غفور موچي: چالاڪيون، چرچا، ٽهڪ
سندس پيءُ جو ڳوٺ الهيار ساريو ۽ ناناڻڪو ڳوٺ گاجي ديرو هو. ٽي ڀائر ٻيا هئس. ننڍي لاڪون کانئن جدا رهيو ۽ شاديءَ کان پوءِ اچي ٻلهڙيجيءَ ۾ رهيو ته اتان جو ٿي ويو. همراهه اڳ ئي “ونٽي”هو، ويتر ٻلهڙيجيءَ ۾ ماڇين جي ڀر ۾ ويٺو ته رهيل ڪسر به پوري ٿي وئي. جيترو ڦڏائي ۽ ڏنگو هو، ايترو ئي ڳالھه ڪرڻ جو ڏانءُ هئس. پنهنجي ڦڏن فسادن ۽ شرارتن وارا ڪارناما وڏي تفصيل سان بيان ڪندو هو. ڳالھه ڪرڻ جو ڍنگ اهڙو جو ٻڌندڙن جا پيٽ ۾ هٿ هوندا هئا پر مجال آ جو پاڻ کِلي.
غفور موچي 1952ع ڌاري گاجي ديري ۾ ڄائو. 1974ع ۾ اچي ٻلهڙيجيءَ ۾ رهيو. ان کان اڳ ڪجھه ورهيه ڍنڍ ڳوٺ ۾ به رهيو پر پنهنجي مائٽن کان پري ئي رهيو. ان وقت ترقياتي ڪم هلي رهيا هئا، بچاءَ بندن کي به مٽي وجھي مضبوط ۽ مٿي ڪيو پئي ويو. کوڙ سارا ٻيا ڪم به جاري هئا. مٽيءَ جو وڏو ڪم هو. ٽريڪٽر ۽ ٻِي مشينري ڪانه هئي، خرڪارن جو وڏو مانَ هو. غفور اوڏن، پٺاڻن ۽ ٻين ٺيڪيدارن وٽ ڪم به ڪندو هو ته هر وقت سندن گڏهه چورائڻ جي تاڙ ۾ رهندو هو، هن جو اصول هو ته اڳواٽ رقم ملڻ کان پوءِ اهو ڪم ناهي ڪرڻو، نه ئي پئسا موٽائي ڏيڻا آهن. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪيس به ٿيندا هئس، پوليس گرفتار به ڪري ويندي هئس پر هن پنهنجي ڪرت جاري و ساري رکي. ٻلهڙيجيءَ ۾ مٿس وڏيري امام بخش پيرزادي عرف وڏيري امن جو هٿ هو ۽ هو، هن جي سڀني عادتن کان چڱيءَ طرح واقف هو، ان جي باوجود وڏيري پنهنجو ڪم هر ڀيري غفور کان ئي ڪرايو، ٻئي ڪنهن به خرڪار کي نه ڏنو. غفور موچيءَ وڏيري امن سان به ٺڳيءَ جون وڏيون ڪوششون ڪيون پر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگھيو، سدائين سندس چوري پڪڙجي ٿي پئي، جنهن ڪري کيس ٻيڻو ٽيڻو خفو ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو هو.
