انور پيرزادو: ڀٽائيءَ جو شِش، سنڌپرست قلمڪار
ڳوٺ جي رواج مطابق اسان وٽ پاڻ کان وڏي کي ڀائو، پيءُ جي عمر جيڏي کي ڪاڪو ۽ پيءُ کان وڏي کي ڏاڏو چئي مخاطب ٿبو آهي. سو انور صاحب، اسان هڪ جيڏن جو ڪاڪو انور هو. آئون پنجن ورهين جو هوندس جو ڏسندو هئس ته هُو صبح جو سوير فقير يارمحمد جي مئخاني تان نڪري اتر رخ رکندو هو. موهن دڙي جي کنڊرن کي ڏسي، اوڀاريون پاسو وٺي وڃي سنڌوءَ جي ڪپ تي پهچندو ۽ اتان ڏکڻ ڏئي ٻلهڙيجيءَ جي ملوڪ شاهه درگاهه وٽان چڙهندو؛ ڪي پل اتي ويهي ڪنڀرن جي آويءَ تي پهچندو هو.
هن جو پرائمري استاد ٿيڻ، پرائيويٽ ايم اي انگلش ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي پاڙهڻ، اتان ڪميشن ڪري پاڪستان ايئر فورس ۾ فلائيٽ آفيسر ٿيڻ ۽ ڪورٽ مارشل ٿي قيد ڪاٽڻ، اسانجي عمر کان اڳ جا واقعا آهن، جيڪي ٻاروتڻ ۾ وڏن واتان ٻڌاسين. ان کان علاوه سندس مشهور نظم “اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ” به ڪيترن ئي ڳوٺائين واتان ٻڌي چڪو هئس پر ڪاڪي انور سان دوستاڻي ويجهڙائپ 1983ع ۾ تڏهن ٿي، جڏهن آئون ڇهين درجي ۾ پڙهي رهيو هئس. فقير يارمحمد جو مئخانو سندس ٿاڪ هوندو هو. اتي ڀٽائيءَ جي بيتن تي فقير يار محمد، انور، ڀائو لطف، ميهر ۽ ٻين جا بحث مباحثا جاري رهندا هئا پر فقير يار محمد جي موجودگيءَ ۾ سياست تي ڳالهائڻ ممنوع هو، جڏهن ته اهو زبردست نظرياتي سياست وارو دؤر هو. فقير جي غير موجودگيءَ ۾ سياسي گفتگو به ٿي ويندي هئي. ڪاڪو انور ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سلهاڙيل هو ۽ آئون جيئي سنڌ جي ذيلي تنظيم لطيف سنگت ۾ هئس.
سخي شاهه جمال جو ٻارهو هو. ڪاڪو انور بابي کي چوڻ لڳو: “ادا اڪن! اقرار هاڻ اسان سان ڪچهريون ۽ بحث مباحثا ڪري ٿو، سڀاڻي جي ڪافر ٿي وڃِئي ته اسان کي ميار نه ڏجانءِ.” بابا انهيءَ ڳالھه جو ايڏو اثر ورتو جو ڪجھه ڏينهن بعد مڊل اسڪول موهن جو دڙو جي هيڊ ماستر سائين شاهنواز جوڻيجي وٽ پهچي ويو. سائين مڙيوئي ڪنن کان ڪجھه گھٻرو هو، ان ڪري بابا کي ڳالھه سمجهائڻ ۾ وڏي محنت ڪرڻي پئي. پر جڏهن مقصد جي ڳالھه ڪري چڪو ته “اقرار کي اسڪول ۾ قرآني تعليم به ڏيو” تڏهن سائين شاهنواز جوڻيجي چيس: “تو وارو ڇورو هونئن ئي نڀاڳو ۽ ٽوٽي آهي، ويتر عربيءَ جو بار وڌوسين ته باقي نور به چٽ ٿي ويندس. الله گنج ڏنو اٿئي، پُٽ کي حافظ ڪري پِن جون مانيون کارائيندين ڇا؟” بابا اسڪول کان موٽڻ بعدڏاڍو ڏکارو هو، ڄڻ کيس وهم ويهي ويو ته سندس ڇورو دين ايمان کان ويو!
ڪاڪي انور سان وڌيڪ ويجهڙائي تڏهن ٿي جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ جي رپورٽنگ ڪرڻ واري ڏوهه ۾ جيل ڪاٽي ٻاهر آيو. تڏهن ساڻس منهنجون ڪچهريون منهنجي تنظيمي دوستن کي نه وڻنديون هيون، کين اهو ڊپ هو ته متان سندن تيار ڪيل قومپرست ڪارڪن ڪميونسٽن جي اثر ۾ نه اچي وڃي. منهنجي ننڍپڻ جي دوست ۽ سياسي رفيق انور جونيئر به هڪ ڀيري اهڙو خدشو ظاهر ڪيو ته چيومانس: “سائين جي ايم سيد جي اکين واري سنڌ ته ڪاڪي انور جي ڳالهين ۾ موجود آهي.” پوءِ انور جونيئر به اسانجي ڪچهرين ۾ شامل ٿيڻ لڳو ۽ مون کان وڌيڪ ڪاڪي انور جي قرب ۾ ڪڙجي ويو.
