کي ڪاريگريءَ سان ڪڍي ويندا آهن. اهڙي طرح، ملھه جا سڀ پهلوان به سمورا داءُ پيچ استعمال نه ڪري سگھندا آهن پر ڪي يگانا پهلوان هر قسم جو انگ استعمال ڪري ڄاڻن. اهي مخالف پهلوان کي جانٺا، ونگ، اندريان، ٻاهريان، پٺيان، پاسا، من ڦيريون، اکريون مهريون ۽ ٻلهڻ ڪري دسي وجهندا آهن. ملھه جا ڪجھه پهلوان واري ڪرڻ کان قسم کڻي ڇڏيندا آهن. اهي پهلوان کي هٿ وجهي ان آسري تي پوئتي مضبوط ٿي بيهي رهندا آهن ته مخالف اڳ وارو ڪري ته کيس کُٽائي دسي وجهن. اهڙن پهلوانن جي ملھه مزي واري نه هوندي آهي. اهڙِي راند، ڏسندڙ کي لطف بدران ڪوفت ۾ مبتلا ڪندي آهي. جيڪو ملھه هٿ پوڻ سان وڄ بڻجي وارا ڪري ان کي ئي پسند ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي هنڌين ماڳين هاڪ پئجي ويندي آهي. رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر به اهڙن ئي گڻن ۽ اکرن وارو ملھه هو، جنهن به ماڻھو سندس ملھه ڏٺي، اهو يا عُمر هن کي وساري نه سگھندو.
شير ميربحر خانواهڻ جي ڀرسان ڀونئر ڳوٺ ۾ 21 جون 1924ع تي فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گھر ۾ جنم ورتو. هن 1942ع ڌاري ملھه جي شروعات ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ميلن کان علاوه شادين جي ڪاڄن توڙي خيراتن تي به ملھه جا مقابلا ٿيندا هئا. انهن ملاکڙن ۾ اسان جي تر جا شير ميربحر ۽ غوثو ڪلهوڙو ٻئي جوڙ ۾ مڃتا ماڻي پهرين جوڙ ۾ داخل ٿي چڪا هئا. ٻنهي جي ياري به مثالي هئي. غوثو ڪلهوڙو وڏي ڄمار ماڻي گذاري ويو. هو به شير ميربحر جيڏو ئي قداور مڙس هو. چون ٿا ته هُو موجود هوندو هو ته شير جي دل ٻيڻي ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهن جي شير مارجي ويندو هو ته غوثو ئي ان جو پلاند ڪندو هو پر جيڪا مشهوري شير ميربحر جي حصي ۾ آئي، ان کان غوثو ڪلهوڙو محروم رهيو.
شير ميربحر ڏيک ويک ۾ به سراسر پهلوان هو: ڊگھو قد، موڪرو منهن جنهن تي ماتا جا نشان اڃا به سندس سونهن سرس بنائيندا هئا. موڪري منهن تي ڊگھا وريل شهپر، رنگ جو نه ڀورو نه سانورو. اڪثر پهلوانن جا وهي چڙهڻ سان گڏ پيٽ ٻاهر نڪري ايندا آهن، جنهن ڪري اهي بي ڊولا لڳندا آهن پر پهلوان شير ميربحر کي زندگيءَ جي ڪنهن به حصي ۾ اهڙو مسئلو پيش نه آيو. شير جهڙو هو مهانڊي ۾ موچارو اهڙو هو ملھه جو ڪاريگر. ان ڪري هن سڄو ملڪ مطيع بنائي ڇڏيو هو. سندس پرستارن ۾ رياست جي واليءَ کان وٺي وزير، پير، مير، سردار توڙي عام ماڻھو شامل هئا. وڏا ماڻھو شير جي مهماني پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا هئا ۽ هي جڏهن ڪٿان گذرندو هو ته کيس ڏسڻ لاءِ ماڻھو گڏ ٿي ويندا هئا. اڄ به شير سنڌ جا همعصر ٻڌائين ٿا ته “شير ميربحر وانگر ملھه ۾ بيهڻ ۽ ٻانهينءَ ۾ گھمڻ ٻئي ڪنهن ملھه کي اچي ئي نٿو.”
