جڏهن ڌرتي- ماتا کي ويجهو ٿيان ٿو،
ڪارونجهر جي وڪڙن ۾ گم ٿي وڃان ٿو،
دنيا ۾ وٺي روپ مان نئون اچان ٿو،
ڪنڀر جي ڪنهن چَڪ تي جڏهن ڀي چڙهان ٿو.
او ڌرتي! نه گونگو نه ٻوڙو مان آهيان،
تنهنجا سڏ پڙاڏا سڀئي پيو ٻڌان ٿو.
هي جمهور جو سمنڊ اُٿلي به پوندو،
تڏهن ئي ته چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي پوان ٿو.
مون کي منهنجو مسجود وسري وڃي ٿو،
جڏهن کير- ٿر جي ڪا چوٽي ڏسان ٿو.
مٽيءَ تي وڇاڻو آ معراج منهنجو،
هي پهريون دفعو آ جو سچ مان چوان ٿو.
جڏهن منهنجي هستي مٽيءَ ۾ ملي ٿي،
تڏهن ئي ته داڻي مان دلبر ٿيان ٿو.
جتي ڪوبه “بيوس” نه مجبور آهي،
اتان ئي ٿو اڀران، اُتي ئي لهان ٿو.