1986ع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي آزاديءَ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي ٻن گروپن ۾ ورهائجي وئي پر هي يار ٻنهي کان ڪنڊائتو رهيو. انهن ڏينهن ۾ اسان ڳوٺ ۾ جيئي سنڌ جو يونٽ کولي، هڪ چوڪ تي ڪهاڙيءَ وارو ڳاڙهو جهنڊو جهولايو ته اها ڳالھه اسان جي ڪميونسٽ دوستن کي ڏاڍي ڏکي لڳي هئي. جيئن ته اسان کي ان وقت سياسي ڄاڻ به گھٽ هئي ۽ ڪميونسٽ دوست اڪثريت ۾ به هئا ۽ اڪثر بحث مباحثا ڪندا رهندا هئا. اسان جڏهن دليلن ۾ کٽي پوندا هئاسون ته ڪاڪو انور اسان جو وڪيل بڻجي ويندو هو ۽ کين اهڙيون سڌيون ٻڌائيندو هو جو ڪميونسٽن جي ڪنن جو پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون ۽ اهي خائف ٿي چوندا هئس “اڇا! جي ايم سيد جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين اوهان کي مقرر ڪيو آهي! اسان ته عبدالواحد آريسر ٻڌو آ.” سچ به اهو آهي ته ڪاڪو انور جيئن جيئن ڪميونسٽ پارٽيءَ کان پري ٿيندو ويو، تيئن تيئن سنڌ ۽ ڀٽائيءَ ۾ مستغرق ٿيندو ويو ۽ سڄي سنڌ جي اکين جو تارو بڻجي ويو، هن جي شخصيت غير تڪراري بڻجي وئي ۽ سنڌ جو هر ساڃاهه وند ساڻس غيرمشروط محبت ڪرڻ لڳو.
انور صاحب جي شخصيت جو اهم پاسو ملنساري ۽ عواميت هئي. هن کي عوامي رنگ ۾ رڱجڻ لاءِ ڪو ڏيکاءُ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي هئي. هُو هارين نارين، ڌنارن ۽ ملاحن سان ڀاڪر پائي ملندو هو. کانئن سندن ڪرت بابت پڇندو هو ۽ اهي کيس ڏسي ٺريو پيا ٺرندا هئا. انور صاحب شاهه جي رسالي ۾ سنڌ ڳوليندو هو. هن ڀٽائيءَ جي پينارن جو پيڇو جاري رکيو، ان ڪري هن سنڌ جا سڀئي طبعي ڀاڱا به ڀيٽيا ته لس ٻيلو، روهي ۽ سنگھر پٽيون به گھميو ۽ جتي جتي به ويو، اتي ڀٽائيءَ جي لفظن جي نت نئين معنيٰ معلوم ڪيائين، جيڪا جڏهن علمي محفلن ۾ انور جي واتان بيان ٿيندي هئي ته ٿڌن ڪمرن جي هيراڪ دانشورن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. سنڌ گھمندي اتان فون تي ٻڌائيندو هو ته ڀٽائيءَ جو هي لفظ هِن جاءِ تي هِن معنيٰ ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. ڀٽائيءَ کي سمجھڻ جي حوالي سان هن جو وڏو ذريعو ڌراڙ، پنهوار، هاري ناري ۽ مٽيءَ جا ماڻهو هئا. هڪ ڏينهن فون ڪري ٻڌايائين ته “لاڙ جي هڪ ڳوٺاڻي اسان کي صلاحيندي چيو ته “چوکن کي ڏنءُ ڏنو آهي، اهي کائي پوءِ وڃو. سو مسٽر، ڀٽائي چوي ٿو ته “مون کي ڏنءُ ڏيئي، وڃي ڍوليو ڍٽ قراريو” معنيٰ ته اها سنهڙي ۽ اثر واري باهه آهي، جيڪا چانورن کي ڳاري ٿي.” اهو سندس مخصوص انداز هو.
ڪاڪو انور جڏهن ڳوٺ هوندو هو ته اسان جا مهين دڙي، ديهه لانياري، ڪچي توڙي پڪي جا پنڌ هوندا هئا. نئين وٽ وٺڻ، ٻير ميڙڻ، پلي پٽڻ، پيرون ۽ ڪارڙا کائڻ، هنداڻا، گدرا يا ڏڌڻي کائڻ لاءِ نڪري پوندا هئاسين. هو ڪچي واسين کان اتان جي وٿن بابت احوال وٺندو رهندو هو. هڪ ڏينهن گورک پان ڪاڙهي پيارڻ جي فرمائش ڪيائين ۽ اڌ ڪلاڪ تائين ان جي فائدن تي ڳالهائڻ بعد هڪ ڳوٺاڻي کي چيائين “اهو ٻڌاءِته گورک پان ڪهڙي هنڌ تي ٿيندو آهي؟” همراهه شرمائيندي جواب ڏنس: “جتي گڏهن جي لڏ سڏ هوندي آهي، گورک پان اُتي ٿيندو آ سائين.!”
هڪ ڏينهن ڪچي وڃڻ لاءِ سنبريو، شاهنواز پيرزادو به ساڻس گڏ هو. درياهه ٽپندي رات پئجي وين. پاتڻي کين لاهي روانو ٿي ويو. ٿورو اڳتي هليا ته پاڻي ڏسڻ ۾ آين. هنن پاڻيءَ ۾ گھڙڻ جو جوکم کڻڻ بجاءِ ۽ رات اتي ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. همراهه جهونجهڪڙي تائين لئي جي ٽارن کي وڇاڻو ڪري ويٺا رهيا. صبح ٿيڻ تي خبر پين ته اتي پاڻي پنيءَ ٻوڙ به نه هو ۽ ٿورو ئي اڳيان ته سُڪ لڳي پئي هئي!
ڪاڪو انور چوندو هو ته سنڌ جي دردن جو درمان ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ آهي. اسان اهل ڪتاب قوم آهيون، جنهن وٽ پنهنجو رسالو آهي. دنيا لاءِ پيغام آهي، ڀٽائيءَ جو فڪر ۽ فلسفو ئي ڪُل عالم کي امن جو آماجگاه بڻائي سگھي ٿو. فلسفو هيءُ آهي “مفتي منجھه وهار ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين.” ڪاڪو انور چوندو هو ته سنڌ جا احسان ته ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن پر ڀٽائي سنڌ کي به وسعت ڏني آهي. شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا لهجا ڏئي سبي، مڪران، لس ٻيلي، ڪاڇي، ٿر، ڪوهستان، ڪڇ ڀڄ ۽ لاڙ اتر کي گڏي ڇڏيو آهي. اڄ جيڪڏهن انهن علائقن جا ماڻھو هڪ ٻئي جي ٻولي سمجهن ٿا ته اها ڀٽائيءَ جي ڪرامت آهي ۽ هاڻ سنڌي ٻوليءَ کان سندن سَڱ ڪير به ڇني نٿو سگھي:
ڇنڻ تان مَ پيو، هي سڱ نه ڇنڻ جهڙو...
انور صاحب جو خيال هو ته شاهه جا رسالا مرتب ڪندڙ سمورن محققن جو شهرن سان تعلق رهيو، جن جو لهارڪي، ڪنڀارڪي ۽ ڪورڪي ڪرت سان ڪو به واسطو ناهي. نه اهي سنڌ جي جانارن کان واقف آهن، نه ئي ولين ۽ وڻن جي سُڌ رکن ٿا. انهن کي “ڪپر ڪارونڀار” جي ڪهڙي خبر؟ اهو ته اسان کي هاري ناري، ڌراڙ، پنهوار، کوهاڻا، ٻيڙياتا، لوهار، ڪنڀار، جت ۽ اوٺي ٻڌائي سگھن ٿا. برابر اسان جي شارحن قرآني آيتن، صوفياڻن اصطلاحن، عربي ۽ فارسيءَ جي عبارتن جون صحيح معنائون ته ڏنيون آهن پر بنيادي سنڌي لفظن جي معنائن ۾ ڌُڪا هنيا آهن، جيئن سوئيرو جي معنيٰ سوئو ڄاڻائي ڇڏيائون.
هڪ ڏينهن انور صاحب سنڌيءَ جي هڪ پاڻ مرادي وڏي شاعر جو مضمون پڙهي باهه ٿي ويو. اُن شاعر صاحب فرمايو هو ته ڀٽائيءَ جي ٻولي متروڪ ٿي وئي آهي. اسان کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو “اسان جا وڏا شاعر ۽ عالم پنهنجي گھر کان ٻاهر نٿا نڪرن ۽ وڏي نڪ نرڄائيءَ سان چون ٿا ته ڀٽائيءَ جي ٻولي متروڪ ٿي چڪي آهي. ڀٽائي جي ٻولي ته اڄ به ڳالهائي وڃي ٿي پر ان لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ لتاڙڻي پوندي.”