شير ميربحر ڪيترن ئي پرڏيهي پهلوانن سان به مقابلو ڪيو، جن ۾ چيڪو سلواڪيا جو زيبسڪر، هندستان جو گرنام سنگھه ۽ انگليند جو آسٽن شامل هئا، جن کي هن پنهنجي هنر سان قابو ڪري ڪيرايو ۽ برطانوي پهلوان جا ته هڏ به ڀڃي وڌا. ان وقت سنڌ جا پهلوان ڪي گھٽ نه هئا: آچار شيدي، قلب علي جتوئي، انب شيدي، تڳيو ڦل، لالو ڦل ۽ ٻيا به ڪيترائي پهلوان هئا، جن کي به وڄ جا پاڻي هئا ۽ شير سنڌ جا ساڻن اڪثر مقابلا ٿيندا رهندا هئا. ملھه ترڪڻ بازي آهي. سدائين ساڳيو پهلوان نٿو جيتي سگھي پر شير ميربحر انهن سڀني کي سوايو ماريو. منهنجا وڏڙا جيڪي ملھه جا شوقين ۽ قدردان هئا، اهي شير ميربحر جي مقابلن جو اڪثر ذڪر ڪندا رهندا هئا، جيڪي هنن راڻيپور، ڀٽ شاهه ۽ ٻين ميلن تي اکئين ڏٺا. هنن جو چوڻ آهي ته شير ميربحر جي هر ملھه يادگار ٿيندي هئي.
جهڙي ريت فٽبال، هاڪي، ڪرڪيٽ، والي بال ۽ ريسلنگ وغيره ۾ ميچ فڪسنگ جون خبرون ٻڌجن ٿيون، ملھه به ان الزام کان آجي ناهي. ملهن تي به اهي الزام لڳندا رهندا آهن ته اهي پهلواني ڏيکارڻ لاءِ ملھه ڪُملھه ڪن ٿا ۽ جنهن پهلوان کي وڌيڪ پئسو پوي ٿو، ان کي هٿ سان راند ڏني ويندي آهي. ڪجھه پهلوان ان حوالي سان شير ميربحر تي به آڱريون کڻن ٿا ته صلاح واري ملھه جي شروعات شير ميربحر ڪئي پر پنجاسي ورهين جو حامد چنو اهڙي ڳالھه کي سختيءَ سان رد ڪندي چوي ٿو ته: “ان وقت وارا پهلوان ڪُملھه کي عيب سمجهندا هئا، اهي هڪ ٻئي سان گڏجي ماني ئي نه کائيندا هئا، چي: جيڪو پٺيءَ کان ٻانهن ورائي هٿ وجهي ان سان ڪهڙو کائڻ پيئڻ!” حامد موجب، “مون جوانيءَ ۾ شير ميربحر کي اڳوڻي ايم اپي اي سردار واحد بخش ٻگھئي جي طهر واري ڪاڄ تي ملھه وڙهندي ڏٺو، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا پهلوان آيل هئا. آچار شيدي غوثي ڪلهوڙي کي ماري ويو. ان وقت لائوڊ اسپيڪر نه هئا، شير رڙيون ڪري آچار کي مقابلي لاءِ للڪاريو پر هن شير سان ملھه وڙهڻ بدران وڃي ڪپڙا پاتا. اهڙي طرح سرائيڪي وسيب جي پهلوان دوست محمد لاءِ مشهور هو ته اُهو جنهن به ملھه سان ڏمرجي وڙهي، اهو مري نه ته کري ضرور پر ان تي به شير ميربحر جي اک ئي نه ٻڏي ۽ ٽيئي ڏينهن کيس وارا ڪري ماريائين.”
منهنجو نانو مرحوم يعقوب پيرزادو ٻڌائيندو هو ته شير ميربحر راڻيپور جي پيرن کي تمام گھڻو پيارو هوندو هو ۽ عوام جي اکين جو تارو بڻجي ويو هو. هو جڏهن راڻيپور جي ميلي ۾ ڪرندو هو ته ميلو ئي ڦٽي ويندو هو، ملاکڙي مان مزو هليو ويندو هو، دڪانداري ختم ٿي ويندي هئي. ان ڪري پهلوان به اهو چاهيندا هئا ته شير ميربحر ملاکڙي ۾ چڙهيل هجي. اهو سندس پڇاڙيءَ وارو دور هو پر پوءِ به چئي نٿو سگھجي ته شير ڪا ڪُملھه ڪئي، ڇاڪاڻ جو ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ سڄي سنڌ جا پهلوان پهچندا هئا ۽ اتي ڪُملھه جو تصور ئي نه هو، تڏهن به هن پوڙهي شير کي پهلوان ڏکيو ماري سگھندا هئا.
