آءُ ته چمن جي سونهن وڌايون،
گل سان پنهنجو پاڻ پڄايون.
ٻوڪيل انب جي لامن هيٺان،
شهتوتن جي ڇانئن هيٺان،
جيون جو ڪو نغمو ڳايون.
چيلهه ڪلهن تي وار وڇائي،
مينديءَ سان هٿ پير رچائي،
ڄاڻ دڪان تي آيون مايون.
واس ولين جو، مهڪ گلن جي،
هير ۾ هاريل بوءِ بدن جي،
خوشبو ايڏي ڪيئن کٽايون.
پوپٽ، ڀنورا، ٻٻر، ٻٽيرا،
ڪانگ، ڪبوتر، ڪونجون، ڳيرا،
وڳر ويا ڏيندا واڌايون.
انبڙن جون ڏس ٻوڪيون ٽاريون،
ڏاڙهن، ڏنئرن، توتن واريون،
ڳاڙهيون، ڳاڙهيون، سايون، سايون.
مشڪ، عطر ڇڻڪايو موتئي،
هير ڏکڻ جي مڌ وئي اوتي،
هاڻي ڪهڙو پاڻ بچايون.
موٽي آيون مست گهٽائون،
هير گلن سان لڌيون لائون،
آءُ ته پاڻ به مند ملهايون.