الاهي فقير ڍڍي: نياڻي سياڻيءَ جو نگھبان نعريباز ملنگ
“يا علي حيدر، مولا، صبح جا آهيون سوالي، ڪڏهن نه وينداسين خالي، صبح جو سوال آ ته بُري ۽ بيمان کان بچاءِ، سڄڻ پيو سامهون هردم هلاءِ، عليءَ جا مَندئِي، ڏنڊو... ۾ هجئي، هت هجين يا دبئي، حسنين جي بابي جا دشمن ٽڙ ٿي، نياڻي نماڻيءَ جا مندا ٽڙ ٿِي، اوڙي پاڙي جا بي شناس ٽڙ لعنت صبح شام ڀيڄو بيٺو آهيانءِ، ٻيو ڪم گھٽ ڪندو آهيانءِ...!”
الاهي فقير جڏهن “ٽڙ” ڪندو هو ته باقاعدي رائيفل جي گوليءَ واري ٽڙ ٿي ويندي هئي. وڻن ويٺل پکي ٽاهه کائي اڏامي ويندا هئا. فقير پنهنجي انهيءَ نعري ۾ وقت به بوقت ضرورت پوڻ تي اضافا به ڪندو رهندو هو.
الاهي فقير 1940ع ڌاري ڳوٺ گاجي ديري ۾ پيدا ٿيو، جيڪو مهين دڙي کان ست ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. سندس وڏڙن کي ڪلهوڙا دؤر ۾ سرائيڪي وسيب کان ميان گاجي خان ڀاڳت هتي لڏائي آيو هو. ڍڍي سيالن جو پاڙو آهي.
الاهي فقير کي پنهنجي وڏڙن جي ورثي مان چڱو خاصو مال مليو. هن کي ديهه گاجي ديري ۽ نصير آباد ۾ چڱي خاصي زمين هئي، ان کان سواءِ چوپايو مال به گنج هئس. مڙس ٺاڪ ڦوڪ وارو هو. وڏي اٿي ويٺي هئس. تر جي سمورن وڏيرن سان سنگت هئس پر اڳتي هلي هن، مضبوط ڪردار جي مالڪ فقير منش، بدڪردار وڏيرن جا پرڪار ڏسي ساڻن اٿڻ ويهڻ ڇڏي ڏنو.
1980ع ڌاري موهن جي دڙي تي چوڪيدار مقرر ٿيو. اتي هن هڪ دڪان به کوليو، جيڪو ڄڻ ته مني مارٽ هو، جنهن ۾ ڪرياني کان وٺي ضرورت جو سمورو سامان موجود هوندو هو. مهين جو دڙو گھمڻ ايندڙ سياح به سندس دڪان تان سامان خريد ڪندا هئا ته ايئر پورٽ جا ملازم به گھر جو سيڌو سامان هن کان وٺندا هئا. همراهه ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ڪندو ويو. ان دؤر ۾ ملازمن جي پگھار سَوَن ۾ هوندي هئي پر هن جي روز جو ڌنڌو هزارن ۾ ٿيندو هو. تن ڏينهن موهن جي دڙي تي ڪم ڪندڙ ڪنهن به ملازم وٽ موٽر سائيڪل نه هوندي هئي، تر جي تمام ٿورن ماڻهن وٽ اسڪوٽر هوندا هئا، جن ۾ الاهي فقير به شامل هو.