هر راند ۾ ڪجھه رانديگر اهڙا ضرور هوندا آهن، جيڪي فڪسنگ جهڙو عمل ڪندا آهن پر سمورن کيڏارين تي اهڙي تهمت هڻڻ غلط آهي. اڄ به سنڌ ۾ اهڙا ملھه پهلوان آهن، جن لاءِ صلاح واري ملھه گار برابر آهي، اڄ به اهڙا پهلوان آهن، جيڪي شير ميربحر ۽ قلب علي جتوئي جون سڪون لاهين ٿا. اهڙا پهلوان رڳو ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي واري ملاکڙي ۾ ڏسي سگھجن ٿا، جتي ڪٿي ميسر نٿا ٿي سگھن. منهنجي تر جي پهلوان پرويز اعواڻ لاءِ به ڪُملھه مهڻي برابر هئي، جنهن ننڍي قد هئڻ باوجود وڏن وڏن پهلوانن سان مقابلا ڪيا ۽ پنجٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ ملھه کان رٽائرمينٽ ورتي. اها به حقيقت آهي ته سڌي ملھه کان ڪُملھه وڌيڪ مزيدار ٿئي ٿي ڇاڪاڻ جو ٺاهه هئڻ جي صورت ۾ راند چڱو وقت وٺي ٿي. سمجهو سمجهي ويندا آهن ته ڪُملھه پئي ٿئي، نه ته عام ماڻھو سچي ملھه کي ڪملھه ۽ ڪملھه کي سڌي راند سمجھڻ جي غلطي ڪري وجهندو آهي. انعام به ڪُملھه ڪندڙ کي سچي ملھه واري کان جهجهو پوندو آهي، جنهن ڪري ڪيترا پهلوان ڪملھه ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن. وڏڙا ٻڌائين ٿا ته رستم سنڌ شير ميربحر پنهنجي دور جي سمورن پهلوانن کي سوايو ماريو، رڳو رستم پاڪستان سيد سمن شاهه ئي اهڙو پهلوان هو، جنهن شير کي گھڻو ماريو جو ان وقت هِي جواني چڙهي پيريءَ ۾ پير پائي چڪو هو ۽ سيد سمن شاهه ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. هڪ ڀيري محبڻ شاهه جي ميلي تي شير ميربحر جي پٽ منور کي پهلوان علي حسن شيخ جي ننڍي ڀاءُ الھه بچائي شيخ ڌڪ ڏئي ٻئي ملهون ماريون. ان وقت شير سنڌ جو منهن ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو. ملاکڙي ۾ ويٺل پنهنجي دوست کي چوڻ لڳو: “پهلواني هنن کان زور آهي، ان وهيءَ ۾ اسان سان جيڪو هڪ ملھه وڙهندو هو سو ٻِي ملھه ڪندو ئي نه هو ۽ هي هيٺيون پاسو ڪنهن کي به نٿا ڏين!”
پهلوان شير ميربحر کي 1947ع ۾ ملهن جي قومي ڪوچ جي ذميواري سونپي وئي، جنهن کي هو خوش اسلوبيءَ سان نڀائي رهيو هو پر جڏهن 1977ع ۾ وردي پوش ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته شير ميربحر جي نوڪري ختم ڪئي وئي، جنهن خلاف هن عدالت ۾ ڪيس ڪيو. ڪورٽ سندس حق ۾ فيصلو ڏنو پر جڏهن 1984ع ۾ کيس گڙدن جي بيماري وڪوڙي وئي، تڏهن سرڪار هن عظيم پهلوان جي سهائتا ڪرڻ بدران سندس قومي ڪوچ واري نوڪري به ختم ڪري ڇڏي.
جرمن چوڻي آهي ته “جنهن قوم وٽان راندين جا ميدان ختم ٿي وڃن سمجهو ته اها زوال طرف وڌي رهي آهي.” شير ميربحر جي دور ۾ ڀارت ۾ ڊوڙ جو عظيم رانديگر مليکا سنگھه موجود هو. اڄ انڊيا ۾ مٿس فلمون پيون ٺهن. ايئرپورٽ کان وٺي ڪيترائي ادارا ان جي نالي منسوب ڪيا ويا آهن پر اسان واري سرڪار پهلوان شير ميربحر جي نالي سان سکڻو ايوارڊ ئي جاري نه ڪيو آهي. ڀلي ته سرڪار سڳوريءَ کي تاريخ جو هي املھه پهلوان ياد نه هجي پر هو سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ سندس نالو صدين تائين ساڳي عزت ۽ احترام سان کنيو ويندو.
***