شاعري

سنڌ منهنجي امان

تاجل بيوس سنڌ جو عاشق شاعر آھي. تاجل سنڌي شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت، گيت، غزل، وايون، ڪافيون، نثري نظم، چئو سٽا، ٽہ سٽا ۽ طويل نظم لکيا آهن.  ڪتاب جو مھاڳ نامياري شاعر شيخ اياز لکيو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 41
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ منهنجي امان

مهاڳ: شيخ اياز

مئي 1988ع ۾ مون پنهنجو شعر جو نئون ڪتاب “اَڪن نيرا ڦُليا” لکي پورو ڪيو. ان ۾ پنج ڇهه سؤ بيت آهن جن کي ٿر جو محاڪاتي پس منظر ته آهي، پر جنهن ۾ به روايتي بيت جيئن، نه ڪنهن لوڪ ڪهاڻيءَ ڏانهن اشارو آهي ۽ نه وري شاهه وارا لفظ استعارا يا حوالا ڪم آندا ويا آهن ۽ جنهن ۾ منهنجا گونا گون مشاهدا ۽ خيال سمايل آهن. مون ان وقت ارادو ڪيو هو ته لاڙ، وچولي ۽ اتر جي پس منظر سان ساڳي طرح بيت لکندس ته جيئن سنڌ جي ڌرتي منهنجي شاعري لاءِ ماءُ جي آغوش وانگر لڳي. 25 جون تي مان ڪراچيءَ آيس جو ان تاريخ تي منهنجو پٽ ويانا مان تعليم پوري ڪري موٽي رهيو هو ۽ معمول وانگر جولاءِ جو سارو مهينو مون کي هن وٽ ڪراچيءَ ۾ گذارڻو هو. هتي وائسز گروپ (Voices Group) منهنجن نظمن ۽ گيتن ۽ ان سان گڏ فيض احمد فيض جي ٻن ڳاتل نظمن جي مهورت لاءِ مون کي پهرين جولاءِ تي دعوت ڏني هئي. تقريب کان پوءِ مون کي تاجل بيوس پنهنجي تازي ڪلام جي ڇپيل مجموعي تي مهاڳ لکڻ لاءِ اسرار ڪيو جو مان تاجل سان دوستي ۽ محبت سبب ٽاري نه سگهيس. (هن کان اڳ مون ادل سومري ۽ اياز گل سان هنن جي شاعريءَ جي ڪتابن) تي مهاڳ لکڻ جو واعدو ڪيو هو جو سکر ۾ بي انتها مصروفيتن سبب اڃا پاڙي نه سگهيو آهيان ۽ هنن بيحد صبر ڏيکاري ان جو انتظار ڪيو آهي ته مان اهو مهاڳ ڪڏهن ٿو لکان. مشتاق باگاڻيءَ به ساڳيءَ طرح مهاڳ لاءِ چيو هو ۽ ڏيڍ سال اڳ مون وٽ پنهنجو مسودو ڇڏي ويو هو پر ڪافي وقت کان مون سان نه مليو آهي ۽ شايد منهنجي مهاڳ جو آسرو پلي ڇڏيو اٿائين. مان ٽنهيءَ کان ايتري دير لاءِ معذرت خواهه آهيان ۽ ارادو آهي ته سکر موٽي اهي مهاڳ لکندس.)
