ڪارونجهر تي مور نچي ٿو،
صبح ٿئي ٿو.
موتين وارو مينهن وسي ٿو،
صبح ٿئي ٿو.
ڄاڻ بتيون ۽ بلب اُجهاڻا،
آکيرن مان ڪانگ اُڏاڻا،
ماري وڻ تي دام وجهي ٿو-
صبح ٿئي ٿو.
سِڪا آڇي ڪو وڻجارو،
هر ماڻهوءَ کان نيارو نيارو،
مون کان منهنجا گيت کسي ٿو-
صبح ٿئي ٿو.
ڪنهن وٽ داڻو پاڻي ناهي،
بُک جي آڳ اُجهاڻي ناهي،
تڏهن ته ماڻهو ماس چَڪي ٿو-
صبح ٿئي ٿو.
هو ڏس، ڪيڏو پيارو آهي،
ڄڻ ته صبح جو تارو آهي،
سَرَ تي جيڪو هنج لهي ٿو-
صبح ٿئي ٿو.
ڪنهن چهري مان چنڊ کڙي ٿو،
ڪو ڪو سڏڪو سڏ لڳي ٿو،
اک مان جيڪو لڙڪ وهي ٿو-
صبح ٿئي ٿو.
آءٌ مسافر مرڻو ناهيان،
ٿر تي ٻيهر ٻرڻو آهيان،
ويندي ويندي چنڊ چوي ٿو-
صبح ٿئي ٿو.