جهڙو ڀلو ڀان، تهڙا ڏانَ ڏياچ جا! ؛ علي دوست عاجز
اڌ صديءَ جي سفر جي ٿڪاوٽ، هاڻ هن جي چهري تي ڪڏهن ڪڏهن نظراچي ويندي هئي. ايترو سفر ۽ اوجاڳو پنهنجي سنگت مان ته ڪنهن ڪونه ڪيو هوندو ، پر هن جي چهري تي ڪڏهن بيزاري يا چِڙ نظر نه آئي. هن جي طبيعت جو ميٺاڄ، هيڪاندن سارن دوستن ۾ ورهائجڻ جي باوجود گهٽيو ڪونه. هن جي آواز جو درد سڄيون سڄيون راتيون ڳائڻ جي باوجود ختم ڪونه ٿيو. هن جو آواز ٿر جي اولاڻن جو اولڙو هو.
صادق جو جيترو آلاپ مٺو، موهيندڙ هو، هن جو کلڻ ايترو ئي وڻندڙ ۽ سندس دل وانگر کليل هو. هن جا ٽهڪ ۽ آلاپ ٿر جي ڀِٽن ۽ ڏهرن تان اڏامندا ڄامشوري جي هوائن ۾، رنگين رَون وانگر پيا وراڪا ڏيندا هئا. ڪنهن کي اهو خيال به نه آيو هوندو ته، ابابيلن جو ارواح رکندڙ هي انسان، جڏهن خانه ڪعبه جو طواف ڪرڻ ويندو، ته واپس موٽڻ جي نه ڪندو. پوياڙيءَ جو ڪيئي ابابيل ڪعبت الله جي هيڏانهن هوڏانهن پيا اُڏارون ڪندا آهن، لڳي ٿو هن کي سندن اها ادا وڻي وئي ۽ هي انهن سان رلي ملي ويو. هاڻي هن کي ڏسڻ لاءِ مٺيءَ بدران مڪي وڃڻو پوندو!
صادق ٻيجل نه هو، ٻاٻيهو هو. جنهن جو روح دوستن مان رڄي نه رڄندو هو. هو دوستن جي ميلن ملهالن ۾ اڳيان اڳيان هو. ائين لڳندو هو ڄڻ هو ڳائيندو ئي دوستن جي دل خوش ڪرڻ لاءِ هو. هڪ وسڪاري جي رات مارئي ريسٽ هائوس تي تاجل بيوس به ترسيل هجي، هن تاجل جو ڪلام ڳايو. تاجل نچڻ لڳو ۽ مون کي به پاڻ سان گڏ هٿ کڻڻ لاءِ زور ڪيائين. هن کي سٺو پئي لڳو. هو سنگت جي ادبي توڙي ذاتي پروگرامن، ڪاڄن ۾ ڪَهي اچي نڪرندو هو. هن ماڻڪن کان وڌيڪ محبتون ميڙيون. هن وٽ طمع جي تنوار نه هئي. هي دولت جون مُٺيون ڀري دل وارن کان ڌار ٿيڻ وارو نه هو. هُن پنهنجون عادتون نه بگاڙيون. هن ساحلي پٽي جي "سُونهڻ" ٻوٽي وانگر کاري (سمنڊ) سان کيڏندي به پنهنجو مِٺو ساءُ نه مٽيو.
سُونهڻ جيئن سيڻن، مِٺو ساءُ نه مٽيو.
سگريٽ سو پيئندو هو.
هن کي سنڌ بي انتها پيار ڏنو. سنڌي ماڻهن ۽ دوستن جي اهڙي رويي جي موٽ ۾، هي هميشه شڪر گذار رهندو هو. هن ۾ "مان" يا وڏائي نه هئي. هي بادشاهه فقير هو. هن کي اهڙي فقيري پسند هئي، جنهن ۾ جيون سان، پاڻ سان تڪلف ۽ اجايو ڏيک نه هو. چوندو هو، "اسان جو هڪ مائٽ چوندو آ، جي ٻيو جنم ملي ته وري به فقير ئي ٿيندس".
گُفتي جو پڪو، چرچو به سُريلو ۽ مهلائتو. پرائي پچار لاءِ وٽس وقت ئي نه هو. جيڪو ماڻهو وڻندو هئس، ان جي تعريف اهڙي انداز سان ڪندو هو جو ٻين کي رد اچي ويندو هو. مثال، چوندو، انهن ۾ آهي ئي جمن دربدر، استاد مٺو ڪڇي ڀِڻان واهه جو ماڻهو هو! جلال چانڊئي جهڙو جوان ۽ مڙس ماڻهو راڳي ٻيو نه ٿيندو.
استاد سلامت علي خان لاءِ وڏي مڃتا ۽ احترام رکندو هو. هن پنهنجن پٽڙن جا نالا به استاد سلامت جي ڀائرن ۽ پٽن کي مانُ ڏيڻ لاءِ ساڳيا رکيا. ٻارن سان تمام گهڻي اٽيچمنٽ. ڪاڏي نڪري ته پٺيان فونون!