تاجل بيوس جو هي چوٿون ڪتاب آهي. هن جا ٽي ڪتاب “جڏهن ڀونءِ بڻي”، “انبن جهليو ٻور” ۽ “سرجيندڙ ساڻيهه جا” اڳ ئي ڇپجي چڪا آهن. مون کي تاجل جو مسودو پڙهي، اهو ڏسي حيرت آئي ته هن اُتر ۾ خاص ڪري ڪجهه بيتن، واين ۽ ٽه سٽن ۾ ڪچي جي حصي جو محاڪاتي پس منظر (Scenic background) ائين ڏنو آهي جيئن مون مٿي ذڪر آيل اڻ ڇپيل بيتن ۾ ٿر جو پس منظر ڏنو آهي. هو صوڀيديري جو آهي ۽ ننڍي هوندي کان وٺي هن جو ڪچي جي زندگيءَ سان واسطو رهيو آهي ۽ نه رڳو هن ان جو گهرو مشاهدو ڪيو ٿو ڏسجي پر ان خطي جي ٻوليءَ تي به هن کي ڪافي عبور آهي. فرانس جي مشهور شاعر وئلريءَ (Vallery) چيو هو: “I write half The poem. The Reader Writes the Other half” انهيءَ معيار تي ڏسجي ته تاجل جا هيٺيان شعر پڙهي صبح جو منظر اکين اڳيان ڦري ويندو:
سج ڪئي تخليق،
سرنهن جي ڦولار ۾
روشنين جي ليڪ.
ان ٽه - سٽي جو پس منظر تصورائبو ته ائين لڳندو ته ڪچي ۾ سرنهن جا کيت ڦلاريا آهن، حد نظر تائين کيت ئي کيت آهن، ساوا سرنهن جا کيت، جن جي ڦولار تي صبح جا پهريان ڪرڻا پون ٿا ۽ فطرت جي حسن جو تخليقي عمل شروع ٿئي ٿو.
صبح جو هي منظر به ڏسو. سڄو ڏينهن لاباري کان ٿڪجي ستل لاهيارڻ( فصل جي ڪٽائي ڪندڙ زائفان) ننڊ مان اُٿي، ڍنڍ جي ڀَرتي، هٿن جي اڱرين سان وار سنواري رهي آهي:
نور پيو نسري،
ٻن چڳن جي وچ مان
سج پيو اُڀري.
سوڍي ٿي سنبري،
ڪڪر جي ڪاراڻ مان
سج پيو نڪري.
----
صبح ويلي ننڍيون وڏيون ڳوٺاڻيون مٿي ۽ چيلهه تي ٻيلهڙا کڻي نار تان پاڻي ڀرڻ آيون آهن. نار ۾ ڏاند وهي رهيو آهي. پاڻي پڙڇ کان نيسر مان ٿيندو اچي آ هڏ ۾ ڪريو آهي جتان واهيءَ مان وهي پوک ۾ پهچي ٿو. تاجل هڪ مصور وانگر اهو منظر هيئن پيش ڪري ٿو:
پرهه، پاڻياري،
آئي منهنجي ائٽ تي
ڏينبوڙيءَ واري.
---
چُني اوٽ ڪري،
نينگر منهنجي نار تان
پاڻي پئي ڀري.
ڪچي ۾ ڪَرس ٻيڙيءَ جي رسن کي سڏبو آهي ۽ ڪَٺار ڪناري کي. درياءَ جو پاڻي لٿل آهي؛ تڙ تانگها ٿي ويا آهن؛ ملاحن جا مڏ سڃا لڳا پيا آهن. روزگار جا وسيلا تنگ ٿي چڪا آهن. شاعر آئيندي تي اُميد رکي، سانوڻ آئي درياءَ وارن کي آٿت ڏئي ٿو:
ڪنڌيءَ ڪنايو، آيا سانوڻ ڏينهڙا،
اجهو ڪو آيو، کڻي ڪرَس ڪَٺار تي.