هڪ ڀيري وڏيري امن پنهنجي پراڻي ڇڙائي پيسائيءَ واري مشين جو دڪو ڊهرائي ان جون سرون ڪڍي ٻي هنڌ پهچائڻ وارو ڪم غفور جي حوالي ڪيو. ٽيوب ويل جي ڀرسان پاڻيءَ جي کڏ هئي، غفور اڌ سرون صاف ڪرڻ کان سواءِ کڏ ۾ غرق ڪري ڇڏيون، باقي اڌ سرون صاف ڪري مقرر جاءِ تي پهچائي ڏوڪڙن جي تقاضا ڪئي. پئسن ڏيڻ کان اڳ وڏيرو امن ڪيل ڪم جو جائزو ضرور وٺندو هو، سو وڃي ڏسي ته واقعي ميدان صاف لڳو پيو آهي. باقي سرون ڪاڏي ويون؟ وڏيري کي شڪ پيو ته پهتل سرون دڪي وارين سرن کان گھٽ آهن. ان ڪري هن پنهنجي هڪ هاريءَ کي کڏ ۾ لهڻ لاءِ چيو. هاريءَ کڏ ۾ لهي وڏيري امن جي شڪ جو ثبوت پيش ڪندي چيو: “سائين، واقعي کڏ سرن سان ڀري پئي آهي.” غفور کي سموريون غرق ڪيل سرون کڏ مان ڪڍڻيون پئجي ويون. اهڙي ريت همراهه کي ٻيڻي ٽيڻي محنت ڪرڻي پئجي وئي. ٻئي دفعي وڏيري امن کيس زمين جو ٽڪرو ڏيندي تاڪيد ڪئي ته ان کي کوٽي، سموري مٽي سندس اوطاق تي پهچائي. ٻنيءَ جي ڀرسان واهه وهندو هو. غفور هڪ چڪر گڏهه ڀري وڏيري جي اوطاق تي مٽي پهچائي ته ٻه ڀيرا مٽي وڃي واهه ۾ پيو لاهي. اهڙي نموني تڪڙو ڪم پٽي وڏيري وَٽ پهتو ۽ کانئس اجرت طلب ڪيائين. وڏيرو تسلي خاطر ڪم ڏسڻ لاءِ سر زمين تي پهتو. هن، آثارن مان اندازو لڳائي ورتو ته اطاق تي پهتل مٽي، کوٽي ڪڍيل مال کان ٿوري هئي. وڏيري وري به پنهنجي هڪ هاريءَ کي واهه ۾ لهڻ لاءِ چيو. همراهه هڪ پاسي کان جو واهه ۾ لٿو ته اتان کيس سيني تي پاڻي اچي رهيو هو، ٿورو اڳتي جو آيو ته پاڻي گوڏن تائين مس ٿي آيو. غفور تڪڙي واردات ڪندي ذري گھٽ واهه ئي لٽي ڇڏيو هو. پوءِ ته هن سان ڏاڍي ٿي. اهو سڄو ڪم ٻيهر ڪرڻو پئجي ويس، همراهه کي سود ته نه مليو، الٽو “بُود” تڪليف ۾ اچي ويس.
هڪ ڀيري سندس ماءُ ۽ ناني گاجي ديري کان ساڻس ملڻ آيون. بچاءَ بند تان هڪ ٻڪري به سندن پويان لڳي آئي. غفور ماءُ ۽ نانيءَ کان پڇيو ته “هيءَ ٻڪري ڪنهن جي آهي؟” مائين جي نيت به پنهنجي وياءَ کان مختلف ڪانه هئي، چوڻ لڳيون: “پنهنجي آهي تڏهن ته اسان جي پويان لڳي ٿي اچي.” غفور به صفا سڃائيءَ ۾ هو، سو چيائين ته “ڀلا اها ٻڪري مون کي ڏيو ته سڀاڻي حلال ڪري گوشت کپايان، ٻه ٽي ڏوڪڙ ملي پوندا.” زائفن بسم الله ڪري ٻڪري سندس حوالي ڪئي. غفور به تياريون شروع ڪري ڇڏيون. ڳوٺ جي سرندي وارن ماڻهن کي ٻڌائي آيو ته سڀاڻي ٻڪري ڪهندم، ڪنهن کي به گوشت وٺڻو هجي ته هليو اچي. هي، اهڙي ڳالھه وڏيري امن سان به ڪري آيو. شام جو جڏهن وڏيري جو مال موٽيو ته سندس هڪ ٻڪري غائب هئي. پڪ ٿيس ته همراهن کي چيائين: غفور کي چئو ته اها ٻڪري ڪاهي منهنجي اوطاق تي اچي ڪوس ڪري. غفور جيئن ئي ٻڪري ڪاهي اوطاق تي پهتو ته وڏيري امن ٻڪري هٿ مان وٺندي دڙڪو ڏنس: “چور پيش ڪر!” پوءِ ته غفور کي به رؤنشو لڳو. گھر وڃي ماءُ ۽ نانيءَ کي چوڻ لڳو. “توهان مون سان ٺڳي ڪئي آهي، ٻڪري به وڏيري امن جي چورائي اٿو! هاڻ وڏيرو چوي ٿو ته چور پيش ڪر. وڏيرو ٻاهر بيٺو آهي، هلي صفائي ڏيو!” زائفائون ڪيئن پيش ٿين. غفور کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي پاڻ قائم ماڇيءَ جو لوڙهو ٽپي ڳوٺ روانيون ٿي ويون.
