ٿورو انتظار ڪر
سج اُڀري پيو، مون تي اعتبار ڪر،
ٿورو انتظار ڪر.
چنڊ اُلهي وڃي، پوءِ به ٻرڻو اٿئي،
خالي هر ٿانءُ رت ساڻ ڀرڻو اٿئي،
پنڌ پوئين پهر جو به ڪرڻو اٿئي،
هِن فصل کي کڻي، ٻي ٻني تيار ڪر.
ٿورو انتظار ڪر.
سرخ چهرن تي آلاڻ ڏسندو رهين،
روز مٽيءَ تي ڳاڙهاڻ ڏسندو رهين،
ڪالهه تائين تون ڪاراڻ ڏسندو رهين،
اڄ هتان کان صبح جو به ديدار ڪر.
ٿورو انتظار ڪر.
ڪن ڏنا جوان ۽ ڪن ڏنيون جانيون،
گوشت ۽ خون جون گرم مهمانيون،
ويا ڇڏي جيڪي پنڊين مٿان مانيون،
تن وريامن تي ويچار هر يار ڪر،
ٿورو انتظار ڪر.
زندگي جي سفيرن ۾ گونگو نه ٿي،
سونهن سچ جي اسيرن ۾ گونگو نه ٿي،
حيف ٿئي! هِت هميرن ۾ گونگو نه ٿي،
ڪا ته نئين ڳالهه ڪر، ڪو ته اظهار ڪر،
ٿورو انتظار ڪر.
قلم کسجي وڃي، شعر لکندين پيو،
پير ڪٽجي وڃن، پنڌ پڇندين پيو،
زندگيءَ جو زهر روز پيئندين پيو،
اڄ ته محفل ۾ “بيوس” هي اقرار ڪر.
ٿورو انتظار ڪر.