يا سانوڻيءَ ۾ درياهه ۾ چاڙهه آيو آهي، جيڪو ڀريون پيو پائي.
وڏن وڏن وڻن جي ڪرڻ جو ڀيانڪ منظر ڏسو:
ڪَڙ تان ڪِري جيئن سٽجي وڻ سرنهن جو،
مون پڻ “مرڻ” تيئن ڪُنن ۾ ڪيري ڇڏيو.

ديهات ۾ گاج ڪڻڪ جا آڀو سوکڙيءَ طور موڪليا ويندا آهن، جنهن لاءِ شاعر چوي ٿو:
باهه وسائل ڦوڪ ڙي!
آڀو ڪڻڪ گاج جا،
سيڻن مُڪا سوکڙي.
درياءُ ڦٽي ويو آهي ته چوي ٿو:
نه دنگيون نه درياءَ نه سي ماڻهو ماڳ جا،
ويو لٽي واءُ، پيرا پاڻيارين جا.

---
نيٺ ته ڇر جو پاڻي ڇڄندو،
ڪلُ ۾ ترندا ڪُم ۽ ڪوڻيون.

---
سُڪو پيٽ سنڌوءَ جو،
ٻرن ٿا ٻيلا،
رات گهمي راڪاس ويو.

ڪٿي ڪٿي هن جي شاعريءَ ۾ جپاني هائڪوءَ وارو رنگ آهي.
پن ڇڻ واري شام،
پڇاڙيءَ جا ڏينهڙا
ڀڳل ٽٽل جام.
ٽه- سٽو آهي يا ساڪت زندگيءَ (Still Life) جان ڪائي سوريئلي (Surrealist) تصوير آهي!
مان انهن شعرن ۾ ڪوئي علامتي رنگ ڳولڻ نه ٿو چاهيان. لفظن ۾ مصوريءَ کي پنهنجي جاءِ آهي ۽ ان ۾ ڪنهن سياسي علامت جي تلاش عبث آهي. پر ائين نه آهي ته تاجل جي من ۾ پنهنجي دؤر جي چورا کورا نه آهي. چوي ٿو:
پوپٽ جا ڪو پرَ مروڙي،
قيد ڪري ٿو گُل- سرهاڻ.

يا
هر ماڻهوءَ جي ڄڀ وڍيل،
اناالحق الائي ڪير؟

۽ پوءِ سياسي جبر جي خلاف جو رد عمل ٿئي ٿو، ان جي باري ۾ چئي ٿو:
جيترو ٿر تي وسي سانوڻ ويو،
اوترا پئي پيچرا تپندا ويا.

۽ ان رد عمل مان جا جدوجهد اُڀري ٿي. اُها مد نظر رکي چئي ٿو:
سا ڪين اسان سان پير کڻي،
جنهن اک جو تُنرو آلو آ.

يا
پرهه جا سڏڙا ڪلالن جا ٻُڌي،
رند زنجيرون ڇني ڀڄندا ويا.

تاجل دراصل هڪ مصور شاعر آهي ۽ بيوروڪريسيءَ ۾ رهندي هن جي سياست سان گهڻي وابستگي ممڪن به نه آهي. پوءِ به هن پنهنجي دور جا ترقي پسند قدر اپنايا آهن. اڃا هن کي پنهنجو طرف طي ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي گهڻ- روپي ڪلام (Multi- dimensional poetry) ۾ مڪمل هم آهنگي پيدا ڪرڻي آهي. هن جي شاعري سنڌ سان جذباتي وابستگي ڏيکاري ٿي، جيئن ڪتاب جي نالي “سنڌ منهجي امان” مان ظاهر آهي. امڪان آهي ته اها شاعري تيزيءَ سان قدم وڌائي، ڪنهن طوفان وانگر اُڀري اچي.
مون هن جو آزاد نظم “جلا وطن” پڙهي هن کان پڇيو ته ڇا هن اهو محمود درويش کان متاثر ٿي لکيو آهي. محمود دوريش عرب شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ باهه ٻاري ڏني آهي. مون وٽ عرب شاعر محمود درويش جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو Sand and Other Poems پيو هو، جو حال ۾ ئي ڇپيو آهي ۽ اهو هن کي ڏيکاريم پر هن انڪار ڪري چيو ته هن اهو ڪتاب ڏٺو به نه آهي ۽ چيائين ته هن رڳو “هلال مئگزين” ۾ فلسطيني شاعريءَ تي هڪ مضمون پڙهيو هو.
اهو نظم “جلال وطن” تاجل بيوس جي شاعرانه صلاحيت جي غمازي ڪري ٿو ۽ اُميد پيدا ڪري ٿو ته تاجل، جو، خاص ڪري فطرت جو شاعر آهي، اڳتي هلي ديس پرديس جا مسئلا هيئين سان هنڊائي، انساني آزاديءَ لاءِ به ائين ئي ڀرپور شاعري ڪندو جيئن هن فطرت جي باري ۾ ڪئي آهي. هن ۾ پنهنجي آدرش ۽ ان سان وابستگي ۽ زياده وسعت ۽ پختگي ايندي ۽ هو سنڌي ادب ۾ پنهنجي منفرد جاءِ والاريندو.

شيخ اياز
10 جولاءِ 1988ع
ڪراچي.