او ساٿي!
او ساٿي !
شام ٿي آ،
پکين جا وڳر
پنهنجن واهيرن ڏانهن وڃي رهيا آهن.
سندن ٻولين ۾
تنهنجا سڏ، تنهنجا پڙاڏا پيا گونجن.
گھنڊن ۽ ٽلين جا آواز –
جيون مان هڪ ڏينهن جي کوٽ جو اعلان پيا ڪن.
ڌنارن جا ڌڻ
وٿاڻن ڏي واپس پيا ورن.
اڄ به ڌرتيءَ ڄايون،
پنهنجين مر چڙهيل ڪاراين ۾،
رابيل ۽ گلاب جا هار لٽڪائي،
ڳوٺ جي وڏي دروازي تي انتظار ڪري،
واپس موٽي آيون آهن.
مان ڏسان پيو:
مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ هن ٻالڪ،
بغليون هڻي،
مرجھايل گلن جي هار کي،
پٽي، کوهي،
گل، گل کان.
پنکڙي پنکڙيءَ ،
جدا ڪري ڇڏي آهي.
ائين پيو لڳي،
ڄڻ،
ڪو زخمي، هاڻي هاڻي،
رت هاري ويو آهي.
*
ڪا به وريتي بتيءَ جي وٽ نٿي سوري،
جوت نٿي جلائي.
او ساٿي!
وقت جي تيز وهڪرن،
توکي لوڙهي،
هڪ اهڙي موڙ تي پهچايو آهي،
جت نه مان،
نڪي منهنجا هٿ توکي ڇهي سگھن ٿا.
ڪالهه جڏهن پٻن تي بيهي،
نَرو کڻي،
ڌرتيءَ جي گولي تي نگاهون اُڇليون هيم.
تڏهن تنهنجي چوڌاري
لوهه جي ديوار
۽ ٿورو پرڀرو
باهه جو لوڙهو ڏٺو هئم.
*
او ساٿي!
تون ائين نه سمجهه ته مان توکان ڪو بيخبر آهيان.
ائين نه سمجهه ته مان اڃا ذات جي خول ۾ بند آهيان.
مون کي سڀ خبر آ.
تنهنجن جذبن، احساسن،
اولڙن،
۽ آدرشي عڪسن جي.
*
جڏهن اُماڙيون تنهجين پنبڻين ۽ اکين جي ڇپرن جون چوٽيون ساڙينديون آهن،
تڏهن پڇڙ تارا،
اشارن اشارن ۾،
تنهنجيون ڳالهيون ڪندا،
گم ٿي ويندا آهن.
جڏهن رات جو
توکي ڌڪو ڏئي،
اوندهه ۾ ڦٽو ڪيو ويندو آهي،
تڏهن ستارا،
پنهنجيءَ جوت کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏيندا آهن.
*
اجھو ڪونڊين مٿان رقص ڪندڙ گلن جون قطارون ڪومائجن پيون.
پڪ نراسائي جي ڏانئڻ
آرس ڀڄي،
ڏند ڏيکاري، توکي ڊيڄاري پئي –
۽ تون کلين پيو.
بيل گاڏين ۾ جوٽيل ڏاند،
ڇرڪ ڀري
بيهي رهيا آهن.
پڪ ڪو وحشي هٿ، تنهنجي نڙگھٽ کي زخمائي پيو.
*
او ساٿي!
تو پاڻ ته چيو هو:
“ڪنهن ڪنهن رت مان ڳاڙها گل ٽڙندا آهن،
ڪي رت ڦڙا
تاريخ جا عنوان بڻبا آهن.”
جڏهن پاڻي تيل جيان ٻرندو آهي،
جڏهن منرن ۽ مانڌاڻين کي باهه لڳندي آهي،
تڏهن تون تياس کي ڀاڪر پائيندو آهين.
جڏهن زبان هڪ ڀيرو وري سچ کي ورجائيندي آهي،
۽ ٽياس، تنهنجي جسم تي
ڪي نشان،
ڪي نقش
ٺاهيندو آهي،
تڏهن مايوس ٿي، واپس آڻي
تو کي وري اوندهه ڏي ڌڪي ڇڏيندا آهن.
۽ پوءِ تون ٻاٽ اوندهه ۾ ويهي سوچيندو آهين،
اڳڙين سان تازن زخمن کي اُگهي،
پراڻن ڦٽن تان کرنڊ لاهيندو آهين.
۽ ائين،
ماڻهوءَ جي جيون کي حسين بنائڻ لاءِ ويٺو لکندو آهين
هائو،
تون اونداهين ۾ لکندو آهين،
ڇاڪاڻ ته تنهنجي اکين ۾ نئين نسل جي جوت جليل آهي.
تنهنجي قلم مان،
روشنيءَ جا ڪرڻا نڪري، ڪاغذ تي ڦهلجي ويندا آهن. تو تڏهن ته ههڙيون سون سريکيون سٽون لکيون آهن!
پرين!
تون دوريءَ هوندي به مون سان گڏ آهين.
مان توکي ڏسان ٿو،
ڇُهان ٿو.
تنهنجي زخمن جي روشنيءَ
منهنجي ذهن جي اُفق تي
ڏات جا ڏيا ٻاريا آهن.
مسافرن کي منزل جو نشان مليو آهي.
اوڪارونجهر! او هالار ! او کير ٿر!
او سنڌوءَ جا سينا !
او جکر! !
او جس کرا!
تنهجين سوچين جو “اوٻر”
فضا ۾ پکڙجي چڪو آهي.
ڄاڻ پياسي ڌرتيءَ تي پلر جي پالوٽ ٿي.
ساٿي!
تو اُهو ڪرنڦل آهين،
جيڪو آڙاهه تي چڪي چڪي
جيون رس پيو تيار ڪري
جيڪا سڀاڻي
سماج جي ڪوڙهه کي
صابڻ جي گجيءَ جيان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيندي!