شاعري

سنڌ منهنجي امان

تاجل بيوس سنڌ جو عاشق شاعر آھي. تاجل سنڌي شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت، گيت، غزل، وايون، ڪافيون، نثري نظم، چئو سٽا، ٽہ سٽا ۽ طويل نظم لکيا آهن.  ڪتاب جو مھاڳ نامياري شاعر شيخ اياز لکيو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 41
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ منهنجي امان

ست- ڌئيتو پيءُ : تاجل بيوس

وڏڙين جي واتان هن وقت تائين اجهو اها ئي دعا ٻڌندا پيا اچون ته پٽڙا تون ست- پُٽيتو ٿيندين. اها دعا پوءِ ڀلي خانداني منصوبابنديءَ جي کاتي وارن کي بري لڳي يا کڻي کين ڀلي به لڳي ڇو ته آخرڪار کين به ته کيسو گرم رکڻو آهي نه.ڪم نه هوندو يا سالياني رپورٽن ۾ ڪم نه ڏيکاريو ويندو ته پوءِ هن صديءَ ۾ اهڙا کوليل کاتا ته بند ٿي ويندا. اهڙا کاتا مائرن جي دعائن تي هلن يا سالياني رپورٽن تي. مسئلو هيءَ نبيرڻو آهي ته اسان جون وڏڙيون ڌيئرون پيدا ڪرڻ جي دعا ڇو نه ٿيون ڏين. ڌيئرون جيڪي وڏيون ٿي ڪڻي مان ڪيچ ٿيون ڪن. انساني نسل کي برقرار ٿيون رکن ۽ تخليقار بڻجي، تخليق جي ڪم کي جاري ٿيون رکن. پٽ ڄمن-پنج ڄمن- ست ڄمن پر ڏيئر نه. مان سمجهان ٿو ته اسان جي ڏاڏين، نانين ۽ امڙين جي دل ۾ ڪونه ڪو راز ضرور لڪل آهي. يا ته اسانجون وڏڙيون ساڙوليون آهن جي پاڻ جهڙيءَ جنس کان نفرت ڪري، ان جنس کي پاڻ تائين محدود رکڻ ٿيون گهُرن يا وري ساڙولين جي جاءِ تي هو ديا ۽ مامتا جون جيريون جاڳنديون تصويرون آهن جو هو سمجهن ٿيون ته هڪ نه هڪ ڏينهن سندين ڌيئرن کي وڻ جي لام وانگر وڍجي ڌار ٿيڻو آهي ۽ وڃي ٻين جا گهر آباد ڪرڻا آهن. ان وقت سندن مامتا ڪنول گل جيان ٽڙي پوندي آهي يا وري ڌيئن جي ڏکن ۽ ڏوجهرن کان واديون ۽ ورلاپ ڪندي رهندي آهي. ماجرا ڪهڙي به هجي، مان سمجهان ٿو ته حقيقت ڪجهه هيئن آهي ته اسان جي وڏڙين جي دنيا ۾ “اهنسا” هر دؤر ۾ جواڻ جماڻ ئي رهي آهي. هو رت جي ريلن ڏسڻ بدران ڪنهن ٻار کي ماءُ جي ڇاتين مان کير پيئندو ڏسڻ ٿيون چاهين. مطلب ته اسان جي وڏڙين جي دلين ۾ “ڪارو ۽ ڪاريءَ” جي ڊپ هئڻ وارو ئي راز سمايل آهي، ڌيئرون قتل ٿينديون، ڌيئرن جي ڪوڻين ۽ رابيل جي پنکڙين کان ڪنئرن جسمن تي ڪهاڙيون رقص ڪنديون. مان سمجهان ٿو ته بس اهوئي خوف جو راڪاس آهي جو کين منع ٿو ڪري ته هو ڌيئرن پيدا ڪرڻ جي دعا بدران پٽن پيدا ڪرڻ واري دعا ڏين.
اچو ته اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته مون واريءَ قديم سنڌ جي اترئين حصي ۾ سنڌوءَ جي کاٻي ڪلهي تي آباد ڪيل شهر اسلام آباد ۾ فقيراڻيءَ- زيب النساءَ (مٺڻ خاتون) ستين ڌيءُ کي تازو انگريزي مهيني جنوريءَ ۾ جنم ڏنو آهي. الائي ته ڪهڙيءَ وڏڙيءَ جي کيس دعا لڳي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ خانداني منصوبابنديءَ وارن سان لهه، وڃڙ ۾ نه رهڻ جو سڌو سنئون نتيجو يا ڪرشمو هجي جو هن وقت مون واريءَ فقيرياڻيءَ سان گڏ مان به ست- پٽيتو