سُر کاهوڙي
پير وڌائون پنڌ ۾، تيلان پُڳا توڙ،
ڪايا منجهه ڪروڙ، ڏوٿي ڏهوڻا ٿيا.
*
جاڳيا ڍور- ڌڻي، پين ڏسَ ڏڦير جو،
ڄنگهون، پير هڻي، وَڳُ ورائي آئيا.
*
وڃ نه، اچي ويهه، اسان جي ارواح ۾،
مون کي سڀ معلوم آ، جو ڏوري آئين ڏيهه،
سڄو آ ساڻيهه، ميان ! تنهنجيءَ “ماٺ” ۾.
*
وري اُتي وڃ، جِت اسان جا جهوپڙا،
کاري ويهه نه کٽ تي، ٿرياڻيءَ جي ٿڃ،
مارون سي ئي مڃ، جن مَڻ مٺاڻ جا.
*
نڪي جوٽيُئون جنڊَ، نڪي سونهن سُکاڻ جي،
جن مادر! هنيان منڊ، سي ويون اکوڙي ائٽ کي.
*
کيٽ نٿو کيڙي، ڏٺئن ماري ڏيهه ۾،
ڪهاڙيءَ ۽ ڪات کي، ٿو ساجهر سهيڙي،
اُڀ نه اُڊيڙي، هلائي هٿيار کي.
*
ڳريون سندن ڳالهڙيون، ڳرا سندن پير،
ڪاهيندي ڪوهيڙ ۾، پرهه لڳن پير،
واهري جيءَ وير، مرون ماري آئيا.
*
آڏو گدڙ- گپ، پويان ڇڇڪو ڇَرَ جو،
آهيڙي اُٿي ويا، کائي ڀڳڙن لپ،
پسي مرون ڦَير(1) ۾، سُرن وانگي سپ،
ٿوري ڪري جهپ، پورينداپرڏيهه کي.
(1) ڪچي ۾ رکيل وڻن جي گهاٽي جهنگ کي ڦير چئبو آهي جيڪا گهڻو ڪري سرڪاري ملڪيت جي هوندي آهي.
*
دُڦن ۽ ڏانگهن، ماريو ڪين مرونءَ کي،
ايءُ ڪم آهيڙين جو، جي هٿن ساڻ هڻن،
تنهان پوءِ ملن، سوڀون سوڀارن کي.
*
ڪتا ٿا ڪُوڪن، جاڏي تاڏي جهنگ ۾،
لڳي ٿو هُن لِڪ ۾ مرون ڏٺا ٿن،
واڪا ٿا وتن، تڏهن بُٺَ تي بانوريا.
*
تيتر توبچي، مڙئي رهندا ماٺ ۾،
جيتر مرون ماٺ کي، اورانگهن اچي،
اها سَٿَ سڄي، ڀُڄڻي آ هِن ڀونءِ تي.
*
اُٿ ته ٿئين آڳڙيو، وَڌ ته ٿئي وار،
ڏوٿي! تنهنجي ڏيهه تي، بُرو آهي بار،
اُٿي مرون مار، جي تو سانگو سوڀ جو.
*
ڏڦا توڙي ڏانگهه، ڪر ڦٽا هن ڦير ۾،
جيڏي اڃ ازل جي، تيڏي رکج تانگهه،
ڪري سجدو “سنڌ” کي، ڪر سوريءَ جا سانگ،
مٿن جي مهانگ، ڌڙ لٽايا ڌوڙ ۾.
*
ڏڦن ڏانگهن سان، ماريو ڪين مرونءَ کي،
ها هيارو هن جوءِ ۾، لڪ آ لوڪان،
وينڊي(1) کي وانگار تي، مارايو متان،
آهِڙي! اوهان، ڪڙي ۾ قابو ڪيو.
(1) وڄن وريل مرون يا سوئر- وڏي عمر وارو سوئر جنهن کي شڪاري “وينڊو” چوندا آهن.
*