هڪ ڀيري ڪنهن ڳوٺ ۾ مٽيءَ جو ڪم ڪري رهيو هو. ليبر به ساڻس گڏ هو. اتي سندس ڪا ڄاڻ سڄاڻ نه هئي، تنهن هوندي به هڪ دڪان تي چڙهي ويو ۽ دڪاندار کان اٽو، چانور، کنڊ، پتي، ڳڙ، گيهه، سگريٽ مطلب ته ضرورت جو چڱو موچارو سامان اوڌر تي طلب ڪيائين. دڪاندار کانئس ضمانت گھري. هن، فورن دڪان ۾ ٽنگيل قرآن پاڪ ڏي اشارو ڪندي چيو: “ابا منهنجو ضامن ته قرآن پاڪ آهي، باقي توکي الائي ڪنهن جي ضمانت کپي!” دڪاندار به ڪو دين ايمان وارو هو. هر شيءِ کڻي ڏنائين. ٻن ٽن ڏينهن بعد جڏهن غفور کي ٺيڪيدار وٽان سٺي رقم ملي، ته ان ئي رات پنهنجا گڏهه ڪاهي گم ٿي ويو. سال ٻن کان پوءِ ساڳئي دڪاندار کي ڪٿي هٿ اچي ويو. دڪاندار اول ته کيس صفا سڱن تي کڻي ڏنو، ان جي باوجود هي سندس داٻي ۾ نه آيو، الٽو ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويس؛ چي: “تنهنجي جڏهن مون سان سڃاڻپ ئي نه هئي ته تو ڪنهن جي چوڻ تي مون کي ايترو سامان ڏنو؟” دڪاندار چيس: “ڀائو قرآن پاڪ ضامن هو!” غفور ٺهه پهه وراڻيس: “ته پوءِ ڏوڪڙ به ان کان وڃي وٺ، مون مسڪين جو مٿو ڇو کاڌو اٿئي، مان غريب توکي ايترا پئسا ڪاٿي ڏئي سگھندس.” دڪاندار پنج رپيا مٺائيءَ جا ڏئي هن مان هٿ ڪڍيا.
غفور ڪڏهن ڪڏهن ڪچي مان ڪاٺيون ڪرڻ به ويندو هو. تن ڏينهن پتڻ تي ايف سي اهلڪار مقرر هوندا هئا، جيڪي هر مسافر کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي پوءِ ٻيڙيءَ تي چڙهڻ ڏيندا هئا. ان ڪري هن رات جو ئي ڪارڊ هٿيڪو ڪري رکيو ته جيئن صبح جو ڳولڻ ۾ دير نه ٿي وڃي. جيئن ئي پتڻ تي پهچي اهلڪارن کي ڪارڊ ڏنائين ته هنن کانئس پڇيو: “تمهارا نام ڪيا هئي؟” چيائين: “عبدالغفور” ان تي اهلڪار چيو: “اس پر تو غلام فاطمه لکا هوا هئي!” همراهه ڀُل ۾ گھر واريءَ جو ڪارڊ کڻي نڪتو هو، پوءِ ته اهلڪار هن جو نالو ئي غلام فاطمه رکي ڇڏيو.