نه پر ست- ڌيئيتو مرد ملنگ پيءَ آهيان. شڪر آهي جو ڌيئرن جي نالن واري پٽي به ياد ٿي وئي اٿم. سورٺ (نانين ۽ ماسين جو نالو نورجهان)، سهڻي (نانين ۽ ماسين جو نالو نورالنساءِ) سنڌو (نانين ۽ ماسين جو نالومهرالنساءِ)، ڪنول، بي نظير، موکي (نانين ۽ ماسين جو نالو صنم) ۽ خوشبوءِ. پٽن جو ٽارگيٽ ۽ انگ اکر ڪنهن ٻئي ڪتاب جي ڇپائڻ وقت پڌرا ڪبا. هن وقت اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته ڇهن ڌيئن کي تلخيق ڪرڻ کان پوءِ مون پنهنجي فقيرياڻيءَ کي وارننگ واري انداز ۾ ڪراچيءَ کان فون ته چيو ته کيس ستين ڌيءَ هر حالت ۾ ڄڻڻي آهي. جيئن هن پنهنجي هڪڙي پٽ ذوالفقار جي غيرفطري لاڏاڻي کان پوءِ هڪ ٻئي ذوالفقار کي جنم ڏئي مون تي، منهنجي ماءُ- پناهه خاتونءَ، جهڙو ئي احسان ڪيو آهي. منهنجي ساٿياڻي (مٺڻ) ستين ڌيءُ کان پوءِ ڏاڍي خوش آهي. شايد ٻچڙن جي هر ڪا ماءُ Mother Goddess ئي هوندي آهي نه Father Angel
ڪوبه تخليق ڪار هڪ، پُٽيتو پيءُ هجي يا چار، ڏيئتيو، ڏٺو ويو آهي ته گهڻن ٻارن کي تخليق ڪار ٿيڻ کان پوءِ “ڊيڄڙي” جي بيماري ٿيو پوي.
ڌرتيءَ جي گولي تي ليڪن، لڪيرن، دائرن، حدن، حد- بندين پوڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اُهي اديب ۽ شاعر جيڪي سڌيءَ توڙي غير سڌيءَ طرح پگهار دار آهن، تن کي ڊيڄڙي جي بيماري ٿيڻ هڪ لازمي امر آهي. پيٽ – پوجا جي وسيلن تي ڪنهن ٻيءَ طاقت جي قبضي هئڻ ڪري، هو ايترو ته مجبور ۽ بيوس ڏسڻ ۾ ايندا آهن جو ننڊ ۾ دبرڻ ۽ جابلڻ لڳندا آهن. جنهن ڪري سئين سڌي واٽ وڃائي، حق سچ کان منهن موڙي يا ته ڪوڙ ڪمائڻ لڳندا آهن يا وري اهڙي چوواٽي تي اچي بيهندا آهن جو سندن پير جنهن به ڌرتيءَ کي ڇهندا آهن، هو ان ڌرتيءَ جي رستن تي ئي هلڻ ۾ عاقبت سمجهندا آهن. پوءِ ڇو نه اهو رستو کين کڏ يا اوندهه انڌوڪار ڏي وٺي وڃي، مزي جي ڳالهه هيءَ آهي جو هو سمجهندا به آهن، ته هو جو ڪجهه تخليق ڪري رهيا آهن سو ان جي ابتڙ ئي آهي جو هو محسوس ڪري رهيا آهن، پر پوءِ به هو ان ٻه - مهين بلا کي پنهنجي آئندي جو ڇوٽڪارو ۽ اوتار سمجهندا آهن. آءٌ اهڙيءَ ٻه- مُنهين بلا کان سان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ادب، ادب هوندو آهي. شاعري، شاعري. مصلحت پسندي، مصلحت پسندي هوندي آهي، جنهن جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ کانپوءِ تخليق ڪار جون تخليقون انسان ذات جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ وارو ڪم ڪنديون آهن ۽ نه ملم- پٽيءَ جو. مون ڏٺو آهي ته ان قسم جا اديب ۽ شاعر ايڏو ته بي وس ۽ مجبور هوندا آهن جو ستت ئي يا ته مور واري چال کي ڪانءَ واريءَ چال به بدلائي ڇڏيندا آهن يا وري چاليهارو سال جيئري رهڻ کان پوءِ ملان مٺي وانگر ٻانگن ۽ صلاتن تي زور ڀريندا آهن.