الاهي فقير توڙي جو رنگ جو سانورو هو پر سندس چهري جا نقش نگار انتهائي خوبصورت هئا. قد جو ڊگھو هو. دڙي ۾ ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ هڪ يورپي آرڪيالاجسٽ عورت مٿس موهت هوندي هئي، اها هن سان دڙي جي مختلف سائيٽن تي گھمندي ڦرندي رهندي هئي. ساڻس ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين پر الاهي فقير پنهنجي حد ۾ رهيو، ٻئي جي ننگ ڏي ڏسڻ هن لاءِ گناهه هو- باقي هن جون مس سلميٰ سان اکيون ضرور اڙيون ۽ ماڻھو چون ٿا ته دنيا کان لاتعلق کيس مس سلميٰ جي محبت ڪيو ۽ اها انسيت يقيناً هڪ طرفي هئي. مس سلميٰ 1984ع ڌاري موهن جي دڙي تي ڪنزرويٽر ٿي آئي هئي. مائي ڪراچيءَ جي رهواسڻ هئي، آفيسرياڻي هئڻ ڪري ٿوري کڙڪي سڙڪي جي قائل هئي. حسن جو هٿيار به هئس ته هر ماڻھوءَ سان اکڙي ملائي ڳالهائڻ وارو گر به هئس. الاهي فقير تي اکين جي سيف سڌي ڪيائين ته همراهه سڄو سارو شڪار ٿي ويو – نه مائيءَ جي سامهون اکيون کڻي سگھيو، نه ئي ڪڏهن چپن مان ڀڻڪو ڀُڻي سگھيو. هيڏانهن واهڻ جو ويچارو سادو ماڻھو، هوڏانهن شهر جا سياڻا واپاري! مائي صاحبه ڌڙاڌڙ سندس دڪان تان سامان کڻڻ شروع ڪيو. مهيني بعد ٻيا ملازم حساب ڪتاب ڪري ويندا هئا پر مس سلميٰ اهڙي ليکي وهنوار کان آجي هئي. الاهي فقير جو دڪان ته مس سمليٰ جي حوالي هئو ئي پر ڪچي توڙي پڪي جي فصلن مان به هُن جو باقاعدي حصو نڪرندو هو. مائي جيترو وقت موهن جي دڙي تي رهي، ان عرصي دوران سندس گھر ڀاتين اٽي وٺڻ جي به ڪڏهن تڪليف ڪانه ڪئي! مس سمليٰ جڏهن به ڪراچيءَ وئي ته پاڻ سان گڏ چانورن جو اٽو، سرنهن، چڻا، مٽر توڙي مکڻ ماکي کنيون وئي.
مائيءَ جي ڪراچي بدلي ٿي ته الاهي فقير جي دنيا ئي بدلجي وئي، هن کي اهڙو رنگ لڳو جو هي عليءَ جو ملنگ بڻجي ويو. الائجي مس سلميٰ جي فراق جو نتيجو هو يا ڪو ٻيو حادثو، هن جِي، دنيا مان دل کٽي ٿي وئي. دڪان، ٻني ٻاري، مال رزق، نوڪري توڙي ٻارن ٻچن مان دلچسپي ختم ٿي وئي، ايتري قدر جو هڪ ڏينهن دڪان جي کنڌي وارو رجسٽر ساڙي اعلان ڪيائين ته “هاڻي نه منهنجو ڪنهن ڏي حساب ڪتاب، نه مون ڏي ڪنهن جو لهڻو ليکو!” دڪان ڀريو پيو هئس، جنهن به عليءَ جو واسطو وجھي جيڪا شيءِ گھريس “ياعلي” چئي ان کي ڏئي ڇڏيائين. سڄو دڪان ختم ٿي ويس، جتي پائڻ ڇڏي ڏنائين، باقي رهيس موٽرسائيڪل. سندس خانداني مرشد کي جو الاهيءَ جي سخاوت واري جهان ۾ اچڻ جي خبر پئي ته ان به موهن جي دڙي تي پهچي، عليءَ جي واسطي موٽر سائيڪل جي گھر ڪئي. الاهي