اهو ڪو پهريون ڀيرو نه هو. هڪ ڀيري ته جھونجھڪڙي جو اٿي گھر واريءَ جو تار تي ٽنگيل چولو پائي ڪاٺيون ڪرڻ نڪري ويو. مرد ۽ عورت جي ڪپڙن ۾ فرق هوندو آهي ۽ مرد به غفور جهڙو ساڍن ڇهن فوٽن جو پر اونداهه ۾ هن کي خبر ئي نه پئي. جڏهن ڪچي ۾ ڪنهن کيس ٻڌايو ته اوهان ڀاڄائيءَ جو چولو پائي آيا آهيو، تڏهن اهو لاهي ڪاٺين ۾ لڪائي ۽ پاڻ پُٺن اگھاڙو گھر پهتو.
غفور سوين ڪم ڪيا پر پڇاڙڪا ويهارو سال ٻلهڙيجي مين روڊ تي پڪوڙا کپائيندي گذاريائين. دڪان ۾ ڪڏهن ڪڏهن سبزي به رکندو هو، هڪ ڏينهن مڙس سنگت ساٿ کان قرض پکو کڻي گيهه، ٽماٽا، مرچ، پٽاٽا ۽ بيسڻ وٺي جيئن ئي دڪان کوليو ته مائٽاڻي ڳوٺ جي هڪ ماڻھوءَ اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ اچڻ سان کيس هڪ رشتيدار جي فوتگيءَ جو اطلاع ڏنائين. مرحوم، هن کان وڌيڪ سندس گھرواريءَ جو ويجھو مائٽ هو. جيئن ته غفور قرض کڻي دڪان کوليو هو. ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ وڃي ته دڪان بند ڪرڻو پويس، اچڻ وڃڻ لاءِ ڏوڪڙ الڳ خرچ ٿين! اهو سوچي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ آيل رشتيدار کي چوڻ لڳو: “ڀُٽي جهڙا بادشاهه به مري ويا، هي مئو ته ڪهڙو سنڌ کي لوڏو اچي ويندو، مري ويو ته پوري ڇڏيوس، مان ڇا ڪيان؟”
غفور موچيءَ کي جواني ۾ ڪوڏي ڪوڏي کيڏندي به ڏٺوسين ته ملھه وڙهندي به ڏٺوسين. همراهه جيئن ته چرس جو موالي هو، ان ڪري سهڪي پوندو هو. سهڻن جو عشق به ڪيائين. اسان سان ميلن ملاکڙن تي گڏ هوندو هو. هي گڏ هوندو هو ته ڪڏهن به بوريت جو احساس نه ٿيندو هو.
همراهه کي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پُٽ سراج ذهني مريض بڻجي ويو، ٻيو پٽ مجو هڪ ڄنگھه کان معذور آهي، جنهن کي معذور ڪوٽا تي تعليم کاتي ۾ پٽيوالي جي نوڪري ملي، جنهن ڪري گھر جو ڪجھه بار کڻڻ جهڙو ٿيو.
سدائين مرڪون ونڊيندڙ غفور موچيءَ جا آخري ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا، هڪ طرف کيس بيماريءَ سوڙهو ڪري وڌو ته ٻئي طرف سندس ڀاءُ احمد کي مائٽن لٺيون ڪهاڙيون هڻي بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. احمد صفا مڙس ماڻھو هو، کيس ڪو به ڊپ ڊاءُ نه هو. جن کيس خون ڪيو، اهي به ساڻس گڏ هوندا هئا، بس ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي مڙس ماري وڌائون. بيماريءَ جي بستري تي پيل غفور جڏهن احمد جو لاش ڏٺو ته ڪجھه به ڳالهائي نه سگھيو ۽ هفتي اندر گذاري ويو. هن کي اباڻي قبرستان الهيار سارئي ۾ دفن ڪيو ويو، جتي جمعي جي رات راڳ ويراڳ به ٿيندو آهي. توڙي جو غفور جا هڏڙا ٻلهڙيجيءَ ۾ نه آهن پر هن جي ياد هر ٻلهڙيجائيءَ جي سيني ۾ ٽهڪ جيئن ٽڙيل آهي. اهڙن ڪردارن کي سدا گونجندڙ ٽهڪ چئجي ته غلط نه ٿيندو.
***