ڪالهوڪي بهاريءَ کان،
هِن اڄ جي بهاريءَ ۾،
ڪا تؤنس ڀريل آهي،
هر ٽاريءَ ٽاريءَ ۾.
اِهي سَر جا پکي آهن،
اهي آءٌ سڃاڻان ٿو،
ويٺا ها واهيرن ۾،
هڪ هڪ کي ڄاڻان ٿو:
اِهي شال وڃن اُڏري،
جي ڦاٿا ڄاريءَ ۾.
ڪو پيلو گل آهي،
ڪو نيل- ڪنول آهي،
جو پاڻ ٽڙي پيو آ،
ڪيڏهن نه امل آهي:
هن بيٺل پاڻيءَ ۾،
هن منهنجيءَ ٻاريءَ ۾.
ڪلهه راڄ خزان جو هو،
اڄ گل ٽڙيل آهن،
هُت چڀڙ پڪل ڏونئرا،
هِت ٻير پڪل آهن:
ڇا ڇا نه پيلُ آهي،
هن ڀونءِ ڀلاريءَ ۾!
هن ڏينهن جي ڏهرن ۾،
رت- پاڻي رَلايون ٿا،
جو ڪجهه به آ ڪانبي ۾،
اسان پاڻ اُپايون ٿا:
اسان اک نه وجهي ڄاڻون،
ڪنهن دولت ڌاريءَ ۾،
اِهو آهي ڏٺل اڳ جو،
جنهن پهّرُ پاتو آ.
هن تَر جو آ هاهيارو،
مون پير سڃاتو آ:
جنهن باهه لڳائي آ،
هر ڏارِيءَ ڏارِيءَ ۾.
هن ٻاريءَ مان ٻيهر،
پَٽِ گل اڃا، گورِي!
هُن مينديءَ کي موڙي،
ڏي ڇال ته ڪو ڇورِي!
نوان گيت پيا نسرن،
وجهه گل نه کاريءَ ۾.
جن جاڳي روز ڪئي،
اوڌين(1) جي آبياري،
اڻموٽ اجهل ارڏا،
هن ديس جا هالاري:
منهنجو روح رليل آهي،
اُن سنگت ساريءَ ۾.
ڪنهن گُجر هٿِ گجرا،
ڪنهن وار ڇڏيا واسي،
ڪنهن روح اچي رڃ ۾،
پريان رڙ ڪئي پياسي،
ڇڙيو گيت جڏهن “بيوس”،
هِن پرهه پياريءَ ۾.
(1) اوڌ= ٻيجارو. جوار جا سلا پٽي پاڻيءَ ڏنل ٻارن ۾ روت هئڻ.