هي دنيا
هي دنيا.
مائيڪل جو شهڪار!
ماڻهو ڪو به نه فاني آهي،
جسمن جي قرباني آهي،
روح اصل سيلاني آهي،
ڪلجڳ جو ڪلتار،
هي دنيا.
ساهه وجهي ۽ ساهه کڻائي،
مٽيءَ جو ٿي مان وڌائي،
ماڻهوءَ جهڙا بُت بڻائي،
ڪنڀر واري ڪار،
هي دنيا.
گانڌي، گوتم گياني آيو،
رام، رسول رباني آيو،
موسا، لينن، ماني آيو،
راڻو، راءِ کنگهار،
هي دنيا.
منهنجي نرتا، منهنجو ناڻو،
اَن- داتا ۽ اَن جو داڻو،
منهنجي مومل، منهنجو ماڻو،
ٻاجهر، ڪڻڪ، جوار،
هي دنيا.
بيگاني بينور نه آهي،
ٻيڙيءَ وارو پور نه آهي،
منهنجي دنيا مور نه آهي،
ڪوريئڙي جو ڄار،
هي دنيا.
دنيا ڀانڍو ڀيلو ناهي،
ٻن ڏينهن جو ميلو ناهي،
دمڙي ۽ آڌيلو ناهي،
آهي پدمان پار
هي دنيا.
اعلا، اُولا، افضل ماڻهو،
اعظم، معظم، اجمل ماڻهو،
دائم، قائم، اڪمل ماڻهو،
خالق، خلقڻهار،
هي دنيا.
ٽالسٽاءِ، ٽئگور جي دنيا،
ڪارونجهر جي مور جي دنيا،
“بيوس” ۽ ڀنڀور جي دنيا،
شاعر وارو پيار،
هي دنيا،
مائيڪل جو شهڪار!
____
(1) مائيڪل ائنجلو = اطالوي مصور ۽ سنگتراش، جنهن پنج سال وقفن سان محنت ڪري حضرت موسيٰ جو بُت جوڙيو هو جنهن ۾ ڳئون جي وري پوڄا تي کيس غصي ۾ ڏيکاريو ويو آهي. (سنڌ جي شاعر ۽ دانشور تنويز عباسيءَ جي سفرنامي “ڏوري، ڏوري ڏيهه” تان ورتل).