سهراب چانڊيو: حال قربان، مال قربان
سهراب چانڊيو لواري- نندو روڊ ويجھو سنهي گوني شاخ جي ڪڙ تي آباد ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ 1936ع ڌاري ڄائو. پڙهيو ته ڪي ٻه کن درجا سنڌيءَ جا پر ڪڙهيو گھڻو. ننڍي هوندي کان ئي اهڙن ماڻهن جو ساٿ ۽ صحبت نصيب ٿيس، جيڪي علم پرور، لوڪ ادب جا مشتاق، ڳڻن جا ڳهير ۽ پنهنجي ملڪ ۽ مارن سان بي پناهه محبت رکندڙ هئا. هي يار به سندن رنگ ۾ رڱجي ويو.
لوڪ ادب جي حوالي سان لاڙ سنڌ جو انتهائي شاهوڪار خطو آهي، جتي جابجا ڀٽائي سرڪار سان منسوب ماڳ مڪان ۽ تڪيا آهن. هزارين رومانوي ۽ رزميا داستان سگھڙن ۽ شاعرن کان ٻڌي سگھجن ٿا. اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڪچهريون به ان حوالي سان اهم هيون. عيد براد ۽ ٻين موقعن تي مولودن جون محفلون به ٿينديون رهنديون هيون. هي يار به شروعات ۾ مولود چوندو هو. سندس نالي سان “ميانجي” واري نسبت جو سبب اهو ئي هو.
1980ع ڌاري سياست سان لنئون لڳس. شهيد فاضل راهو کان متاثر ٿي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ان کان پوءِ هن جي نالي مان “ميانجي” واري نسبت جيئن پوءِ تيئن ڌنڌلي ٿيندي وئي ۽ ان جي جاءِ “ڪامريڊ” والاري ورتي. عوامي تحريڪ ۾ شامل هوندي به هن مولود ڳائڻ نه ڇڏيا. اُهي ته هن لاءِ مارن سان ملڻ جو ذريعو هئا. هن پئسي خاطر مولود نه چيا. تر ۾ ٿيندڙ دوستن جي ڪاڄن ۾ اهڙيون محفلون ٿينديون هيون. اُتي شاهه سائين، سچل، حمل ۽ مولوي احمد ملاح جون ڪافيون ڳائيندو هو ته اها شاعري به پڙهندو هو جنهن ۾ ديس وارن جا درد بيان ڪيل هوندا هئا. اُتي جيڪي پئسا پوندا هئس، اُهي ڪاڄ وارن کي پهو ڏئي واپس ورندو هو. 1990ع تائين عوامي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. فاضل جي شهادت ۽ عوامي تحريڪ ۾ ڌڙابنديءَ بعد سياسي طرح گھڻو سرگرم نه رهيو. هن جِي سياستدان بدران صوفيءَ واري دل هئي. سياستدانن واريون گوهيون ۽ اٽڪلون نه ڄاڻندو هو، ان ڪري هن پنهنجا پير سنڀالي ورتا.
چاچو سهراب چانڊيو بنيادي طور هاري ۽ مالوند ماڻھو هو، پنهنجا ڪجھه ڍور ۽ ٻه چار ٻنيءَ جا ٻارا هئس. سندس وڏي عيال جو گذر سفر ان تي ئي هو، بس هي سڄو سال کائي پي چڙهندو هو پر جڏهن دوستن تي ڏکيو ڏينهن اچي ويو، ته ٻچڙن جي کير وارو ڍور کپائيندي به دير نه ڪندو.
هن وارو فصل وڏي عيال جي کاڌي جي ضرورت پوري ڪندو هو، اُتي ٻارڙن جي لٽي ڪپڙي، ڪتاب، قلم ۽ ڪاپين جو خرچ به مهيا ڪندو هو پر جڏهن ته سڄي عيال جون خواهشون گھُٽي، ڇهن مهينن جي بُک قبول ڪري، فصل وڪڻي سنگت جي هاج پوري ڪندو هو. ايئن هڪ نه پر کوڙ ڀيرا ڪيائين. هڪ ڀيري ننگر پارڪر جو هڪ ڪولهي دوست وٽس مالي مدد لاءِ هلي آيو، ان وقت ٻيو ته وٽس ڪِي ڪين هو، بس فصل پڪو بيٺو هو، جيڪو وڪڻي سندس ضرورت پوري ڪيائين. هن، دوستيءَ ۾ هندو مسلم جي حدبنديءَ کي ڪڏهن به ليکي ۾ ڪو نه آندو. مذهبي رواداريءَ جو قائل هو. هر مذهب جو احترام ڪندو هو، باقي دوستيءَ ۾ سر چٽ مال نيلام ڪرڻ وارو هو.
چاچي سهراب سنڌ جي سونهن پسڻ لاءِ سيلاني ٿي سفر ڪيو. برابر اُتر سنڌ ڏانهن سندس اچڻ بنهه گھٽ ٿيو پر سامونڊي پٽي، رڻ، لاڙ ۽ ٿر جا ڀيرا ڀريندو رهندو هو. هر سال رڻ راهي ٿيندو هو، پنجويهه کان ٽيهه ساٿي ساڻ هوندا هئس. رڻ ۽ رُڃ جو پنڌ، جتي پاڻيءَ پاءُ لاءِ ماڻھو سِڪي، اُتي اها يارن جي صحبت ئي هئي، جيڪا کين وري وري اوڏانهن وٺي ويندي هئي. اهڙي نموني بدين جي ساحلي پٽيءَ ۾ به سندس گھڻي اچ وڃ رهي. مهينن جا مهينا وڃي اُتي رهندو هو. ٻيڙياتن سان هوڙن تي رس رهاڻيون به هلنديون رهنديون هيون.
جڏهن مئي 1999ع ۾ خطرناڪ سامونڊي طوفان سوين مانجھي ماري ۽ هزارين جھڳا برباد ڪري ڇڏيا، تڏهن هي يار به “وِهڻ مون نه وڙاءُ” چئي نڪري پيو ۽ وڃي ڀائرن ڀيڙو ٿيو. اُتي هن ڊٺل جھڳا ٻيهر اڏڻ ۾ سندن مدد ڪئي ۽ جوانن جي ڪمهلي موت تي وارثن کي دلاسا ۽ دلداريون ڏنيون. طوفان جي اثر، گھڻي ڪم ۽ هڻ وٺ همراهه کي بيمار ڪري وڌو. هي ته اگھن جي تيماداريءَ لاءِ پهتو هو، سو کانئن پنهنجي درد جو دارون ڪيئن ڪرائي. بيماريءَ جي حالت ۾ واپس ڳوٺ پهتو. دوا درمل وٺڻ سان جيئن ئي سرير ۾ صحت جو احساس ٿيس ته وري سامونڊي پٽيءَ ڏانهن سِڌ ڪيائين، جتي اڃا به ڳوٺاڻا جھريل جھوپڙا جوڙي رهيا هئا. چاچي سهراب نه رڳو سامونڊين جي مدد ڪئي، پر اُها سڄي وارتا قلمبند به ڪئي، جنهن کي سال 2000ع ۾ سندس پُٽ علي حسن چانڊئي “تڙ تڙ تي طوفان” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
ٿر تان هر سال ڀيرو ته هن جو معمول بڻجي چڪو هو. سڄي ٿر ۾ سندس واسطو ۽ دوستي هئي. هي ان وقت کان ٿر ويندڙ هو، جڏهن ڇڪڙا به نه هليا هئا ۽ اُٺ کان سواءِ ٻي ڪا به سواري نه هوندي هئي. زندگيءَ جو آخري عرصو ڪارونجھر جي محبت ۾ مبتلا ٿي ويو. سال ۾ ٻه ڀيرا ٿر ضرور وڃي. هونئن ته هن، پنهنجي ذاتي ضرورت جي ڪنهن شيءِ لاءِ علي حسن تي ڪڏهن زور نه ڀريو پر جيئن ئي ٿر تي وڄڙين وراڪا ٿيندا هئا، ته هي به سارنگ گنگنائڻ لڳندو هو ۽ عليءَ کي فون ڪري چوندو هو “پئسا موڪل، ڪارونجھر پيو سڏي!” هي سياح ٿي ٿر ڪڏهن به نه ويو، جتي به ويندو هو، اُتان جي ماڻهن سان پير ڀريندو هو، ساڻن ڏُک سُک ۾ شريڪ ٿيندو هو. هن آخري دم تائين ساڻن اهو تعلق قائم رکيو.