1994ع ۾ انور صاحب سان اخبار ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. روزاني “برسات” ۾ کانئس هڪ ڪم نه ورتو ويندو هو. ڪڏهن نيوز ڊيسڪ ته ڪڏهن ايڊيٽوريل پيج، ڪڏهن رنگين ته ڪڏهن ييلو پيج سندس حوالي هوندو هو جنهن ۾ اقتصادي خبرون ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جا شيئر ريٽ وغيره ڄاڻايل هوندا هئا. اتي به هن ڀٽائيءَ جا بيت ڏيڻ شروع ڪيا. انشورنس جي موضوع تي ، “وت ويمي جو جي لهين ته ٻي ڪار نه ڪرين ڪا...” جهرا بيت ڇاپي هڪڙي اخبار ۾ ڪم ڪندي ڪڏهن به آدم بيزار نه لڳو. سندس ٽيبل آڏو مهمان ويٺا ئي ويٺا هوندا هئا. ساڻن ڪچهري به هلندي رهندي هئي، پنهنجو ڪم به ڪندو رهندو هو. ان جي ابتڙ سندس ويجهو دوست بدر ابڙو ان معاملي ۾ ڏاڍو حساس آهي. گوڙ شور ۾ ڪم نه ڪري سگھندو آهي. ٻنهي کي آفيس جو هڪ ئي ڪمرو مليل هو. بدر صاحب ڪمري جي ڀت تي هڪ نوٽيس هڻي ڇڏيو هو: “دوستو، مهرباني ڪري آهستي ڳالهايو” ۽ انور صاحب ان جي هيٺان ئي لکي ڇڏيو هو: “سينٽرل جيل ڪراچي!”
ڪاڪي انور کي اسان سندس لکڻيون شايع ڪرائڻ لاءِ پيا ستائيندا هئاسين پر هن جو سدائين ساڳيو جواب: “ها ڪتاب ضرور آڻبو، ڪجھه واندڪائي ٿئي- هي ته اخبارن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ رف ڪم ڪيو اٿم!” سندس شاعريءَ جو ڪتاب “اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ” به شاهه محمد سموريون حُجون هلائي ڇپرايو هو. ڪجھه وقت کان پوءِ نامياري اديب ۽ سندس دل گھرئي دوست محمد علي پٺاڻ هن جي هڪ ڪتاب “ڀٽائي” جو مسودو کڻي سندس آڏو رکندي چيو ، “هن ۾ ٿوري ڪريڪشن ڪري ڏيو، هفتي ڏيڍ اندر ڪتاب آڻيون ٿا.” انور صاحب چيو ته “هي ڪتاب ايڊٽ نه پر ري رائيٽ ٿيندو. گھڻن هنڌن تي مون کان غلط معنيٰ لکجي وئي هئي، جيڪا هاڻ سمجهي اٿم. ٻيو ته هن ۾ ڪجھه اهڙا مضمون آهن، جن تان هٿ کڻي ويو آهيان.” محمد علي پـٺاڻ مايوس ٿي موٽي ويو. انور صاحب جي وفات کان پوءِ “ڀٽائي” توڙي سندس ٻيون لکڻيون جيئن جو تيئن ڇاپيون ويون. جيڪڏهن انور صاحب پاڻ انهن کي نظر مان ڪڍي ها ته اڄ انهن جي شڪل يقيناً ٻِي هجي ها ۽ اهي سنڌ جو قومي ورثو قرار ڏنيون وڃن ها.
ڪاڪي انور جي خواهش هئي ته ڀٽائيءَ جو هڪ اهڙو ڪمپيوٽرائيزڊ رسالو تيار ڪجي، جنهن ۾ جيڪڏهن “هاڙهو” لفظ ٽائيپ ڪجي ته هاڙهي جي تصوير اسڪرين تي اچي وڃي. ان جي ڊيگھه- ويڪر سميت سمورا تفصيل بيان ٿيل هجن: هاڙهي ۾ ڪهڙيون ذاتيون رهن ٿيون، اتي ڪهڙِيون پوکون ٿين ٿيون، اها سڄي معلومات هڪ ڪِلڪ سان ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي اچي وڃي. اهڙي طرح هيءَ به سندس خواهش هئي ته سنڌ ۾ هڪ مثالي وسندي هجي، اتي ايتري ته صفائي سٺائي هجي جو ماڻھو بنا جتيءَ جي پيو گھمي ڦري.