فقير ياعليءَ جو نعرو هڻي چاٻي سيد سڳوري جي حوالي ڪئي. اهڙي نموني جنهن به عليءَ جي نالي تي ڍور ڍڳي جي گھر ڪيس، ان کي نعرو هڻي ڏئي ڇڏيائين. اها حالت ڏسي سندس سهرو فقير جي گھرواريءَ ۽ ٻارن کي باقراڻي وٺي ويو. هن جي جاين ۽ پلاٽ تي مائٽ ويهي ويا ۽ ٻني به انهن پاڻ ۾ ورهائي کنئي. فقير کي ڪنهن به شيءِ جي طمع نه رهي. ان کان پوءِ به هن پنج ورهيه ڊيوٽي ڪئي، نيٺ نوڪريءَ مان به دلچسپي ختم ٿي ويس پر آرڪيالاجي انجنيئر موهن لعل کيس نوڪري جاري رکڻ تي مجبور ڪيو. ڳڙهي ياسين جو موهن لعل پير فقير کي مڃڻ وارو انسان هو. فقراءَ کي قلندر لال شهباز ۽ ٻين درويشن جي ميلن ملاکڙي تي وٺي ويندو هو. هن ئي الاهي فقير ۽ ڪجھه ٻين ماڻهن کي، موهن جي دڙي تي ڊيوٽي ڏياري هئي. ان جي موجودگيءَ ۾ الاهي فقير کان پڇا ڳاڇا معاف هئي، باقي جيئن ئي پگھار ملندي هيس ته ڪو نه ڪو ماڻھو عليءَ جو واسطو وجھي يا ٻچن جي بيماريءَ جو ڪوڙو سچو پٽڻو پٽي کانئس سڀ پئسا وٺي هليو ويندو هو ۽ الاهي فقير توڪل بر خدا مهينو ڪاٽي چڙهندو هو.
1990ع ۾ موهن لعل جي جيئن ئي بدلي ٿي ته ان وقت جي ڪنزرويٽر عرفان صديقي فقير جي نوڪري چٽ ڪري ڇڏي. پندرهن ورهيه نوڪري ڪرڻ باوجود ڪجھه نه مليس، نه ئي هن، ان لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي. ڪيترن ئي ماڻهن عدالت ۾ وڃڻ جو چيس، ان لاءِ وڪيل ڪري ڏيڻ جي آڇ به ڪيائون پر هن، ان سلسلي ۾ گھربل سرگرمي نه ڏيکاري. نوڪري ختم ٿي ويس پر موهن جي دڙي کي نه ڇڏيائين.
چاچي معروف ماڇي ۽ سندس ڀاءُ رستم علي کي شبستان هوٽل جو ٺيڪو هو، جتي الاهي فقير ڊيوٽي ڏيندو هو. گراهڪن کي چانهه وغيره پياريندو هو. اتي طرحين طرحين طعام پچندا رهندا هئا پر الاهي فقير ڪڏهن لوڻ به نه چکيو. موهن جي دڙي تي سياحن جا ٽولا اچي لهندا هئا، جن ۾ نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون شامل هوندا هئا. ڇوڪريون پارڪ ۾ ويهي چانهه جو آرڊر ڏينديون هيون، ڪي نوجوان ساڻن پوز بازي ڪن ته الاهي فقير کين تاڙي وٺي ۽ هڪدم نعرو بلند ڪري: “هلا ٿِي نياڻي نماڻيءَ جا مندا، ٽڙ لعنت ٿِي...” هن جي نعري سان آڏو واري همراهه کي خبر پئجي ويندي هئي ته اها لعنت مٿس وسي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪريون به کيس فرمائش ڪن: “فقير اهو نياڻي سياڻيءَ وارو نعرو ٻڌاءِ!” اهڙي نموني شبستان هوٽل ۽ ان جي آسپاس سندس نعرا گونجندا رهندا هئا. فقير کي جنهن به وقت نعري جي فرمائش ٿي ته، اها ضرور پوري ڪندو هو.