ڪجهه ڏينهن اڳ دادو مان گذرندي شام ڌاري فون ڪيائين، ڪٿي آهيو؟ وراڻيم، آفيس ۾. اچي نڪتو، چئي، اڳتي وڃڻو هو، اوهان هُيو ته ملڻ کان سوا ڪيئن وڃون! سندس ننڍڙو رضا ۽ مامي حسين جو پٽ به ساڻ هئس. اها ئي آخري ملاقات هئي، ڄڻ موڪلائڻ آيو هو!
هن سائينداد ساند، اياز گل، شيخ اياز، استاد، آڪاش، امداد، حافظ، اسحاق ۽ ٻين کي ڳاتو. محفلن ۾ شاعر دوستن جا شعر ۽ ڪلام به ته چرچا ڀوڳ به. چوندو، ماڻهن کي الاءِ ڇا ٿي ويو آ جو چون ٿا، سائين علي دوست جو ڪلام ٻڌايو. ذالفقار ارباب چوندو، "تون ڀلا سائين جو ڪلام ڇو نه ٿو ڳائين!" هي چوندو، "تون اهو ٻڌاءِ ته، تو سائين کان ڪيترا پئسا ورتا آهن!" کوڙ رازداريون، همدرديون ۽ پيار سانڍيون ٿي وتيو. فقيرن جون ڳالهيون، اميرن جون ڳالهيون. دوستن ۽ ٻچن سان پيار ڪرڻ وارو انسان هو. اندر ۾ ڏک به هوندس، پر هن جا ٽهڪ ان تلاءَ ۾ پيا ڪنول جيان ترندا هئا. ڪجهه سال اڳي هتي فزيڪل ٽريننگ هجيس، سنڌ يونيورسٽي ۾. سڄو سال اسحاق سميجي سان گڏ رهيو. علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي محفلون ۽ ميڙا. حيدرآباد جڏهن اچي، ضرور ياد ڪري.
يو.ڪي، انڊيا، دبئي وغيره به ويو. آمريڪا جي ويزا نه مليس. سردار شاهه ڀوڳ ٺاهيو. ته امريڪي سفارتخاني وارن چيو ته بيگرس (فقير) آر ناٽ الوڊ!
مينهن وسن ته، اسان به ٿرين جان وڃيو ڀِٽُون وَسايون، پوءِ هڪ اڌ رات ئي سهي. هيل پُڇيو مانس، سائين ڏيو خبر مينهنِ جي! وراڻيائين، سائين، توهان آيوَ ڪونه، پو مينهن وري ڪٿان وسندا!
مون چيو، معنى، مان به ان ڏوهه ۾ قدرت سان برابر جو شريڪ آهيان.
هڪ دفعي اسان پنهنجي گهر جي ڇت تي ننڍن ٻارن پاران ساڻس شام ملهائي، جنهن ۾ ويجها دوست به هئا. ڪلام ٻڌايائين. ايڏو پنهنجو، عزيزن کان به وڌيڪ!
کوڙ يادگيريون آهن، ڳالهين جون، محفلن جون، سفر جون، خاموشيءَ جون. لفظ ته آهن ڪونه، ڳوڙها آهن، جن سان گذريءَ جي ڳالهين کي ڳوهڻو آهي. جيڪو سولو ڪونهي.
مينهن ايندا، مينهن ويندا، مور ٽهوڪا ڪندا، ڪُونجُون ڦيرا ڏئي موٽي وينديون، اکيون آليون ٿي سُڪي وينديون، يار دوست روئي ماٺ ٿي ويندا، پر هو مصري فقير ڏيپلائي وانگر، جڏهن هو ڪجهه وقت اڳي ڪجهه ڏينهن لاءِ مذهبي ٿي ويو هو ۽ ڏاڙهي رکائي هئائين ۽ ڏيپلي ۾ پاڙي واري مسجد ۾ فجر جي اذان جوڳ (راڳڻي) ۾ ڏيندو هو، هي به حرم پاڪ ۾ فجر جو، جوڳ ۾ اذان ڏيئي، ابابيلن سان گڏ طواف ۾ شامل ٿي ويندو.
مِٺي ته وڃبو، اتي نزاڪت آهي، رضا آهي، راحت آهي. نواز ملندو، خليل آ، سائينداد، ذالفقار، کاٽائو، اتي ڀِٽون آهن، گڊي ڀِٽ آ- پر مون کي ڊپ ٿو لڳي، رات جو گڊي ڀِٽ، جتان مٺي جو شهر خواب وانگر لڳندو آهي، روئي نه پوي! ۽ منهنجي نڙيءَ ۾ ڀرجي آيل ڪڙاڻ وانگر متان مِٺي به ڪڙي نه لڳي!!