مان کيس سندس ماضيءَ جي حوالي سان کوٽيندو رهندو هئس. هُو اسان کي پنهنجي عشقن جا داستان، جيل جا تجربا ۽ ان دؤر جا سياسي ۽ ادبي قصا ٻڌائيندو رهندو هو. هو ٻڌائيندو هو ته سندس پهرين گرفتاريءَ وقت جيل بنگالين سان ڀريل هوندا هئا، جيڪي چانور کائڻ جا شوقين هئا. بنگالي ٻين قيدين کي ماني ڏئي کانئن چانور وٺندا هئا. گھڻو ڪري سڀ قيدي ساڻن کاڌي جو تبادلو ڪندا رهندا هئا پر هن ڪڏهن به اهڙو واپار نه ڪيو. انور چوندو هئن “اسان لاڙڪاڻي واسي به چانورن جي ملڪ جا آهيون، مان پاڻ ٻين قيدين کي ماني ڏئي چانور وٺندو آهيان.”
ڪورٽ مارشل ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ ميان لعل بخش پيرزادي ميڊم اشرف عباسيءَ معرفت ڀٽي صاحب کي انور لاءِ سفارش جي درخواست ڪندي چيو: “اسان جي لاڙڪاڻي جي هڪ نوجوان سان ايئرفورس ۾ زيادتي ڪئي وئي آهي...” تڏهن، عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏيندڙ ذوالفقار علي ڀُٽي بيگم اشرف عباسيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو: “توهان جو اهو لاڙڪاڻي وارو نوجوان هاڻي ته خير سان گھر پهچي ويو آهي پر جهڙو هن خط لکيو هو، اتي جي مان هجان ها ته کيس زندهه نه ڇڏيان ها.”
ڪاڪي انور کي ضيائي مارشل لا ۾ 6 مهينا ڊٽين ٿي. هو اهو سمورو عرصو سکر سينٽرل جيل ۾ رهيو، جتي ايم آر ڊي ۾ شامل ڪيترين ئي جماعتن جا اهم اڳواڻ به قيد هئا. اسان کي ٻڌائيندو هو ته ڊٽين پوري ٿيڻ تي هن کي ٻن جي يو آءِ اڳواڻن سان گڏ هڪ فوجي آفيسر وٽ پيش ڪيو ويو، جنهن جو قد ننڍو ۽ ڪن وڏا هئا. آفيسر ٽنهي همراهن کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ چوڻ لڳو: “سکر ضلعي ۾ لکين هندو رهن ٿا، توهان کي غيرت نٿي اچي، اسلامي حڪومت خلاف بد شد ڳالهائڻ بدران انهن سان وڙهي نٿا مرو!”
ڪاڪو انور سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻن بابت ٻڌائيندو هو ته مرحوم رشيد ڀٽي ۽ تاج بلوچ اليڪشن ڪرائڻ کان قسم کڻي ڇڏيو هو، کين ڊپ هو ته سنگت جون چونڊون ٿيون ته قومپرستن جا حامي کٽي ويندا، جنهن جي هنن سخت مخالفت ڪئي. ان سلسلي ۾ ثريا مخدوم اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل ڏانهن خط لکيو، ته جوابي خط ۾ سيڪريٽري جنرل جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، اها نامناسب ۽ انتهائي ڪريل هئي، جنهن تي اسان جدوجهد ڪري کين سنگت جي اليڪشن ڪرائڻ تي مجبور ڪيو. چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي دانهن ڪندو رهندو هو ۽ اڪثر هي مثال ڏيندو هو ته هڪ ڪائونسلر اهڙو به هو جنهن کي رجسٽر تي پنهنجو نالو به صحيح صورتخطيءَ ۾ لکڻ نه پئي آيو. ڀلا جنهن کي پنهنجو نالو لکڻ نه اچي، اهو ڪهڙو ادب تخليق ڪندو. ان وقت تاج بلوچ کيس ٻه ڀيرا بائيڪاٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو پر هن سنگت جي وسيع تر مفاد ۾ بلوچ جي صلاح تي غور نه ڪيو البته ايترو مڃيندو هو ته جي هُو سنگت جو سيڪريٽري ٿي به وڃي ها ته تاج جوئي جيترو ڪم نه ڪري سگھي ها. انور صاحب تاج جوئي جي صلاحيتن جي تعريف ڪندو هو. اهڙي نموني مرحوم منير احمد ماڻڪ جي حوالي سان به اعتراف ڪندو هو ته پاڻ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اثر هيٺ کانئس پري رهيو، نه ته پارٽي اندر ماڻڪ جي ليول جو ڪو به ماڻھو نه هو، ان ڪري اهي کيس سمجهي نه سگھندا هئا. ماڻڪ ۽ انور رشين ايمبسيءَ ۾ گڏجي ڪم ڪيو پر ڪميونسٽ اڳواڻن جي چوڻ تي انور ماڻڪ کان پري پري رهيو.