ڪنزرويٽر عرفان صديقيءَ کي هن جي نعرن تي ڏاڍي ڪٽ چڙهندي هئي، سو هڪ ڏينهن کيس آفيس ۾ گھرائي چيائين: “الاهي بخش، نعرا درگاهن ۽ بارگاهن ۾ هڻبا آهن، سرڪاري جاين تي نه هڻبا آهن، توهان دڙي جي حد مان نڪري ڀلي نعرا هڻو، باقي ٻيهر هتي نعرو منهنجي ڪن نه پوي!” فقير اها ڳالھه هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏي. عرفان صديقيءَ جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ۽ هڪ ڏينهن الاهي فقير جو اڳ جھلي کيس زوردار چماٽ وهائي ڪڍيائين. چماٽ لڳڻ سان ئي فقير نعرو بلند ڪيو: “ياعلي!” آفيسر ٻي چماٽ وهائي ڪڍيس، ان تي به هن ساڳيو نعرو هنيو. ڪنزرويٽر کيس هڪٻئي پٺيان ٽي چار چماٽون وهائي ڪڍيون پر هن جي هر چماٽ تي ساڳي ڪار، ساڳيو نعرو: “ياعلي!” اهو لقاءُ سمورن ملازمن ڏٺو. صديقي هٿ مهٽيندو ۽ چپن ۾ بڙبڙائيندو آفيس روانو ٿي ويو ۽ الاهي فقير تهائين زوردار نعرا هڻندو وڃي شبستان هوٽل تي ويٺو.
ڪنزرويٽر صديقي پٽ جي اولاد جو سڪايل هو. پنهنجي پوڙهي ماءُ، پنجن نياڻين ۽ گھر واريءَ سان دڙي تي رهندو هو. هن جي گهر واري انهن ڏينهن ۾ اميد سان هئي. عجيب اتفاق، جو ان واقعي جي ڪجھه ڏينهن بعد مائيءَ جو ٻار (پُٽڙو) ضايع ٿي ويو. صديقيءَ کي وهم ويهي ويو ته کيس الاهي فقير جي بددعا لڳي آهي. پوءِ ته هو پنهنجي پوڙهي ماءُ، گھر واري ۽ پنجن ئي نياڻين کي ميڙ وٺي الاهي فقير کي پرچائڻ آيو. فقير جو نياڻيون ميڙ ٿي آيل ڏٺيون ته روئي ويهي رهيو، چي: “امڙيون، اسان فقير نه ڪنهن کي پٽيندا آهيون، نه ڪنهن ڳالھه جو ڏک ڪندا آهيون!” پوءِ ته عرفان صديقيءَ جو سڄو گھر سندس مريد بڻجي ويو. هر جمعي رات مٺي ڪني ڪري فقير ڏانهن موڪليندا هئا. جڏهن صديقيءَ جي بدلي ٿي ته الوداعي پارٽيءَ ۾، الاهي فقير کي رنجائڻ جو اعتراف ڪيائين ۽ چيائين ته فقيرن جو حساب ڪتاب، وٺڻ وارو پاڻ وٺي ٿو.