شاعر۽ اديب سماج يا قوم سان ڳنڍير جي ڳنڍين جيان ڳنڍيل ٿو ٿئي، کيس ڪنهن به طرح سماج کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. هو جيڪو سوچي ٿو ۽ لکي ٿو، اُهو ان ئي سماج لاءِ آهي، جنهن سماج ۾ هن جنم ورتو آهي. هو ڪنهن ٻيءَ آسماني مخلوق يا ديون ۽ پَرين لاءِ نٿو لکي. هو ان لاءِ نٿو لکي ته انساني بستين کي ڇڏي، ڪنهن رڻ پٽ يا صحرا ۾ پاڳل يا چرين ماڻهن وانگر وڃي پنهنجا گيت آلاپي.
گذريل ٽن- چئن ڏهاڪن جي تجربي کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پنهنجي مَنهن ۽ ماڳن ۾ سچ- حق تي لکڻ واري تخليقڪار، جي اها ئي حيثيت ڪَٿي وئي آهي جا آءٌ مٿي بيان ڪري آيو آهيان. کيس اهڙو ڪوبه حق ناهي ته هو پنهنجين تخليقن کي انساني بستين سان جوڙي ڇڏي. ان جي اُبتڙ ڪنهن پاڳل انسان وانگر هو وڃي ويران وستين، يا ڀٽن جي وچ ۾ بيهي پنهنجا راڳ آلاپي، پکين ۽ جانورن کي خوش رکي. اهڙن غاصبن ۽ غير انساني قوتن کي ڪير سمجهائي ته تخليق ڪار جو واسطو جياپي ۽ پيدائش جي وسيلن سان ئي هوندو آهي. ماڳن، واهڻن ۽ وسندين کي پاڻي نه ملندو ته مان پاڻيءَ جي وهڪري ۽ سنڌوءَ جي سڪل پيٽ تي لکندس. منهنجي پنهنجي پاڻيءَ کي جڏهن بندن، دٻهڙن، ڪوڙڪين ۽ پڃرن ۾ ڦاسايو ويندو ته پوءِ مان- ماڻهو، ماڻهوءَ جو پٽ، اُنهن پڃرن ۽ بندن کي ٽوڙڻ لاءِ ئي لکندس. اهو حق مون کان ڪير به نٿو کسي سگهي. اها ڪا هٺ- ڌرمي ناهي، پر اُجري کير جهڙي هڪ اُجري حقيقت آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ته پوءِ مون ۾ ۽ هڪ گونگي ۽ پنجن ٽڪن تي وڪاڻل تخليق ڪار ۾ ڪهڙو فرق وڃي بيهندو!
جڏهن ارغوني ٽولا منهنجي ماڳن تي اتر کان يلغار ڪندا آهن، اُن وقت مون کي شاعر ٿيڻ سان گڏ ڄام نظام به ٿيڻو پوندو آهي. جڏهن ننگر ٺٽي تي چڙهائي ٿيندي آهي ته ان وقت مون کي ڄام بابينو به ٿيڻو پوندو آهي. جڏهن سنڌ جي کيتن کي لانگ بوٽن سان لتاڙيو ويندو آهي، جڏهن سنڌ جي زمين ۾ ڪئا ۽ ڪُيون بورنگ ڪري، ڪئاڪر ڪڍي، ٻرڙ ۽ سرنگهون جوڙيندا آهن، اُن وقت مان ته ڇا، پر هن ڌرتيءَ جي جهونڙن ۽ وقت کان اڳ جهري پوندڙ تخليق ڪارن- جمال ابڙي، ابراهيم جويي، گرداس واڌواڻي ۽ اياز جي ڏڪندڙ هٿن مان ڪريل قلم به لکڻ شروع ڪندا آهن. پوءِ به مون کي چيو ٿو وڃي ته مان “ماءُ جي هنج” تي نه لکان پنهنجي ئي کيتن ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن لاهياريءَ جي چڱي چٽ ۽ سندس ڪانبي ۾ ڪڻڪ جي لٿل کُنڀ مٿان رکيل ڏاٽي تي نه لکان. سنڌوءَ جي تاساري پٽ، ساڙيل ٻيلن، واري اڏائيندڙ ٻيلاٽين، ڦٽل گهاٽن ۽ واهڙن تي نه لکان. جيڪي ڪانوَ چاڏين تان منرا ۽ ڍڪڻ ڪيري، مهي ۽ مکڻ ٻيا چورائين، انهن ڪانون تي گليليون ۽ سينـڱون تاڻڻ ڇڏي ڏيان. مان ڪو دُٻي جو ڪڇون ناهيان جو مُنڍيءَ کي هڏائين ٽوڪري ۾ لڪائي، هڪ هنڌ بيهي رهان، مان به سنڌ جي مِٽيءَ مان جڙيل هڪ اُهو ماڻهو آهيان، جيڪو خطري جي گهڙيال وڄڻ وقت لکندو به رهندو آهي ۽ دريا خان واري بندوق به هلائيندو رهندو آهي.

تاجل بيوس
10 مئي 1988ع

تاجل “بيوس”
پايونيئر هومز، فيز 1، بنگلو نمبر 3- اي
اسڪيم نمبر 33 سپر هاءِ وي، ڪراچي.