انور صاحب شاهه سائينءَ تي ڪيل ڪم جي حوالي سان معمور يوسفاڻيءَ جي تعريف ڪندو هو، چوندو هو: “يوسفاڻي صاحب ساڄي ڌر جو هو، جنهن ڪري کانئس دور رهيس پر مون کي نظرياتي وابستگيءَ کان مٿاهون ٿي کانئس سکڻ گھرجي ها.”
اسان کيس ڳائيندي ڪڏهن نه ٻڌو پر جوانيءَ ۾ اهو شوق به ڪيائين، البته پڇاڙيءَ تائين ڳوٺ جي راڳي فقيرن سان سنگت ۾ شامل ٿيندو رهندو هو. ڪڏهن مٽيءَ تي هٿ هڻندو هو، ڪڏهن ٽلي وڄائيندو هو. شروع ۾ ڏاڏي وريل سان ڍولڪ تي سنگت ڪندو هو. ڳوٺ جي جوڙ کي ٽلي به پاڻ عنايت ڪيائين. سنڌي ڀيروي ۽ سورٺ سندس پسند جا راڳ هئا. اڪثر فنڪارن کي انهن جي فرمائش ڪندو رهندو هو. ڪلاسيڪي موسيقيءَ سان چاهه هئس. 2001ع ۾ آمريڪا ويو ته، اتان مشهور گويي خان صاحب محمد حسين سر آهنگ جون نوَ عدد آڊيو ڪئسٽون آندائين. انور صاحب چوندو هو ته ڀل ڀلان جو ڇيهه ئي ناهي پر صوفي فقيرن ۾ جيئن عثمان فقير ڀٽائيءَ کي پڙهي ٿو، ائين ٻيو ڪو نٿو پڙهي.
ڪاڪو انور لکڻ لاءِ سدائين همٿائيندو رهيو. هن مون کي ڪيترائي ڀيرا سياست کان پاسيرو ٿيڻ لاءِ چيو. مون کي چوندو هو ته: “تنهنجو سياست سان ڇا وڃي، تو ۾ سياستڪار وارو روح ئي ڪونهي. تون بس لکندو رهه!” مان ساڻس ان ڳالھه تي اختلاف ڪندي چوندو هئس ته سڀني سنڌين جو فرض آهي ته قومي غلامي خلاف جدوجهد شامل هجون.” ان تي چوندو هو ته: “تون جيڪا لکڻ سان سنڌ جي خدمت ڪري سگھين ٿو، اها سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان نٿو ڪري سگھين. سڀ ماڻھو ووٽر ته ٿي سگھن ٿا پر سياستدان نه.” چوندو هو: “مان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ توهان سان متفق آهيان پر هاڻ قومي آزادي گوريلا جنگ سان نٿي وٺي سگھجي. توهان تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳڀرا ٿيو ۽ دنيا سان انٽرنيٽ ذريعي ڳنڍجي وڃو ته اوڀر تيمور وانگر سنڌ کي به آزاد ڪرائي سگھو ٿا.”
ڪاڪو انور 2001ع ۾ سانا جي دعوت تي آمريڪا ويو هو، جتي کيس سانا پاران نڪرندڙ مئگزين جي ايڊيٽر جي ذميواري ڏني وئي پر هڪ پرچي کان پوءِ کانئن ڌار ٿي ويو، واپسيءَ تي ٻڌايائين ته: “ڏيساور جا سمورا سنڌي سنڌوديش جا حامي آهن ۽ سڀ جا سڀ اتي سيٽ ٿي ويا آهن. سندن سنڌ ورڻ جو ڪو امڪان ۽ ارادو ڪونهي پر اسان کي سنڌ ۾ رهڻو آهي، ان ڪري اسان اهڙي ڳالھه نٿا ڪري سگھون. ” پر پوءِ جڏهن نواب اڪبر بڳٽيءَ کي شهيد ڪيو ويو، تڏهن هن هڪ ڪالم ۾ لکيو ته “اسان سنڌي ۽ بلوچ اوڳي اٺ جيان آهيون، جنهن کي ڀلي اوهان مهارون ۽ ناڪيليون هڻو، نيئر ۽ ڏانوڻيون وجهو پر اُٺ جي دشمنيءَ کي هرگز نه وسارجو. اُٺ جڏهن مستيءَ ۾ اچي سوار سان وڙهندو آهي ته اُن جا هڏ گُڏ ڀڃي سندس سيني تي چڙهي ويهي رهندو آهي ۽ ڪن ڏئي سندس دل جي ڌڙڪن ٻڌندو آهي ته ڪٿي ساهه ذري باقي ته نه بچي اٿس!”