الاهي فقير زندگيءَ ۾ پنج ڀيرا سيوهڻ واري لال باغ کان لاهوت تائين سفر ڪيو. پنج ئي سفر ريءَ سمر ڪيائين. 1996ع ۾ پهريون لاهوت ڪيائين. سيوهڻ جي حدن ۾ ئي پير رتورت ٿي ويس. ڀت جبل پار ڪرڻ کانپوءِ همراهه کي جنهن به ڏٺو، ان کي يقين ٿي ويو ته فقير نه بچندو. چهنگڻ واري منزل کان اڳ سندس قافلي جي سالار سيد يتيم شاهه (منهنجي دوست سيد احمد شاهه سوڀي ديري واري جو والد جنهن زندگيءَ ۾ 50 کان وڌيڪ لاهوت جا سفر ڪيا.) سمجھائيندي چيس: “الاهي فقير جبل جو اڻانگو ۽ اوکو پنڌ آهي، ڌر تتل، ڪوسا ڪڪرا ۽ نوڪدار پٿر آهن، تنهنجا پير اڳ ئي ڦٽيل آهن. الائجي ڪيترا لاهوتي پنڌ ۾ پورا ٿيو وڃن. ڏاهو ٿي، چنگھڻ جي چاڙهي جُتي پائي چڙهه، پوءِ ڀلي اڳتي لاهي ڇڏجان.” اهڙي مت ڏيڻ تي فقير سيد سان ناراض ٿي پيو. چي: “سائين، جتي جات نه پائيندس، باقي تو واري چُنگھڻ چِنگھندي رهندي ۽ مان اُن جي چوٽ تي پير ڌريندو هليو ويندس.” گھڙيءَ کان پوءِ قافلي کي ڪُوچ ڪرڻ جو حڪم ٿيو. سمورا لاهوتي هڪٻئي پويان هلي پيا. چنگھڻ جي چوٽيءَ تي الاهي فقير جي پڇا ٿي. ڪو پتو ئي ڪو نه! سڀ لاهوتي چون: هلي ته اسان سان گڏ پيو، الائجي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو! سڏ واڪا ڪيا ويا پر همراهه لڀي ئي ڪو نه. سيد يتيم شاهه سميت هر ماڻھوءَ کي پڪ ٿي ته الاهي فقير پيالو ڪري ويو. چنگھڻ واري لاهين لهِي سيد يتيم شاهه الاهي فقير جي ايثال لاءِ دعا گھري. قافلي ۾ ڀائو لطف، انور ڏنگڙائي، ميهر ابڙي ۽ ميهر فقير سميت کوڙ سارا تر جا ماڻھو شامل هئا، جن سفر جي اڳين منزل لطيف جي کهيءَ تي ڏک ۾ ماني ئي نه کاڌي. ان کان پوءِ جڏهن سندن قافلو حاجي ڪنڙيءَ واري منزل تي پهتو ته الاهي فقير جا نعرا ڪن پين. الاهي فقير کي زنده ڏسي سڀ خوش ٿيا. فقير جو چوڻ هو ته “اسان واري قافلي ۾ سڀ زوراور مڙس هئا، اهي هروڀرو جتي پائڻ لاءِ تنگ ڪن ها ۽ سفر جو مزو خراب ٿي وڃي ها، ان ڪري مان هڪ ٻئي قافلي سان نڪري پيس.”
منهنجي الاهي فقير سان 1990ع ۾ دوستي ٿي. شاهه، سچل ۽ تر جا ڪيترائي ميلا گڏ ڪياسين. هڪ دفعي ته پورو هفتو ڀٽ شاهه جي مور نگر ۾ گڏ رهياسين. ڳوٺ هوندو هو ۽ کيس ماني کائڻ تي مجبور ڪندو هئس ته گھڻي ستائڻ تي چوندو هو: “مانيءَ جي اصل ڳالھه نه ڪر، باقي چانور هجن ته ٿورا کڻي آ.” جڏهن کانئس ان جو سبب پڇندو هئس ته چوندو هو: “ماني کانوان ٿو ته زال سان صحبت جي سَڌ ٿي ٿئي، ان ڪري ماني کائڻي ئي ناهي.” الاهي فقير چانهه جو وڏو موالي هو. آفيم ذري ۽ وزم به ڇڪيندو هو. بک تي نشا ڪرڻ خودڪشيءَ جو سولو ۽ آسان طريقو آهي، جيڪو هو اختيار ڪري چڪو هو. لڄارو به اهڙو جو مرندو مري وڃي، ڪنهن کان به ڪجھه نه گھري.