مون کي هن مڻيادار ماڻھوءَ سان فقط هڪ هفتو گڏ گذارڻ جو موقعو مليو. ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ سندس ڪتاب “تڙ تڙ تي طوفان” جي مهورت ٿي رهي هئي. مان ۽ مظهر شيخ سنبري پياسين. سندن ڳوٺ جي هڪ نوجوان جي حادثاتي لاڏاڻي سبب مهورتي تقريب ته ملتوي ڪئي وئي پر هفتي جي اُها صحبت اڃا تائين هنيانءَ ۾ هرندي رهي ٿي. سنڌ جو خوبصورت وائلنسٽ ۽ ميوزيشن استاد انور شيخ لاڙڪاڻي وارو به اسان سان گڏ هو، جيڪو وائلن ۽ هارمونيم سان اوچتو پرگھٽ ٿيو، پوءِ ته رنگ رچي ويا. ڪنهن وقت استاد اسان کي وائلن تي مشهور ڌنون ٻڌائي رهيو هو ته ڪڏهن باجي تي راڳ ڳائي رهيو هو. جڏهن استاد انور ٻن چئن ٻولن کان پوءِ ٿڪجي بس ڪندو هو ته مان چاچي سهراب کي مولود ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندو هئس. اهڙي طرح اسان جي ڪچهريءَ ۾ ڀٽائيءَ سرڪار ۽ سانوڻ فقير جا بيت به ٿيندا هئا. لطيفا ۽ حڪايتون به هلنديون هيون ته چرچا به ٿيندا رهندا هئا. چاچو سهراب اسان سان ايئن مليو، ڄڻ ورهين جا واقف هجون، ڪچهريون، مارڪا شروع ٿي ويا. هن اسان کي سڄو تر گھمايو، اُتي اندازو ٿيو ته چاچي سهراب گوني واسين کي ڳڻن سان ڳنهي ڇڏيو آهي.
هڪ موقعي تي جڏهن استاد انور شيخ ٿر جي هڪ اڀرندڙ ڪلاسيڪل فنڪار جي تعريف ڪئي ته چاچو سهراب وري ان فنڪار جي ڍولڪ نواز نينگر جي تعريف جا ڍُڪ ڀرڻ لڳو، ان تي سندس ڀاڻيجو شفيع محمد، عليءَ کي اک هڻي چوڻ لڳو: “پڇوس ته ڍولڪ نواز رنگ جو ڪيئن هو؟” عليءَ جڏهن کانئس پڇيو ته بابا هي همراهه ته ڪجھه ٻيو ٿا چون. ان تي چاچي سهراب ايئن شرمايو ڄڻ سندس چوري پڪڙجي پئي هجي، پوءِ چيائين: “هي مون سان ايئن چاڳ ڪندا آهن.” پوءِ ته استاد انور شيخ کي موقعو ملي ويو، چئي: “توهان مولودي، توهان جو سازن سان ڇا وڃي. اسان سازيندا آهيون، اسان تعريف ڪيون ته ٺهي به ٿي، توهان کي ان جو حق ناهي.”
جعفر سمون دٻهڙي وارو چاچي سهراب جو پڳ مٽ يار هو، ٻئي هڪ ٻئي جا عاشق هئا. هفتو هڪ ٻئي کي نه ڏسن ته وهلور پيا ويندا هئا. اهڙي ريت پنهنجي ڳوٺ ۾ هن جا دل گھريا دوست سندس ڀاڻيجو شفيع محمد چانڊيو ۽ قومپرست شاعر محمد بخش ويڳاڻو هئا، جيڪي کانئس عمر ۾ ته ننڍا هئا پر جيئن ته دوستيءَ ۾ ننڍ وڏائي نه ٿيندي آهي، ان ڪري اُهي کيس گھڻو ستائيندا هئا. هي به ساڻن چرچا ڀوڳ ڪندو هو پر چاچي سهراب ڪڏهن به ڪچو لفظ نه ڪڍيو.
مون هڪ هفتي دوارن اهو به ڏٺو ته هو هڪ هنڌ تي ويهي قرار ڪرڻ وارو نه هو. جيڪڏهن اسان ساڻس گڏ هلڻ لاءِ تيار نه ٿيندا هئاسين ته اڪيلو ئي نڪري ويندو هو: “فلاڻي سان هي مسئلو ٿيو آهي، فلاڻي سان هو مسئلو ٿيو آهي، فلاڻي جو لابارو آهي، فلاڻي جو مال بيمار آهي، همراهن کي پُڇي اچان!”
ٻين وانگر مون به ايئن ئي محسوس ڪيو ته هي ڄڻ علي حسن جو عاشق هجي ۽ عليءَ کي هڪ لاپرواهه محبوب وانگر ڪا به ڳڻتي نه هوندي هئي. چاچو سهراب سڄي راڄ ڀاڳ، پنهنجي سنگت توڙي عليءَ جي دوستن سان به اٿندو ويهندو رهندو هو.
5 اپريل 2014ع تي عليءَ جو فون تي مختصر ايس ايم ايس آيو “اڄ آئون يتيم ٿي ويس!” ايس ايم ايس پڙهڻ سان لڙڪ لاڙي ويٺس، ڇو جو هُو منهنجي يار جو نه رڳو والد پر عاشق ۽ دوست به هو. هن جي هوندي علي لاپرواهه ۽ بي اونو هو، پر هاڻ اُهو وقت ويندو رهيو:
ساٿي نه پسان سِي، جي هُئم هِئين ٿوڻيون....
***