ڪاڪي انور آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي عمارت به گھمي ڏٺي، جيڪا ان کان هفتو کن پوءِ دهشتگرد حملي ۾ زمين بوس ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويـٺي. اسان ڀوڳن ۾ کيس چوندا هئاسين ته اوهان کي پينٽاگون به ڏسڻ گھرجي ها.
ڪاڪي انور ۽ مون ٻلهڙيجي هسٽاريڪل سوسائٽي ٺاهڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، پر ڪامياب نه ٿياسون، جو اسان کي سنگت جي گھربل مدد نه ملي سگھي. هڪ اهڙو ڳوٺ جنهن ۾ شاعرن ۽ صحافين جو انگ 100 کان مٿي هجي ۽ ان ڳوٺ جي 100سالن جي تاريخ تي ڪو ڪم نه ٿيو هجي ته، اها مايوس ڪندڙ ڳالھه ضرور هئي. پوءِ اسان ڪم شروع ڪيو. مون شاعرن، دڪاندارن، کوهاڻن، رانديگرن ۽ ٻين ڌنڌن سان منسلڪ ماڻهن جي فهرست ٺاهي. اڪيلي سر ڪو به ڪم نٿو ٿي سگھي. هر ڪم همراهن سان ٿئي ٿو. ڪچهرين ۽ گھمڻ ڦرڻ ۾ ته ڪيترائي دوست گڏ هوندا هئا پر سندن عملي سهڪار نه ملي سگھيو ۽ اسان ناڪام رهياسين. ها، محمد علي پٺاڻ اسان سان هر ڪم ۾ ساڻ هوندو هو پر تيستائين جيستائين انور پيرزادو ڳوٺ ۾ موجود هوندو هو، ان کان پوءِ نظر ئي نه ايندو هو. اصل ۾ محمد علي، انور صاحب جو عاشق هو. ڪاڪو جڏهن به ايندو هو ته محمد علي پنهنجون سموريون مصروفيتون ختم ڪري ٻلهڙيجي پهچي ويندو هو. پوءِ ٻئي ڪڏهن ڪچي ته ڪڏهن ڪاڇي، جبل، ڀٽ شاهه يا ٻئي ڪنهن ميلي ملاکڙي تي روانا ٿي ويندا هئا. اسان محمد عليءَ کي ڳوٺ ۾ ڏسندا هئاسين ته سمجهي ويندا هئاسين ته ڪاڪو انور يا ته پهچي چڪو آهي يا پهچڻ وارو آهي. ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر بشير، انسپيڪٽر طارق، ماما غلام شبير پيرزادو، لطف، انور جونيئر، اصغر انصاري، استاد اختيار پيرزادو، سيٺ قاسم پيرزادو، جانيئڙو سنڌي، پيرباغ علي ۽ ٻيا سندس ساٿ ۾ هوندا هئاسين. گڏجي سچل جي ميلي تي ويندا هئاسين، جتي سندس وارهه جا ذاتي دوست به پهچي ويندا هئا. هن جي سرڪاري اديبن سان گھٽ پوندي هئي، ان ڪري هو عام ماڻهن ۽ فقراءَ وانگر ميلو گھمندو هو. هي فقراءَ جي اکين جو تارو هو، اهي به سندس اچڻ لاءِ باسون پيا باسيندا هئا.
2004ع ۾ انور صاحب جي پهريٽي پٽ زبير ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو ته هن جي ڪاڪ ئي ڪومائجي وئي. زبير هن جو پٽ به هو ته دوست به هو، جيڪو سندس مڌ جي محفلن ۾ ساقي هوندو هو. زبير جا ٻچڙا ننڍڙا هئا. اهو ڪاپاري ڌڪ هو. اسان سمجهيو ته ڪاڪو انور اهو ڌڪ پچائي نه سگھندو پر هن وڏي بهادريءَ سان صورتحال کي منهن ڏنو. برابر هن جو اندر اڌ ٿي چڪو هو پر جي هي به رڙي روئي ته زبير جي ٻچڙن کي پرچائي ڪير؟ زبير جي ٽيجهي واري ڏينهن ڀٽائي سرڪار جو ميلو به شروع ٿي ويو هو. ميلي تي سدائين گڏ ويندا هئاسين، پر هن دفعي اسان پروگرام ڪينسل ڪري ڇڏيو. صبح جو تڏي تي پهتس ته پڇيائين “ميلي جو ڪيئن پروگرام آهي؟” چيم “ڪاڪا! هن ڀيري ميلي تي نٿا هلون. ايندڙ سال گڏ هلنداسين.” توقع جي ابتڙ ردعمل ڏيکاريندي چيائين: “ڪيئن نه هلنداسين يار! ٻيو ڪهڙو در آهي، جتي هلي سور وياڇينداسين؟ مون کي زبير جي موت جي ايف آءِ آر به ڀٽ ڌڻيءَ جي عدالت ۾ درج ڪرائڻي آهي. سامان کڻي اچو، هلون ٿا ميلي تي.” ڀائو لطف کيس سمجهايو ته “تعزيت لاءِ مهمان اچي رهيا آهن، اوهان کين نه ملندؤ ته اُهي مايوس ٿيندا. اسان ماهه پهرين جمعي تي هلنداسين.” چيائين “ٺيڪ آهي پر اقرار ۽ سيٺ قاسم منهنجو خط کڻي ڀٽ شاهه وڃن.” ان وقت جوهيءَ کان ڪجھه دوست تعزيت لاءِ آيل هئا، کين چيائين ته هنن ٻنهي همراهن کي دادوءَ تائين جيپ ۾ کنيو وڃو. اسان ڪاڪي انور جو اهو خط ڀٽ ڌڻيءَ جي پيرانديءَ کان بيهي پڙهيو، جنهن ۾ لکيل هو:
نيل سلامن سپرين، لِک سلامن لوءِ
پهرين چئج پرينءَ کي، پر کي چئج پوءِ
جو ڳڻن سين ڳِڌوءِ، تنهن بندي ٿي بندگيون چيون.