هڪ دفعي ڀٽ شاهه ۾ گھمندي کيس هوٽل تي چانهه پيارڻ وٺي ويس. اسان واري ٽيبل جي سامهون ڪجھه همراهه ويـٺا هئا، جن مان ٻه ڄڻا شهري ۽ هڪ پسگردائيءَ جو معلوم ٿي رهيو هو ۽ پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪارگذاري بيان ڪندي پنهنجي دوستن کي چوڻ لڳو: “جڏهن ڪٿان به ڪم نه ٿيو، تڏهن سوچيم ته ڀٽ شاهه وڃي جنسي اڃ اجھائي اچان.” اهي لفظ ٻڌندي ئي الاهي فقير تبرن ۽ نعرن ۾ شرو ع ٿي ويو: “ٽڙ ٿِي نياڻي نماڻيءَ جا مندا، درويش جي آستاني تي برائي ڪندڙ ٽڙ ٿي... اوڙي پاڙي، سيد پير جا بي شناس ٽڙ ٿي!” هوٽل ۾ هاهاڪار مچي وئي. همراهن کي چڱي طرح اندازو ٿي ويو ته اها عزت افزائي سندن ٿي رهي هئي. اوسي پاسي جي دڪاندارن ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جا ڪن کڙا ٿي ويا. همراهه ته مرم ۾ مري ويا. مان چانهه اڌ ۾ ڇڏي اٿي دخل تي پئسا ڏئي، فقير کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر نڪري آيس. واپس ايندي چيومانس “فقير سائين! اوهان به صفا لاهي پاهي ٿا بيهو، جنهن تنهن تي تبرو، جنهن تنهن تي لعنت، هلا ٿِي نياڻيءَ جا مندا، اوڙي پاڙي جا بي شناس... اوهان به ته مس سلميٰ ۾ اکيون وڌيون هيون!” منهنجي گستاخيءَ تي ناراض ٿي پيو، جذباتي ٿي چوڻ لڳو “منهنجي مس سلميٰ ۾ ڪا ٻلي واري اک نه هئي، باقي توهان ڪنهن کان به پوڄا جو حق کسي نٿا سگھو. عشق ٻي شيءِ آهي، هوَس ٻي شيءِ آهي.”
موهن جي دڙي تي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙن هن کي زندگيءَ ۾ رڳو هڪ دفعو ڪنهن کي سڌيون گاريون ڏيندي ڏٺو. الاهي فقير شبستان هوٽل تي ٽيبل مين واري ڊيوٽي ڪري رهيو هو. موٽر سائيڪل تي سوار نوجوانن جو ٽولو ٽبيل تي اچي ويٺو. الاهي فقير سندن آڏو پاڻيءَ جو جڳ رکندي پڇيو: “بابا، حڪم ڪيو؟”هڪ نواجون پڇيس: “هتي ڇا ملندو؟” هن ٻاجھاري ٻوليءَ ۾ وراڻيو “بابا، چانهه، بوتل، ماني...” تنهن تي نوجوان چيس “اهي شيون ته اسان وٽ به ملنديون آهن، اسان کي ٻيو ڪجھه کپي.” اهي لفظ ٻڌندي ئي فقير ڏمرجي پيو.
اهو منجھند جي مانيءَ جو وقت هو، دڙي جا ملازم ڪئنٽين اندر ماني کائي رهيا هئا، تن جو الاهي فقير جون گاريون ٻڌيون ته سمجھيائون ته ڪوئي فقير سان بي واجبي ڪري رهيو آهي. سڀ جا سڀ بورچيخاني مان سونٽيون کڻي نڪري آيا. نوجوانن ٽيهارو کن مڙس سونٽين سان جو ايندي ڏٺا ته کين سنڌين وارو پويون عقل اچي ويو ۽ هنن الاهي فقير جي پيرن تي ڪري کانئس معافي ورتي ۽ پنهنجي غلطي مڃي گولِي ٿي ويا.
پڇاڙيءَ ۾آفيم ۽ چرس جي واهپي ۽ بکون ڪاٽڻ جي ڪري سندس صحت ڏينهون ڏينهن وئي ڪرندي. همراهه کي ويٺي ويٺي چڪر اچي ويندا هئا، هلندي هلندي ڪِري پوندو هو. جڏهن صفا هلڻ چلڻ جهڙو نه رهيو ته وارث کيس باقراڻي کڻائي ويا، جتي 2003ع ۾ وفات ڪيائين.
***