سُر يمن ڪلياڻ
ڳهلا! انهيءَ ڳن جا، ٽوڙها مڙئي ٽوڙ،
لوچڻ ڌارن لوهه ۾، پاڻي ڪين ولوڙ،
جوڙَ اُها ئي جوڙ، جيئن لهس نه اچي لوهه کي.
*
ڌوڌا! ڌمڻ کولِ – اوتي آڱر آڳ ۾،
لوچڻ ڌاران لوهه ۾، نه ٻي وَٿُ وڙول،
ٻَولُ اُهو ئي ٻول – لَکا جنهن ۾ لوهه جي.
*
ڌوڌا! ڪر ڌيان – لوچ نه لاوَن آسري،
آڻي اڱر ڪانڊئان، دلبر! ڀر دڪان،
ته ان ۾ ٿئي آسان – لوچڻ تنهنجو لوهه ۾.
*
ڌوڌا، دُکائي! لوچ مَ لاون(1) آسري،
وجهه ڪي اڱر آڳ ۾، سچا سڃاڻي،
ڪنن ڪَرَ ڪونار ۾، پرٽي وجهه پاڻي،
هٿوڙو هاڻي – ڪَڍُ وهائي ڪِيرَ تي.
(1) لئي جا ٽانڊا جيڪي ڪانڊن ڏانڊن جي ڀيٽ ۾ جلدي وسامي ويندا آهن.
*
ڌوڌا دُکائي، آڱر پائن اُجرا،
تني سندي تڪئي، آڳ نه اجهاڻي،
ٺپن ڏاٽا ڏيهه جا، پڪو ڏئي پاڻي،
ويٺا وهِاڻي، سبق سور جا.
*
ڌوڌا! ڌمڻ رَوڪ، پاءِ نه اڱر آڳ ۾،
آيو جيءُ جَهروڪِ، پسندي رتيون رڪ جون.
*
ڌوڌا! ڪين دُکاءِ، پاءِ نه اڱر آڳ ۾،
اوتي ڪَر ڪونار(1) جي، پاڻان آڳ اُجهاءِ،
نڪي ڌنءُ ڌمڻ کي، نڪي رُڪ رجاءِ،
هي سڀ تنهن سيباءِ، جنهن ساڙڻ کي ساڙي ڇڏيو.
(1) ڪوناري، مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ مٽيءَ مان ٺهيل ويڪري منهن وارو ٿانءُ.
*
ڌوڌا! ڌمڻ ڪاهه، اڱر پائي آڳ ۾،
رانگو ڇڏ ربيع جو، “پهريون”(2) ليکو لاهه،
جي آيا ٻارهين ماهه، تکو ٿيءُ نه تن سين.
(2) گذريل خريف جي فصل جي اوڌر چُڪنو ڪرڻ – هلندڙ ربيع جي کيت جي پئسن وٺڻ جو رانگو ڇڏي ڏيڻ.
*
ڌوڌا! کول دڪان، ڏي ٺَپي هِي ڏاٽڙا،
ذرو ڪر نه زيان، منهنجو کيت خريف جو،
ڌوڌو، ڌمڻ ڌوڙ، ٻَنِ آسڻ، کُههِ آڳڙيو،
پورهيو سو پروڙ، جو لوچڻ کي لوهو ڪري.
*
کُههِ ڌوڌو، ٻَنِ دود، ٻن آسڻ، کهه آڳڙيو،
اَنا جي اظهار جو سڦرو چؤ مَ سُود،
وکر ڪر وجود، لوچڻ ڌاران لوهه ۾.
*
اِجهو سج لٿو، مڙني وائي مڌ جي،
ڌمڻ ڌنوڻ ڇڏيو، اوڏو ائٽِ نه ڪو،
ويٺا رکي وچ تي، هونديءَ(1) مان حصو،
سرو صبح جو، تازو ملندو تن کي.
(1) ڏينهن جي ڪمائيءَ مان ڪلال وٽان مڌ خريد ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن پنهنجي حصي جا پئسا ملايا.
*
اِجهو سج لٿو، ڇڏ ڌوڌا! ڪار ڌمڻ جي،
متارن جي موٽ جو پيو ڪڍ پتو،
وجهي کٽ کڙهه تي سَرو آڇ سچو،
هونديءَ مان حصو، ڏيڻ ڪم ڏاتار جو.
*
موکيءَ جي مجاز جا، هنڌين ماڳين هُلَ،
جوت ڀريائين جوهيري، اکين ۾ املهه،
ڪري جي ڪهل، ته پرڀاتي پُر ڪري.
*