انور صاحب ڪميونسٽ پارٽيءَ مان نڪرڻ بعد سوشلزم ۽ سوشلسٽ اڳواڻن تي وڏي واڪ تنقيد ڪندو هو پر ڄام ساقيءَ وانگر مذهبي نه ٿيو. چوندو هو ته “صوفي وڏا انقلابي ۽ نواڻ پسند آهن، بنياد پرستي ۽ مذهبي تنگ نظريءَ خلاف جيڪا صوفين جدوجهد ڪئي آهي، اها ترقي پسند توڙي ڪميونسٽ به نه ڪري سگھيا آهن.” الله سائينءَ جي تشريح ۾ ڀٽائي صاحب جو هي بيت اڪثر پڙهندو هو:
سو هي سو هو، سو اجل سو الله،
سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو.
اهڙي طرح سچل سائينءَ جي هيءَ سٽ به ور ور ڪري پڙهندو هو:
“ديس سچل دا درس درازي، مڪو، نا ملتان...”
چوندو هو: مڪو روحاني مرڪز ۽ ملتان سياسي عسڪري طاقت جو مرڪز هو پر سچل ٻنهي کان درازا واري ديس ۽ ان جي پيغام سان وڌيڪ محبت ڪري ٿو.
2006ع ۽ سندس وني تاج خاتون به وفات ڪئي. جيئن ته چاچي تاج کانئس عمر ۾ به وڏي هئي، ان ڪري جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪاڪي انور کيس انتظار ۽ اوجاڳا ڏنا پر جيئن جيئن هن جي عمر وئي وڌندي تيئن تيئن سندس آر پنهنجي ونيءَ تي ٿيندو ويو. جڏهن اهڙِين ڳالهين تي اسان کيس ٽوڪيندا هئاسين ته پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو هو: “مسٽر ! جڏهن توهان جي عمر پنجاهه ورهيه ٿيندي، تڏهن ان جو اوهان کي احساس ٿيندو، في الحال ڀلي پيا گھمو ڦرو.”چاچي تاجل جي وڇوڙي کيس نهوڙي ڇڏيو. بيماري به سندس جيءَ کي وئي وڪوڙي. زبير جي ٻارن کي به گھڻو ٽائيم ڏيڻو پوندو هئس. ان جي باوجود موقعو ملندو هئس ته سنڌ جون حسناڪيون پسڻ لاءِ نڪري پوندو هو. جيئن اسان واري علائقي جي ڪچي جا ماڻھو سندس اچڻ جو انتظار ڪندا هئا، تيئن جبل جا معرفاڻي به هن لاءِ دڳ ۾ ديد وجهيون ويٺا هوندا هئا. منظور معرفاڻي ساڻس سکر سينٽرل جيل ۾ گڏ رهيو هو، جنهن جي ڪري سڄو تر انور جو واقف ٿي ويو هو. معرفاڻي هر ڀيري کيس کيرٿر جو ڪو نه ڪو گوشو گھمائيندا رهندا هئا. ائين ٿر ۾ به هن جون پڇائون ٿينديون رهنديون هيون.
21 جنوري 2007ع تي سندس ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. ڪاڪي انور جي لاڏاڻي کان پوءِ ٻلهڙيجيءَ ۾ لطيفي ڪچهرين ۽ بحث مباحثن جو ڄڻ باب ئي بند ٿي ويو آهي:
متارنئون پوءِ، مِٺا مَٽَ مِٽي ٿيا...!